ضراب حيدر ڪراڙ ڪناري اياز، اڄ به اڪيلو!!

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪراڙ ڪناري اياز، اڄ به اڪيلو!!


    ضراب حيدر


    الف شاهه شهيد جي درگاهه سامهون هڪڙي سنهڙي گھٽي شڪارپور شهر جي شيخ محلا وٽ وڃي دنگ ڪري ٿي، جتي اقبال بيگم مدفن آهي. هيءَ سنهڙي سِڌي گِھٽي پنهنجي اُداسي سان اڄ به وِڇائي پئي آهي جنهن کي شايد ڪنهن جي قدمن جي آهٽ جو اوسيئڙو آهي.

    مڃون ٿا ته شڪارپور جون ڳِليون دهلي جي محلي ”بلي ماران“ جي گلي (گِهٽي) قاسم جهڙيون ڀل نه هجن، جتان غالب اُڀريو، پر هي سخي ڳِليون بني هاشم جي سخاوت جهڙا وڏا سلسلا کڻي هَلن ٿيون. ڇوته شيخ محلا مان هڪڙي آڏي تِرڇي گھٽي ڪربلا وٽ اچي کُٽي ٿي، ڪربلا جو پِڙُ، جيڪو لکِيدر وٽان ڪر کنيون بيٺو آهي، هيءَ گھٽي پڻ ’الف شاھ شهيد‘ واري درگاھ کان ايندڙ گھٽيءَ جهڙي آهي، پر روزانو سوَن هزارن ماڻهن جو راهگُذر آهي. اهڙي ئي هڪڙي گِھٽي قاضي حبيب الله اسڪول جون ديوارون ڇُهندي چُمندي شيخ محلا ۾ وڃي پنهنجو پاڻ گُم ڪريو ڇڏي. اهڙيون ٻيون پڻ ڪي گھٽيون ڍڪَ بازار مان وڃي شيخ محلا ۾ کُٽنديون آهن جن تي اياز جون آهٽون اڄ به شايد ڌڙڪن ٿيون.

    شڪارپور جي اُنهن پيچيده سنهڙين گھٽين مان جڏهن ساميءَ جا سلوڪ، سِلوٽون ڀريندا جڳ ۾ وائکا ٿين ٿا ته جيون دان بڻجيو پون جن جو پڻ مٽُ ثاني ڪو ڪونهي. اُنهن ئي سنهڙين کيچلين ڳلين مان هڪ ’مبارڪ‘ ماڻهو، مَها سوچون کڻي ڪُلاچيءَ جي ڪُن ۾ گم ٿي ويو (ها اياز ڪراچيءَ ۾ ئي گُم ٿي ويو هو نه!؟) جيتوڻيڪ اڄ به اُهي سموريون ڳليون اُن شخص جي آهٽ لاءِ اٻاڻڪيون آهن، جيڪو اهڙيءَ رٿَ تي سوار ٿي ڏورانهين ڏيهه هليو ويو، جتان اڃا تائين ڪوئي به واپس نه وريو آهي.

    اياز، جنهن جي جنم ڀُومي شڪارپور آهي، شڪارپور، جنهن اياز کي اعلان ڪيو!!

    اِهڙو اعلان، جيڪو ڪيترن ورهين کان ڌرتيءَ جي دامن ۾ دٻيل هو!!!

    شڪارپور، جتي سونهن ۽ چاهه سدائين ساماڻِيل هوندو آهي، اِهو اِن لاءِ به چوان ٿو، جو شڪارپور جي گِھٽين ۾ مون ڪيڏيون اکيون مانديون ڏٺيون آهن، منهنجو ٻاروتڻ اُن شهر شڪارپور جي گھٽين ۾ رانديون کيڏندي گذريو آهي جن گھٽين مان اياز ڏِيَا ۽ شاعريءَ جون جھولِيون ڀري ويو. ها مان فخر وچان اِهو به چئي سگھان ٿو ته شڪارپور جي مڻيا ئي اياز کي پيدا ڪيو، جنهن شڪارپور جي عمارتن جا بادگير اياز جيان اُچا آهن. جنهن شهر ۾ ساميءَ جا سُلوڪ سَلاٽيل آهن، جنهن شهر ۾ ’منچُرُ شاهه غازي‘ ۽ ’فخرالله شاهه‘ جهڙا مڙس مانجھي ۽ اولياءَ سُتل آهن، تنهن شهر جون ڪرامتون ۽ ڪرم ڪهڙا ڳائجن؟! هي شهر جيڪو پنهنجي ويرانين ۽ بربادين ۾ به اياز جون ساکون کڻي ٿو، سو اياز هڪ دؤر، هڪ اتهاس آهي، جنهن ۾ ارڏائي، هوشياريءَ کان وٺي اُها معصوميت سمايل آهي، جيڪا هڪ شاعر جو حصو هوندي آهي. شڪارپور جي ريوَڙين، نِباتُن، نقُلن ۽ ڀُڳڙن جهڙو مِٺڙو، اُجرو ۽ ارڏو شاعر شيخ اياز، شڪارپور جي ’شاهه ڪڙڪ‘ ۽ ’پنجن پيرن‘ کان گھٽ ناهي، جنهن جي هر رنگ ۾ زندگي ائين پئي نظر اچي، جيئن ڪنهن زماني ۾ سُڪَ پُلِ کان بگين جو گذر ٿيندو هو. جيئن لکِيدر ۽ شاهي باغ ۾ زندگي جا ميلا مچندا هئا. ٽانگي جي نالن جي ٽُٻڙاڪ ٽُٻڙاڪ سان فاعلُن فاعلُن ۽ مُفاعيلن مُفاعيلن جا اُهي آواز، اُهي ادائون ۽ صدائون اڄ به ائين اياز جي مداحن جو احاطو ڪن ٿيون، جيئن ڪِڙي عطا محمد کان اسٽول گنج، واڳڻيدر، سِويدر، لکِيدر، جُماڻي هال ۽ هاٿيدر تائين ڦري ايندڙ موڪرو رستو، شهر شڪارپور جو احاطو ڪري ٿو. جيئن شڪارپور )جيڪا اصل آهي) اُن موڪِري راهه جو احاطو ٽوڙي نه سگھي آهي، ائين ئي اسين اياز جي شاعري جي سحر کان ٻاهر ڪٿي نِڪري سگھيا آهيون؟!!

    زندگي هجي يا بندگي، ڪا ڪِرت هجي يا شاعري، جيڪڏهن اُن ۾ سڀ سانگ سجايو ٿي پوي ته پوءِ ٻيو ڇا کپي؟ تنهنڪري اِهو چئي سگھجي ٿو ته اسان جي محبوب شاعر شيخ اياز جو هر سانگ سجايو آهي، جنهن جو اظهار هن پاڻ به پياري انداز ۾ ڪيو آهي.

    ڪنهن ڪاري چڳ تي رات کُٽي،

    ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦُٽي

    ائين وقت ڪٽيو ائين عمر لُٽي

    سڀ سانگ سجايو آ پيارا...

    مون اڳـ۾ به ڪٿي لکيو هو ته حسن درس جي جوانيءَ جھمپير کان موٽ کاڌي، ايئن منهنجي جوانيءَ ڪراڙ تي دنگ ڪيو) ڇو ته مون جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي لطيف سائين جي نگري ۾ رُلندو رهيو آهيان ۽ پنهنجي مُرشد جي عقيدت ۾ مون جيڪو به پِرايو آهي اُن جو دنگُ ڪراڙ تائين ئي آهي) ۽ اياز اُنهي ڪراڙ جي ڪناري سمورا سانگ سجايا ڪري وڃي سُتو. اِها هڪ وڏي منزل آهي وڏي سعادت آهي. پر الائي ڇو؟ مونکي شاھ جي نگري ۾ تنبوري چؤڪ کان درگاھ تائين هزارن آوازن جا پڙاڏا محسوس ٿيندا آهن، جن مان هڪ پڙاڏو اِهو به هوندو آهي ته ،

    ”ڪهڙي منجھ حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ“

    پر جڏهن ڪراڙ جي ڪناري گھاٽن وڻن جي ڇانو ۾، ثقافتي مرڪز واري ميوزيم جي ڀِڪ ۾ بيهندو آهيان ته مونکي شيخ اياز جي هنن سِٽن جا پڙاڏا ٻُڌجندي محسوس ٿيندا آهن، اياز جيڪو هر سانگ رچائي هر سانگ سجايو ڪري ، لطيف سائين جي چَرنن ۾ )سندس پيرانديءَ کان( سجايو ٿيو. اڪثر سوچيندو آهيان ته آس پاس واري واءُ ۾ هي ڪهڙا آواز آهن جيڪي اڄ به انهي ساڳئي تاثير سان ڀٽڪي رهيا آهن، جهڙي تاثير سان ماضيءَ ۾ محسوس ٿيندا هئا،

    ” ڇو اياز اڄ وري ڇانؤَ ڳولهين پيو“

    مونکي هن لمحي ماضيءَ ۾ پڙهيل هڪ انٽرويو ياد اچي رهيو آهي جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هو، جنهن ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ بلوچ صاحب چيو هو ته ” اياز کي جيتوڻيڪ مٿي کنيو ويو آهي پر اياز کي ٻوليءَ جي ڪا به خبر ڪونهي“

    اڄ بلوچ صاحب ڪونهي نه وري اياز ئي هن دنيا ۾ موجود آهي، بلوچ صاحب جو ڏنل جواب جيتوڻيڪ هينئر سوڌو سوال بڻيل آهي. اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بلوچ صاحب ٻوليءَ جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو هو، سندس ڪم ۽ محنت تي ڪوبه حرف آڻي نٿو سگھجي. پر اياز جنهن انداز سان ٻوليءَ جي پريذنٽيشن ڪئي آهي اهڙو انداز يا ڏانءُ ته لطيف سرڪار کان پوءِ ڪنهن وٽ به نٿو ملي. سو منهنجو پنهنجو خيال آهي ته ٻوليءَ تي مهارت يا ڄاڻ هجڻ هڪ الڳ ڳالھ آهي ۽ ٻوليءَ کي ايڪسرسائيز (مشق) ۾ آڻڻ ٻئي ڳالھ آهي مطلب ته ٻولي کي ٻولائڻ، سَرگمائڻ، رِڌمائڻ الڳ ڳالھ آهي، ٻوليءَ تي تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ سُٺي ڳالھ آهي پر ٻوليءَ کي بيان يا پيش ڪرڻ هڪ ٻئي ڳالھ آهي جيڪا ڳالھ اياز وٽ هُئي. اياز تي ڀل ڪيڏيون به تنقيدون ٿين پر اياز هن ڌرتيءَ جو شاعر آهي جنهن ڏات انوکي آندي، هُن هر سِٽ هر جُملي ۾ ڌرتيءَ کي سمايو، ٻوليندي ٻوليندي پنهنجو سيسُ نمايو، ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين کيس چِشمن چايو،

    آئون ته اِن خيال جو آهيان ته ڪنهن کي به ڪنهن سان ڀيٽڻ نه گُھرجي، شاھ لطيف، شاھ لطيف آهي اُن جهڙو ڪوئي ڪونهي ۽ اياز اياز آهي اُن جهڙو به ڪوئي ڪونهي. نه ڪو لطيف ثاني آهي نه وري ڪو اياز مُقابل آهي، هر شاعر پنهنجي دؤر جو نمائيندو ۽ معصوم ماڻهو آهي جنهن جي پنهنجي رمز، پنهنجي ڪائنات آهي، پنهنجي نِهار پنهنجو مُشاهدو ۽ پنهنجو اظهار آهي.

    سو جنهن رنگ ۾ اياز اظهاريو آهي اُهو رنگ بنھ نيارو ۽ سگھارو آهي، جنهن ۾ پرين ۽ پيار، سنڌ ۽ هُٻڪار هاڻ سوڌو مِهڪندي مِلن ٿا.

    آئون اڄ به شڪارپور ويندو آهيان ته شڪارپور جون اُداس وِڇايل ڳِليون مونکان هڪ شخص جو پتو پُڇنديون آهن جيڪو سکر جا سانگ ڇڏي ڪراچي ڪناري ويو ته وري اُنهن گھِٽين ۾ نه آيو جيڪي اڄ سوڌو سندس منتظر آهن. اُنهن بي نانءُ گھٽين کي ڀلا ڪهڙي خبر ته اياز ڪڏهوڪو پرين پياري جون گھٽيون وڃي وسايون جيڪي لولاڪ نگر ۾ آهن، سو هاڻي ڪڏهن به وري شڪارپور نه ايندو.

    اياز، هڪ ڀيرو شڪارپور اچي سگھيو پئي اُنهن اُداس گھٽين جو داس يا داسڙو بڻجي، جيڪي ڪنهن داسي وانگي پنهنجي ديداور لاءِ روئي رهيون آهن. اياز کي هڪ پل لاءِ ئي سهي شڪارپور کي اُهي جوتُون ۽ روشنيون موٽائي ڏيڻ کپن ها جيڪي هو شڪارپور مان کڻي، شهرِ جانان کي اڪيلو ڪري ويو، شايد اياز اُن شهرِ جانان کي ايئن هميشه لاءِ ترسايو جيئن هُو ’ٽڙي پوندا ٽاريهن‘ ۾اظهاريندو رهيو، ورهاڱي جو درد پنهنجي جاءِ تي پر اياز کي پنهنجي شڪارپور جو به درد هو، جنهن کي هو ڪنهن مصلحت تحت اڪيلو ڪري ته آيو هو پر ڪڏهن به وساري نه سگھيو،

    سؤ ڏک هئا سؤ درد هئا پر زندگي پياري هئي،

    اڌ رات جو ٻٻرن مٿان ڇا چاندني پياري هئي،

    اڄ آڪاش ۾ چند ڏي ٿو وِک وڌايان الوداع.

    شايد اياز اِن سِٽ کانپوءِ شهرِ جانان جو تصور ڪٿي ڪو ٻيو لهي ورتو، يا وري شايد معصوم شاعر جي معصوميت کيس اُن مِٽيءَ کان ڏور ڪري ڇڏيو جيڪا آخري دؤر ۾ پروان چڙهندي چڙهندي اڌوري رهجي وئي. هو يورپ جي مشهور گائيڪ گروپ ”انيگما“ جي هڪ شاندار سانگ وانگي معصوميت ڏانهن موٽي ته آيو پر پنهنجي مِٽي منجھ مِلي نه سگھيو جنهن جي خوشبوءِ سدائين اياز مان ايندي رهندي هئي.

    اياز پنهنجي معصوميت طرف موٽي آيو، انيگما جي ڳايل اُن سانگ جي تَت جيان جنهن جا ٻول ڪرانفاوَ لکيا هئا ۽ ٻڌايو هيائين ته ’ماڻهوءَ کي پنهنجا سمورا خول لاهي اُڇلائڻ گھرجن، لازوال مُرڪ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو روئي به وٺي، ماڻهوءَ کي اِهو ڊپُ نه ڪرڻ گھرجي ته هو ڪمزور آهي نه وري اِهو فخر ڪرڻ گھرجي ته هو ڪو مظبوط آهي، بس ماڻهوءَ کي پنهنجي دِل ۾ ليئو پائڻ گھرجي ۽ اِها ئي معصوميت آهي.‘ اياز تي ڀل ڪيڏيون به تنقيدون ٿين پر هُن آخري وقت ۾ به پنهنجي دِل ۾ ليئو پائي ورتو هو ۽ جيڪي ڪجھ کيس نظر آيو هو هُن اُن کي دُعائن ۾ اظهاريو هو. اياز هر دؤر ۾ روئيندو کِلندو رهيو، جتي هو ارڏو هو اُتي سندس من پشم جيان مُلائم به رهيو، ظاهر آهي ’سرتيون سارو ڏينهن هينئڙو هنڌ نه هيڪڙي‘ وانگي اياز هڪ انسان به هو جيڪو زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جو شِڪار رهيو.

    اياز ويهين صدي جو وڏو ماڻهو هو، هو ڏاهو به هو ته معصوم به .اياز جي پنهنجي هڪ سُڃاڻپ آهي، جيڪا هميشه رهندي پر پوءِ به الائي ڇو آئون جڏهن به ڀٽ شاھ ڪراڙ ڪناري ويندو آهيان ته مونکي اُهو ئي پڙاڏو محسوس ٿيندو آهي جيڪو اياز جو ئي پڙاڏو آهي ڇو ته آئون سالن کان محسوس ڪريان ٿو ته اياز ڪراڙ ڪناري سَجايو هوندي به بنھ اڪيلو آهي،

    ”ڇو اياز اڄ وري ڇانؤَ ڳولهين پيو!!!!......

    هڪڙي ڇانؤَ جيڪا اياز پاڻ سان ويڙهي سمهي رهيو ۽ ٻئي ڇانؤَ جيڪا اياز شڪارپور مان وِسائي شهرِ جانان کي اُساٽ ڏئي ويو. بس هاڻ ته هڪ طرف ڪراڙ ڪناري اُهي پڙاڏا آهن ته ٻئي طرف شڪارپور جون انتظاريون آهن، ڇانؤَ نه شڪارپور ۾ آهي نه وري اياز وٽ.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو