ڊسٽ بِن

'ڪهاڻيون' فورم ۾ فرح ديبا چنگيزي طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2017۔

  1. فرح ديبا چنگيزي

    فرح ديبا چنگيزي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    گهريلو ناري
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڊسٽ بِن


    فرح ديبا چنگيزي


    سائيڪل جا پيڊل هلائيندو هو اچي رهيو آهي.

    سائيڪل جي هينڊل ۾ سندس مانيءَ واري ٽِفِن لڙڪيل آهي ۽ پويان ڪيريئل ۾ سندس فائيلن جو ٿيلهو اٽڪيل آهي.

    هو زماني ۽ حالتن جي پريشانين باوجود ڏاڍو خوش آهي جو صبح، آفيس نڪرڻ مهل سندس گهرواريءَ هر روز جيان کيس ڳراٺڙي پائي چيو هو،

    ”پنهنجو خيال ڪجانءِ، ماني ٽائيم تي کائجان“ هو اُنهيءَ خيال ۾ گُم هو، سائيڪل جا پيڊل هلندا ٿي ويا ۽ سائيڪل معمولي تيزيءَ سان سندس آفيس ڏانهن ويندر رستن ۽ وڪڙن تان هلندي اڳتي وڌندي ٿي وئي.

    فراز سرڪاري ملازم آهي. هو جنهن آفيس ۾ ڪلارڪ آهي اُنهي آفيس جا پٽيوالا به موٽرسائيڪلن تي گُهمندا آهن باقي ڪلارڪ ۽ آفيسر ته گاڏين ۽ بنگلن وارا آهن. فراز روزانو سائيڪل تي آفيس ويندو آهي. ٽِفِن ۾ رکيل ماني لنچ بريڪ ۾ ڪڍي کائيندو آهي. حق حلال جي دال روٽي کائڻ کانسواءِ فراز کي ڪجهه به ٻيو کائڻ جي حسرت يا طلب نه ٿيندي آهي جيئن اڪثر حرام جا ٻاڙيل ملازم پيٽ ڀريل هوندي به ٻين جو مال پاڻ ڏي سوريندا آهن.

    غريبي حال جو شِڪوو سندس زال سحر به ساڻس ڪڏهن نه ڪيو آهي. هوءَ پنهنجي ڌيان ۽ پيار سان فراز کي ايڏو ته مالامال ڪري چُڪي آهي جو دنيا جي سحر ۽ رنگينيءَ تي سندس اک نه ٻُڌندي آهي، نه وري ڪنهن جو ٺٺ ٺانگر ڏسي کيس ڪنهن محروميءَ جو احساس ٿيندو آهي.

    فراز ساڳئي رفتار سان سائيڪل هلائيندو سحر جي ڳراٺڙيءَ واري سحر ۾ وڃي رهيو هو. شهر جي مصروف چوڪ تي اوچتو هڪ تيز رفتار گاڏيءَ جي بريڪ لڳڻ جا چيڪات ٿيا، هڪڙي سفيد رنگ جي ڪار سندس سائيڪل سان ٽڪرائجي وئي. جيتوڻيڪ بريڪ لڳڻ سان ڪار جي رفتار ۾ ضابطو اچي ويو هو پوءِ به هو ڪار سان ٽڪرائجن ڪري پاسيرو وڃي ڪريو هو. ڪجهه ماڻهو کيس اُٿارڻ لاءِ يڪدم مٿس مِڙي ويا. هو ماڻهن اڳيان تماشو بڻجن کان اڳـ۾ اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر گوڏي ۾ لڳل شديد ڌڪ ڪارڻ اُٿي نٿو سگهي. ايتري ۾ هڪڙي حسين عورت سندس مٿان اچي بيهي ٿي، پنهنجي اکين تان سِليٽي چِشمو لاهيندي کيس چوي ٿي،

    ”اوهان ٺيڪ ته آهيو نه؟! ڌڪ گهڻو ته ناهي لڳو؟“

    ”نه نه خير آهي مونکي ڪو گهڻو ڌڪ ناهي لڳو.“ هو اُٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ناڪام رهي ٿو. سندس اِها حالت ڏسي اُها عورت کيس مخاطب ٿيندي چوي ٿي،

    ”اوهان کي ته ٺيڪ ٺاڪ ڌڪ لڳو آهي، اُٿو هَلو هاسپيتل، آئون ٿي اوهان کي وٺي هلان.“

    هوءَ پنهنجي ڊرائيور کي سڏ ڪري ٿي. ڪجهه ماڻهو کيس سهارو ڏئي اُٿارين ٿا ، هو جيئن اُٿي سندس سامهون بيهي ٿو ته ساڳئي عورت حيرت وچان چوي ٿي

    ”فراز!تون؟“

    فراز هلڪي زرد مُرڪ مُرڪندي کيس نهاري ٿو، ڪا به ورندي نٿو ڏي. ايتري ۾ ڊرائيور اچي وڃي ٿو.

    ”تون، هِن صاحب جي سائيڪل ڪاهي اسپتال اچ، مان کيس ملم پَٽي لاءِ وٺي ٿي هلان.“

    ڊرائيور ’يس ميڊم‘ ڪري فراز جي سائيڪل کڻي ڪاهي ٿو. هڪ اڌ ماڻهو سهارو ڏئي فراز کي ڪار ۾ ويهارين ٿا. هوءَ ڪار ڊرائيو ڪندي تيزيءَ سان ماڻهن جي هجوم نڪري وڃي ٿي.

    ”تون سائيڪل تي فراز؟!“

    ”مان ڪو مُلڪ جو والي ته ناهيان جو هيليڪاپٽر تي هوندسُ“

    سور واري گڏيل تاثر سان فراز هلڪڙو ٽهڪ ڏئي ٿو.

    ”تون صفا نه بدليو آهين فراز.“

    ” ها پر وردا، تون تمام گهڻي بدلجي وئي آهين، مون ته توکي سُڃاتو ئي ڪونه.“

    وردا ٿورو مُرڪندي،

    ”ها! تون وڏو ماڻهو، اسان غريبن کي ڪٿان سُڃاڻيندين!“

    فراز کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو،

    ”ٽوڪون ٿي ڪرين؟“

    فراز سندس ڳالهائڻ وارو انداز سمجھي رهيو هو، هُن اِهو به ڄاتو پئي ته وردا ماضي ۽ پنهنجي ڪاڻياري هُجن کي لِڪائڻ لاءِ اهڙي انداز ۾ گُفتگو ڪري رهي هئي. ماضي جنهن ۾ هوءَ سوين هزارين مجبوريون ۽ بي وسين جا جواز ڄاڻائي سندس پانڌ ڇڏائي وئي هئي. وردا اسٽيٽس ۽ الفت کي ٻن الڳ الڳ ڇيڙن تي بيهاريو هو، هُن زندگيءَ ۾ هڪٻئي جو ملڻ ايئن ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو هو جيئن اُتر ۽ ڏکڻ قطب جو ملڻ ناممڪن آهي.

    ”ڇا ڪندو آهين فراز؟ مطلب ڪا نوڪري ڪو روزگار اٿئي؟“

    ”ها، مان ڪلارڪ آهيان“

    وردا فراز ڏانهن نِهاريو

    ”اڄڪلهه ڪلارڪ به وڏن ٺٺن ۾ آهن، تون ڪنهن کُٽل کاتي ۾ ڪلارڪ آهين ڇا؟“

    ”مان روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ آهيان“

    ”پوءِ به سائيڪل تي!!؟“

    فراز کي ڄڻ چِڙ لڳي،

    ”سائيڪل تي هلڻ ڪو ڏوهه آهي ڇا؟ ٻيو ته اِها ڇا جي سائيڪل سائيڪل لاٿي اٿئي؟ تو وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪو ٻيو موضوع ناهي!“

    وردا مُرڪي ڏنو،

    ” ڪاوڙ به اڃا ساڳئي اٿئي. ڀلا ٻڌاءِ ڪهاڻيون لکندو آهين؟“

    ”ها ڇو نه، هر روز هڪڙي ڪهاڻي لکندو آهيان“ هلڪي ساهيءَ کانپوءِ ” ۽ پوءِ اُها ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائي ڇڏيندو آهيان.“

    ”چئبو اڳي جيان اڃا پنهنجو پاڻ تي اعتماد نه آيو اٿئي، اڃا تائين ڪهاڻيون ڊسٽ بِن ۾ پيو اُڇلائين.“

    ” ڳالهه اعتماد جي ناهي، سنڀال جي آهي. مونکي لڳندو آهي ته مان پنهنجون اُهي ڪهاڻيون سنڀالي نه سگهندس ۽ جي سنڀالي به ورتم ته اُهي منهنجي ڪهڙي ڪم جون؟ منهنجي پنهنجي ڪهاڻي ئي رُلي وئي. ڪاش.......!“

    ”ڪاش! ڇا؟“ وردا تجسُسُ ۽ گهرائي وچان پُڇيو،

    ”ڪاش! وردا تون منهنجي ڪهاڻي سنڀالي سگهين ها.“

    وردا محسوس ڪيو ته هوءَ ڏوهاري آهي هُن ان الزام کان بچڻ لاءِ ڪار جو ايڪسيليٽر وڌائي ڇڏيو، ڪار جي تيزيءَ ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي. ڪجهه لمحن ۾ ڪار جو بريڪ هڪ عالشان خانگي اسپتال جي عمارت ٻاهران لڳو. فراز جي ملم پَٽي ٿي، دوائون اچي ويون ۽ هو ٻئي ڄڻا آهستي آهستي هلندا اسپتال کان ٻاهر آيا.

    وردا موبائيل تان نمبر ملائي موبائيل ڪن تي رکي،

    ”ڊرائيور، ڪٿي آهين؟ تون حِرا هاسپيٽل تي اچ..“ وردا موبائيل ڪن تان لاهيندي فراز طرف نهاريندي چيو،

    ”پنهنجو سيل نمبر ته ٻڌاءِ....“ فراز ٿورو مُرڪيو

    ”مون وٽ موبائيل آهي ئي ڪونه.“

    ”ڪٿي وساري آيو آهين؟“

    ”نه، مان موبائيل رکندو ئي ناهيان.“

    ”ڇو..؟“

    ”مونکي ڪڏهن ان جي ضرورت ئي محسوس ناهي ٿي.“

    ”هِن دؤر ۾ به تو وٽ موبائيل ڪونهي! حيرت آهي.“

    ”وردا، مان دؤر ۽ زماني جو محتاج ڇو ٿيان؟ جيڪو دؤر مونکي پنهنجو پان سان کڻي نٿو هلي، مان اُن جي ڪڍ ڇا لاءِ ڊوڙان؟ ٻيو ته مان ريس ڪورس جو گهوڙو به ناهيان. تو جتي ڇڏيو مان اُتي ئي بيٺل آهيان ، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ منهنجي تمنائن ۽ حسرتن جون پينڊوليم اُتي ئي بيهي ويو.“

    وردا جي پيشانيءَ تي هلڪو پگهر نِسري آيو جيڪو هُن پرس مان ٽِشو ڪڍي اُگهيو،

    ”فراز هڪ ڳالهه چوانءِ.“ هُن ورندي ملڻ بجاءِ وري ڳالهايو،

    ”ها فراز مڃان ٿي مان توسان گڏ هلي نه سگهيس، منهنجو مجبوريون سمجهين يا بي وفائي. تون اُن جي سزا مونکي ڏيڻ بدران پنهنجو پاڻ کي ڇو پيو ڏين؟ فراز زماني سان گڏ هلڻ سِک، پليز.“

    فراز ڪا به ورندي ڪونه ڏني. وردا پرس مان هڪڙو وزٽنگ ڪارڊ ڪڍيو، فراز کي ڏيندي چيائين،

    ”هي منهنجو ڪارڊ آهي، مونسان ملجانءِ هڪ دفعو پليز، مان توکي ڪجهه ٻڌائن ۽ ڏيڻ چاهيان ٿي.“

    ”ڇا ٿي ٻُڌائڻ ۽ ڏيڻ چاهين؟“

    ” شايد گهڻو ڪجھه، اُهو ڪجهه جيڪو توکي زماني سان هلڻ سيکاري ۽ سمجھائي سگهي.“

    فراز خاموش رهيو، وردا وري ڳالهايو،

    ”منهنجو هسبينڊ ڪمشنر آهي، ڪو به ڪم هجئي ته ٻڌائجان، ڪي سُٺي ٽيبل يا من گُهري پوسٽنگ ڪرائڻي هجئي ته به بي ڌڙڪ ٿي هليو اچجان، تنهجو هر ڪم ٿي ويندو.“ وردا فراز ڏانهن مُرڪي نِهاريندي رهي. فراز جون اکيون ڀرجي آيون،

    ”واهه، وردا واهه! مون سمجهو تون بدلجي وئي آهين پر تون ته اُها ئي ساڳئي مڪار عورت آهين جنهن جي نظر ۾ اسٽيٽس پيسو ۽ دولت سڀڪجهه هوندي آهي. واهه وردا! تون منهنجي محبت جي بدلي ۾ مونکي بي ايماني ۽ بدعنواني ڏَسن يا ڏين چاهين ٿي. واهه واهه وردا، واهه جو مُلهه ڪيئه منهنجي چاهت جو....“

    ايتري ۾ ڊرائيور سائيڪل ڪاهي اچي ويو. فراز ڊرائيور کان سائيڪل وٺي لانگ ورائي، سور هجڻ باوجود هو تيزي سان سائيڪل جا پيڊل هلائڻ لڳو ۽ ويرم ۾ وردا کان ڏور نِڪري ويو. اڳتي اچي هُن وردا جو ڏنل ڪارڊ سامهون ڪري ڏٺو ڌِڪار واري انداز ۾ هُن ڪارڊ روڊ سان وهندڙ وڏي نالي ۾ اُڇلائي ڇڏيو، آفيس آيو موڪل جي درخواست لکي گهر روانو ٿي ويو.

    فراز جيئن گهر جي دروازي تي پهتو ته ڪوريئر سروس جو نمائيندو ڪو پارسل کڻي سندس در تي بيٺل هو، سندس پُڇا تي نمائيندي کيس ٻڌايو ته فراز جي نالي پارسل آهي. هون پارسل ورت ۽ دروازو کڙڪايائين. سحر دروازو کوليو هُن سائيڪل اندر ڪئي ۽ يڪدم پارسل کوليائين. پارسل ۾ هڪ ڪتاب جون پنج ڪاپيون هُيون، سهڻي ٽائيٽل واري ڪتاب جو عنوان هو ’ڊسٽ بِن‘ ۽ ليکڪ جو نالو هو فراز. هو حيرت ۾ پئجي ويو، تڙ تڪڙ ۾ ڪتاب جا ورق اُٿلائڻ لڳو. ڊسٽ بِن ۾ اُڇلايل سندس سموريون ڪهاڻيون اُن ڪتاب ۾ ڇپيل هُيون. فراز حيرت وچان سحر ڏانهن نهاريو،

    ”منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو، حيرت آهي ڪنهن ڇپرايو آهي؟“

    سحر، فراز طرف خوشگوار مُرڪ نهاريندي چيو،

    ”اِهو مجموعو مون ڇپرايو آهي.“

    ”تو، پر ڪيئن؟“

    ”فراز منهنجو ماسات ادا امتياز هڪ پبليشنگ اداري ۾ ڪم ڪندو آهي. تون جيڪي ڪهاڻيون لکي ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائي ڇڏيندو هئين ، سي آئون کڻي پڙهي، سنڀالي رکندي هيس. هڪ دفعي جڏهن مان امان وارن وٽ وئي هيس ته ادا امتياز به اُتي آيل هو. مون تنهنجي ڪهاڻين جو ذڪر ساڻس ڪيو هو، کيس اِهو به ٻڌايو هئم ته ’تون ڪهاڻيون لکي ڊسٽ بِن ۾ اُڇلائي ڇڏيندو آهين‘ هُن مونکي پنهنجي اداري جي ائڊريس ڏيندي چيو هو ته ’مان تنهنجون ڪهاڻيون کيس پوسٽ ڪريان‘ مون ايئن ڪيو. مون توکان اِهو سڀڪجهه لِڪائڻ جي غلطي ڪئي آهي جو جيڪڏهن توکي ٻڌايان ها ته تون ڪڏهن به ڪهاڻيون ڇپائڻ تي راضي نه ٿئين ها، ٻيو ته مونکي توکي سرپرائيز ڏئڻو هو. فراز مان هر حال ۾ توکي بُلند ڏسڻ ٿي چاهيو، ڪوڙ مَڪاري يا فريب رستي نه پر سچائي رستي. جيئن تون سچو ايماندار ۽ پيار ڪندڙ آهين تئين ئي تنهنجون ڪهاڻيون آهن. مان تنهنجي پيار جيڪو شايد وردا سان هو، جنهن جو اندازو تنهنجي ڪهاڻين مان ٿيو هئم. مان تنهنجي پيار ۽ تنهنجي ڪهاڻين کي به سدائين لاءِ زندهه ۽ امر ڏسڻ پئي چاهيان سو اُنڪري مون......“

    هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي سندس اکيون ڀرجي آيون، هوءِ فراز کي ڳراٺڙي پائي روئي پئي. فراز ڏاڍو روئڻ چاهيندي به کِلي ڏنو ۽ اکين ۾ ڀرجي آيل لُڙڪ پي ويو. هو مُرڪندي ڪمري ۾ آيو ٽيبل هيٺان رکيل ڊسٽ بِن کنيائين ۽ وڃي آڳر ۾ رکي ڇڏيائين.
     
    سوجهرو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سوجهرو

    سوجهرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 جون 2011
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    158
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    ماڳ:
    ڪراچي
    تمام بهترين ڪهاڻي
     
  3. عزيزالله ميمن

    عزيزالله ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2012
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    Retired form govt.
    ماڳ:
    ميمن گوٽ ماير

هن صفحي کي مشهور ڪريو