ضراب حيدر
سينيئر رڪن
ڄامشورو به پوڙهو ٿي ويو نيٺ…
ضراب حيدر
اڄ وري آئون دشمن ڳولهي رهيو آهيان؟!!
ماڻهوءَ جون ڪيفيتون به عجيب هونديون آهي، عمر ڀل ڪيترا به ليڪا لتاڙي وڃي پر طبيعت جو نڀاءُ حالتن سان ڪڏهن به ڪو نه ٿيندو آهي. شايد اُهي ماڻهو خوشنصيب هوندا آهن جيڪي زماني ۽ حالتن جي سانچي ۾ ڍلجي ويندا آهن.
سوچيان ٿو ته ماڻهو اڪثر دوست ۽ دوستيون ڳولهڻ ۾ عمر گذاري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن وري اڪيلائي ماڻهوءَ جي دوست بڻجي ويندي آهي.
سنڌ تي جهولن پنهنجا پير سوريا آهن ۽ هلڪي لُڪ لڳي آهي ته انبڙين جهڙي کٽاڻ من ۾ واسو ڪرڻ لڳي آهي.
زندگيءَ جو سمورو ٻور ڇڻي وڃڻ کانپوءِ ايئن پيو لڳي ڄڻ ته هر طرف اساٽ آهي دِل الائي ڇو دلبري تلاش شروع ڪئي آهي دوستن جي، دوست جيڪي ٽافين ۽ کٽمٺڙين جي پنين (Covers) جيان پنهنجا رنگ وڃائيندي به کٽن مٺن احساسن سان دل تي موجود آهن. ڪو دوست ڪو يار مُرڪي نهاري ٿو، ڪو لمحو فارمل ئي گڏ گذاري ٿو ته چيڙيل اکين واري چترا جا ٻول دل تي تري اچين ٿا.
دشمون ڪو چٺِيان لکو،
دوست خير خواهه هو گئي.
اڄ دل الائي ڇو دشمن ڳولهي رهي آهي؟!!
پر ڪيڏو نه حيرت جو مقام آهي جو دشمن هاڻي ملن ئي نٿا، ڪيڏا نه ناياب ٿي ويا آهن دشمن به!!
تڪ تور ڪجي ٿي ته وقت ۽ حالتن جي وِير ۾ انهن جا معيار به انوکا بڻجي ويا آهن، هاڻي ته ايئن پيو لڳي ڄڻ ته اسين پنهنجا ويري پاڻ هجون، دل جو دامن ڦهلايون ٿا ته اُهو چڪنا چور آهي. هنڌان هنڌان ڦاٽو ۽ اُڊڙيو پيو آهي. ماضيءَ جي سرحد وڃي دنگ ڪري ٿي صرف ٿڌن شُوڪارن تي، جتي گل ٻاٽِيون ۽ هٻڪاريون هيون.
سالن پڄاڻان ڄامشورو ويس ته جهمپير جون يادون اچي ويون، هڪ طرف سارنگ درس جا ٽهڪ ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته ٻئي طرف رسول بخش درس جو آليون اکيون ڪينجهر بڻجي سامهون بيهي رهيون.رسول بخش درس جون اکيون ڪينجھر جيان گهرائي ۽ اتهاس سا ڀريل آهن ۽ سارنگ جا ٽهڪ مڪليءَ جي ماٺ تي ڄڻ ٺٺوليون ! ها الائي ڇو ڄامشورو ۾ طارق عالم جون مُرڪون ۽ ادائون ياد آيون ته حسن جون تباهه ڪندڙ شاعريون من ۾ پيهي ويون.
تو ن تـ جانان! ٿي لڳين جوڳڻ جيان،
هي سندءِ يونيورسٽي ۽ تنهنجو در ڏسان،
ٿو وڄايان گھنٽي جڏهن ،
ڦوڪ ڏيو نڪري اچين ڦڻ جيان.“
الائي ڇو لڳي ٿو ڄامشورو هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي بيواهه ٿيڻ واري آهي.
منهنجو هي دردناڪ احساس شايد اڄ ڪوئي به سمجهي نه سگهي پر آئون اُنهن روئيندڙ اکين ۽ کلندڙ ٽهڪ ڏيندڙ چپن جو قسم کڻي چوان ٿو ته ڄامشورو جيڪو سدائين نينهن جو نشو ڪندڙ هو، دوستين جو ٺرو (جام) پيئندو هو سو هاڻي لڙ کڙائي رهيو آهي ۽ اکين ۾ ڪجل پائي ڪونج جهڙي ڳچيءَ ۾ پيار جو حَسيون وجهي ڪنواري لوڏ (ٽور) سان جيڪا هي سنڌ يونيورسٽي هلندي هئي، ان پنهنجي وقت جون سموريون چوڙيون ڀڃي اکين ۾ لڙڪ آڻي وارن ۾ ڌوڌر وجهي ڇڏي آهي.
سُر ديسيءَ جهڙيون هاڻي رمزون ڪٿي رهيون آهن اُنهن پيچرن تي جيڪي مَدن جيان سدائين مست هوند
هل ڙي! ڇا ته زمانو هو جڏهن ڄامشورو ۾ هوائون به سرگوشيون ڪندي مِلنديون هيون، اتي اڄ مروئي مقام جهڙي ماٺ آهي.
پويلين کان وڪڙ کائي علامه آءِ.آءِ قاضيءَ جي چيلهه ۾ ستل ايلسا قاضيءَ جي مزار کان هوائون جڏهن سئنٽرل لائبريري ڏانهن چڙهنديون هيون ته انهن ۾ چيلهار جي مورن جهڙا ٽهوڪا ۽ لاڙ جي بلبلن جهڙي چهڪار هوندي هئي، ان لمحي بيد مشڪ جا تنها سفيد مُر ڪندڙ وڻ به حليم بروهيءَ جهڙا ٽهڪ ڏيندي نظر ايندا هئا، اڄ اهي ٽهڪ يار دليپ ميگهواڙ ۾ پسندو آهيان ته مونکي اڪبر جسڪاڻيءَ جون اڪيلايون به ياد اچي وينديون آهن. اڄ جڏهن شهباز منصور ۾ حفيظ ڪنڀر جا اولڙا ڏسندو آهيان تـ مسعود لوهار جهڙا بي وفا ماڻهو بـ ياد پوندا آهن، باکرين هوٽلن تي چانهون پيئندڙ ۽ ٻيڙيون دکائيندڙ اُها سنگت هاڻي شايد اسان فقيرن سان مِلڻ لاءِ بـ تيار ڪونهي.
سنڌ يونيورسٽي جيڪا منهنجي درسٽي (ذهن ۾ ويٺل سوچ) هئي سا تـ ڪڏهڪو لوئجي چُڪي آهي، جيئن ڪنهن غلام جي سوچ لوئجي ويندي آهي يا وري جيئن ڪنهن رٽائر ملازم ڪاموري جي سوچ بدلجي ويندي آهي.
اڄ دل وري ڳولهڻ نڪتي آهي دشمن….
پر هاءِ ڪيڏو نه وڏو الميو آهي جو ڪو به دشمن نٿو ملي. سنڌ يونيورسٽيءَ ڪيڏا نه گيت آلاپيا، ڪيڏيون نه لوليون ۽ ٻوليون ڏئي دشمن کي دلبر ۽ رهزن کي رهبر بڻايو، اڄ اها ڏهاڳن جو ويس ڍڪڻ لاءِ سفيد بيد مشڪن ڏانهن به نٿي نهاري، فزيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ايوان ۾ ميڊم فهميده ميمڻ ۽ دين محمد شيخ جي سنجندگين کان وٺي فارميسيءَ جي سائين فاروق انصاريءَ مرحوم جي ڪاوڙ حڪيم دائي جي دلاسن ۽ رحيم ڀٽيءَ جي يارين ۾ سنڌ يونيورسٽي اوچتو اوچتو اداس ڇو ٿي وئي؟؟؟
ڪاش! ڪو ته وڻجارو موٽي ها!؟ ڪا ته سنڌ يونيورسٽي ۾ به وڻجاري بڻجي ها ۽ سُر سامونڊي جا سانباها ڪري ها….
هي جيڪو منهنجي هينئين ۾ اُڊڪو ٿي پيو آهي اُهو ڀلا ڪنهن کي محسوس ڇو نٿو ٿئي؟!!
پوسٽ آفيس جي ڊٺل عمارت تي هي شام جا پاڇا جيڪي لهي آيا آهن، انهن ۾ رات جي تاريخيءَ سان گڏ ڄامشوري جي ڪراڙپ جون ريکائون ڇو پيون نظر اچن؟
۽ آئون وري پيو ڳولهيان دشمن
مون کي اڄ پيارو اصغر قريشي پيو ياد اچي جيڪو ڪامريڊ جي روپ ۾ هڪڙو صوفي ماڻهو هو، اڪثر سنڌالاجي جي پارڪ ۾ ويهي رڙيون ڪندي مونکي چوندو هو،
”يار! هن نگريءَ کي ڏس نه ، ڪيڏي ته کليل وسيح ۽ دلبر نگريءَ آهي سنڌ يونيورسٽيءَ جي، هن نگريءَ ۾ پنهنجو ڪوئي دشمن نه اٿئي
پر يار…. پاڻ ئي پنهنجا دشمن آهيون. “
اڄ الائي ڇو لڳي ٿو ته اصغر درست هو اسين نه صرف پنهنجا دشمن آهن، پر وڏا منافق به آهيون، ڇو ته دشمن بهرحال کليل طور تي سامهون ايندا آهن ۽ اسين پنهنجا ئي ڳُجها دشمن آهيون.
راءِ چند هريچن جهڙي اُستاد 1935ع ۾ انتهائي اونڌاهي دؤر ۾ ڪشالا ڪڍي تاريخ ريگستان ڪتاب لکيو، صديق مسافر علم جي شمع روشن ڪندي هڪ اهڙو ته شاگرد پيدا ڪيو جنهن تعليم سان وهانءُ ڪندي زندگي اڪيلي گذاري ڇڏي ۽ مڪتب ۽ تعليم جي معيار کي ڪنوار جيان سجائي ڇڏيو، ها بلڪل ايڇ.ايم خواجه (حاجي خان مهر علي خواجا) به هڪڙو ليجينڊ استاد هو جنهن هڪ لمحي لاءِ به استاد جي پيشي کي نه لڄايو
آئون وري به دشمن ڳولهڻ نڪتو آهيان،نظر ڊوڙايان ٿو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايوان ۾ ڪيترائي دوست ڪتاب بغلن ۾ کنيو، بليڪ بورڊن تي اهڙا ليڪا ڪڍن ٿا جيڪي ڄڻ مقدس اداري جي تقدير تي ڄڻ ڪراس جا نشان آهن، سنڌي سائنس بورڊ جيڪو هاڻي شايد بسن جو اڏو يا وري پوليس جو آکاڙو بڻيل آهي، کان وٺي اهڙا ڪيئي الميا آهن جن کي پروڙڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن به دشمن ڳولهن جي ضرورت نٿي پوي، جيئن هڪ دلير ۽ دلبر پيءُ کي پٽن جا افعال پوڙهو ۽ ڪراڙو ڪري رکندا آهن ۽ ماءُ کي وقت کان اڳ ۾ بيواهه بڻائي ڇڏيندا آهن.
ايئن ئي اڄ ڄامشورو کي پنهنجائي پٽ پوڙهو بڻائي رهيا آهن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي بيواهه.