ضراب حيدر ڪهاڻيءَ رقاصا جو ويران بالاخانو....

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪهاڻيءَ رقاصا جو ويران بالاخانو....

    ضراب حيدر


    لکين ڪروڙين ڪهاڻيون روزانو هِن ڌرتيءَ جي گلوب جي گولائي تي گهمنديون ڦرنديون رهن ٿيون، تصويري/ چٽساليءَ جي اُڪريل اهڃاڻن کان وٺي، گم ٿيل تاريخن ۾ به ڪهاڻيءَ جو پنهنجو هڪڙو عروج ۽ ڪمال رهيو آهي. ڌرتيءَ جي وجود تي نظر ايندڙ ۽ ميسارجي ويل سموريون فُٽ پرنٽس (Foot prints) ڪا گواهي يا ثابتي ڏين يا نه ڏين پر اُهي سمورا پيرا لکين ڪروڙين ڪهاڻين جو تسلسل آهن جن زندگيءَ/جيوت کي ارتقا کان عروج تي رسايو. ڀل اسان اُن کي نه ڏٺو هجي، ڀل اسان اُن بابت ڪجهه نه ٻُڌو هجي، پر ڪهاڻي هڪڙو تسلسل بڻجي ڪائناتي ڌماڪي (Big Bang) کان وٺي آدم ۽ آدم کان وٺي تهذيبن جا دؤر اورانگهيندي وقت جي رفتار سان ڪاهيندي آئي آهي.

    ڪهاڻي جيڪا آسماني صحيفن کان وٺي زميني ورقن جي زنده صنف آهي ڪهاڻي جيوت جا سمورا رنگ سمائي ”ڪُن فيڪون“ جي آواز کان سُرندي رڙهندي اچي، تنهن کي جيوت جو ظاهري مرگ ڀَسم ڪري نٿو سگهي.

    هيءَ جا ڪهاڻي هر جيوت هر ڪِرت ۾ وسي پئي، هر رنگ ۽ نسل ۾ کِلي ۽ نچي پئي اُن جو ڪلائيميڪس اڃان ڪٿي آيو آهي!؟ هوءَ جا ڪهاڻي پنهنجي سمورين حُسناڪين ۽ المين سان زنده آهي سا اينٽي ڪلائيميڪس جو يو-ٽرن (U-Turn) ڪاٽي نئين کان نئين دڳ تي پنهنجي سفر سان ڌمالون هڻندي، ٽانڊُو ناچ نچندي مُهين جي رقاصا جيان تخليق جا راز آشڪار ڪندي رهي آهي.

    ڪهاڻي جيڪا منهنجي محبوبا آهي، سا ته مونکان سدائين رُٺل رهي آهي. جڏهن کان عدم جي خواب مان جاڳيو آهيان، اک پٽي اٿم هوش سنڀاليو اٿم کيس پرچائيندو ئي رهيو آهيان. مون جهڙن ٻين ڪيترن چاهيندڙن، عاشقن کان به هوءَ اڃان سوڌو ناهي پرتي. زندگيءَ جي ڪوٺي تي رقص ڪندڙ ڪهاڻي محبوبا، جنهن جي پيرن ۾ گهنگهرن جي گَهنگُهورتا سان گڏ هڪڙِي درد جهڙو ڪٿڪ رَقصندي، کَنڪندي ليئا پائيندي دلين ۽ آرسين جيان ٽُٽندو رهيو آهي، اُن کي اڃان سوڌو ڪنهن به نه ميڙيو آهي. سندس سمورا چاهيندڙ هڪڙي عجيب نشي ۾ اُن ڪٿڪ جون رمزون ۽ راز پروڙڻ ۾ جُڳن کان مَحو رهيا آهن پر اڃان تائين ڪهاڻيءَ جي رقص ۽ ڪٿڪ جي ڪٿا ڪنهن به نه پروڙي آهي.

    ڪٿا جيڪا ڪهاڻيءَ جي ڪٿڪ ۾ کنڪندي، گُهنگهرن جي ڇن ڇننا ڇن ۾ سِمرندي ڪائنات جي رڌم کي ڇُهندي رهي آهي اُن کي قديم دؤر جي عاشقن ۽ چاهيندڙن ڳاهه ڪري به ڳايو ته قصو کڻي به ٻڌايو، دستاويزي اتهاس جي نه کٽندڙ ورقن ۾ ڪهاڻيءَ داستان جو دامن به ويڙهيو ته سورٺي ۽ بيت جي ساٺن سان به سهيڙيو پر پوءِ به هُن (ڪهاڻي) جو خدوخال ڪوٺي جي اُن رقاصا، اُن محبوبا جهڙو رهيو جيڪا مختصر گهڙين ۾ پل جي رقص ۾ ڪيترين ئي ڪٿائن جو ڪٿڪ نچي ڳالهه ڪوتاهه ڪري رکندي آئي، قِصو تمام ڪري داستان دم ڪري ڇڏيائين مطلب ته:

    عشق تمام برهه تمام، وو! مين لُوٺي يار لوڪو

    سيڄ سُتي نون جهپ نه آوي، نيڻين ننڊ حرام

    ”شاهه رحه“

    سوچيان ٿو، آخر ڇو ڪهاڻي محبوبا جي چاهيندڙن کي ننڊ کڻي وئي!؟ جيڪڏهن کين ننڊ نه کنيو ته ڪهاڻي محبوبا کان غافل ضرور ٿي ويا، ڀلا ٻيو ڪجهه نه ته ايترو سو ضرور ٿيو جو اُهي کيس پيار پُراڻي يا راند ٻاراڻيءَ وانگي وساري ويٺا، يا وري هُنن ايئن ڀانيو ته هاڻي سندن محبوبا (ڪهاڻي) پوڙهي ٿي چُڪي آهي!؟

    سوچيان ٿو، شمع به ڪڏهن پوڙهي ٿيندي آهي ڇا؟ پتنگ ۽ پروانا به ڪڏهن موٽيا آهن ڇا؟؟ هي ڪهڙو پريم هي ڪهڙو عشق هو جيڪو اُڀرندي/اُسرندي ئي ميرانجهڙو ٿي ويو!

    ايئن به ڪونهي ته ڪهاڻي رڳو پنهنجي چاهيندڙن ۽ عاشقن جي محبوبا رهي، ”اُها ته اُنهن گوپين جي به رام ڪرشنا رهي جيڪي ساڻس ننڍپڻ کان پريم ليلائون ڪنديون رهيون، ڪهاڻيءَ ڪٿا جي ڪٿڪ جون ڪيتريون ئي گوپيون داسيون ۽ ميران ٻايون به رهيون پر الائي ڇو؟ انهن جو جوڳ به نرواڻ کان اڳ ۾ مندر جي گِهنڊن جي نظر ٿي ويو، اُهي گوپيون داسيون ۽ ميران ٻايون پِتل جي سونهري گِهنڊن جي موهه ۽ آوازن ۾ رام ڪٿا جي ڪٿڪ کي وساري، پنهنجي ئي شور ۽ گمسان ۾ گم ٿي ويون.

    سوچيان ٿو، هي صدين جو تسلسل، هي جُڳن جي رياضت ڪيڏانهن وئي؟ هي سانگ هي ڳاهه، هي قصا هي داستان، هي بيت سورٺا ۽ وايون ۽ سنڌ جي شهزادي شاهه لطيف جون چِٽيل باريڪ مختصر تصويرون ڇو ڌندليون ٿي ويون، جن جي رنگن ۽ رمزن ۾ ڪهاڻي اسانکان ايئن ڏور ٿي وئي، ايئن رُسي وئي جيئن مومل کان راڻو رُٺو هو، اسان پنهنجي تهذيب ۽ ساهت جي محل ۾ جيڪي به ڪهاڻي ڪٿا جون ڏياٽِيون ٻارِيون هُيون سي ايئن اُجهامي ويون جيئن اوچتو راهه ۾ ڇانوءَ اُجهامي ويندي آهي، اڄ نه اُهو محل نظر اچي ٿو نه اُهو ڪوٺو (بالاخانو) ئي آباد آهي، زندگي جي پنجين موسم کانپوءِ ڪهاڻيءَ جو بالاخانو به اُجڙي ويو، جتي ڪهاڻي محبوبا جو رقص ۽ ڪٿڪ ڏسڻ لاءِ وڏا وڏا قدردان ايندا هئا. ساڻس اکيون مِلائيندا هئا، دليون هارائيندا هئا، داد ڏيندا هئا، دان وٺندا هئا ۽ پوءِ اُها محبوبا رقاصا (ڪهاڻي) ڏسندي پسندي، لکندي پڙهندي پاڻ به ڪا ڪهاڻي بڻجي ويندا هئا. انهن قدردانن ۽ چاهيندڙن مان هڪڙو جمال ابڙو به هو، جنهن ڪهاڻيءَ مجبوبا سان خوب افيئر لڙايو، هن سندس ڪوٺي تي ڪل ٻارنهن بيٺڪون ڪيون، ڪهاڻيءَ محبوبا به مٿس موهجي پئي کيس جمال ابڙي طرفان ڏنل داد ڏاڍو ڀانئـ پيو، هوءَ مِڙي سندس ويجهو به آئي پر جمال الائي ته ڇا سوچي ڪهاڻيءَ جي بالاخاني تان رَمتو ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن به سندس ڪوٺي تي نه چڙهيو نه وريو. سالن تائين ڪهاڻي رقاصا جي پيرن جا گُهنگهرو ۽ ڪٿڪ جا خدوخال جمال جي داد لاءِ واجهائيندا رهيا، ڪيڏو نه بي رحم عاشق هو جمال بـ ڪيڏو نه بي چيو چاهيندڙ هو جمال بـ!؟ جنهن پنهنجي مرضيءَ سان ڪهاڻيءَ جا ڪوٺا لتاڙيا پر ”رات گئي بات گئي“ وانگي ڪڏهن يادگيري طور به پنهنجي محبوبا ڪهاڻيءَ کي نه ساريائين جنهن ٻارنهن ويهڪن ۾ پنهنجا وڏا راز ۽ رمزون کيس سمجهائي ڇڏيون هيون.

    ”مان مرد“ ۾ جمال جيتوڻيڪ وڏيون دعوائون ڪندي ’مڙس ماڻهو ٿيڻ‘ جون نصيحتون ڪيون هُيون پر پاڻ زندگيءَ جي زائفان صفت ادائن جي رنگ ۾ کوئجي ويو، ڪنهن اڻاسي جيان پنهنجو سڄڻ پنهنجو پريم وساري ويٺو. زندگيءَ جي پڇاڙڪن لمحن ۾ جيتوڻيڪ هُن پنهنجي ’يادن جي بارات‘ مطلب ’آتم ڪٿا‘ ته لکي ڇڏي پر جوانيءَ جي عشق ۽ اُنس جو ڪانڌي به نه ٿيو، جنهن کي ذري گهٽ هو ماري نڪتو هو. هي اُهو ئي عشق، هيءَ اها ئي رقاصا ڪهاڻي هئي نه جنهن پنهنجي رقص ۽ ڪٿڪ سان کيس ڪٿا سمجهائي هئي، جمال جڏهن رقص ۽ ساز جي اُن جهنڪار تي چپٽي وڄائيندي پنهنجي آڱرين کي چورِيو هو ته تاريخ کيس هڪڙو ناقابل فراموش ڪهاڻيڪار بڻائي ڇڏيو هو، ڪير ڪيئن به چوي آئون جمال ابڙي کي بيوفا ضرور چوندس، زندگي جي اَٺن ڏهاڪن ۾ جيڪڏهن هو سال جي هر خزان ۽ بهار ۾ ئي پنهنجي محبوبا کي ساري ها ته جيڪر سوين لاجواب ۽ شاهڪار ڪهاڻيون سنڌ جي نقشي ۽ اِتهاس تي تارن جيان ٽمڪنديون رهن ها ۽ سنڌ جي ساهتي تاريخ جي ورقن ۾ اِها ساک ڏينديون رهن ها ته سنڌي ڪهاڻي نه پوڙهي ٿي آهي نه وري مُئي آهي، نه ڪا کيس گولي لڳي آهي نه وري ڪنهن ٻئي حادثي کيس عليل ڪمزور يا معذور ڪيو آهي.

    ساڳئي طرح سراج به ڪهاڻيءَ کان هٿڙو ڇڏائي ويو.

    آئون جمال ۽ سراج کي ڪهاڻيءَ جا ٻه اهڙا ڇيڙا سمجهان ٿو جن ڪهاڻيءَ جي گلوب کي روشن ۽ متوازن رکيو آهي، هڪڙو جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جو اُتر قطب آهي ته ٻيو وري ڏکڻ قطب آهي. باقي جا ٻيا سمورا ڪهاڻيڪار ڄڻ ته ڪهاڻيءَ جي گولي (گلوب) جون ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪون آهن، جن ڪهاڻيءَ جي گلوب ۽ ماحول ۾ موسمي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ وقت جا ڪانٽا بيهاريا آهن.

    سراج جنهن ڪهاڻيءَ کي درد سمجهندي به ايئن ئي چيو ۽ سڏيو ته هلي آءُ، مطلب ته ”اي درد هلي آءُ..“ هُن ڪهاڻيءَ جي ڪوٺي تي وڃي سندس جُوڙي ۾ گل لڳايو، رقص ڪندڙ ڪهاڻيءَ سندس داسي ٿيڻ قبوليو پر سراج بـ سندس آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. سراج، ڪلا جي اُفق تي ڪهاڻيءَ کي نون زاوين سان ٽانڪي بيهاريو، ديسي رقاصا ۽ ڏيهي محبوبا (سنڌي ڪهاڻي) کي اهڙو تـ ٻاهريون (ولايتي) ويس پارايو جو وڃي ٿيا خير، مطلب ته سراج ڌارئي سينگار ڌارئي رنگ (ميڪ اپ) جي اهڙي ته پنهنجائپ سان سندس چهري تي پيوند ڪاري/گُلڪاري ڪئي جو ايئن لڳو ڄڻ هي ڪهاڻي هي رقاصا نه پر هي سمورو آسمان هي سمورو آڪاس هي سمورو ميدان پنهنجو آهي ۽ اِهو تصور تڪ ختم ڪري مِٽائي ڇڏيو ته ”هڪ سج ٻه پاڇا“ به ڪي ٿيندا آهن!؟ ۽ پوءِ جڏهن سراج پاڻ سورج ٿي ويو ته هُن ڪهاڻيءَ جي سموري پَٽ سموري ڪوٺي سموري ڌرتيءَ کي اونڌاهو ڪري رکيو، سورج هوندي به سراج هڪ ڪرڻو اُن ڪوٺي (ڌرتيءَ) تي وارِد نه ڪيو جتي سندس محبوبا ڪهاڻي رقاصا سندس اوسيئڙو ڪندي رهي، سراج کي ڇٽي ڇهه ماهي به ڪهاڻيءَ جي بالاخاني تي وڃي ڏيئو ٻارڻ گهرجي ها... پر الائي ڇو هُن بـ جمال ابڙي جيان ڪهاڻي محبوبا کان مُنهن مٽيو تـ وري کيس موٽي نـ نِهاريائين.

    سراج اسانجي ساهت جو ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ سورج آهي پر هُن به ويچاري ڪهاڻيءَ سان بيوفائي ڪئي، ساڻس فِلرٽ ڪندي کيس ڇڏي رولي ويو.

    نسيم تي ميار، اِن لاءِ به ناهي جو نسيم ڪهاڻيءَ جي پڙ مان باد نسيم بڻجي وقت کان گهڻو اڳ۾ روانو ٿي ويو، شايد اِن ڪري به جو جيڪڏهن نسيم سحر ٿيڻ تائين ڪهاڻيءَ جي آسٿان تي پلٿي هڻي ويٺو رهي ها ته شايد ڪهاڻي محبوبا سندس ئي ٿي رهجي وڃي ها، يا وري رقص ۽ ڪٿڪ ڇڏي ساڻس ڀڄي نڪري ها. پر نسيم اُن اينٽي ڪِلائيميڪس کان اڳ ئي پاڻ هڪڙي ڪٿا هڪ ڪهاڻي بڻجي ويو. امر (امرجليل) وري مارگلا جي وادين ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ ڪهاڻي محبوبا جون سموريون پرچيون ”بارنيس اسٽريٽ“ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيون ۽ مارگلا جي موھ ۾ نئين ”دل جي دنيا“ بڻائي ۽ وسائي ويٺو، ڪهاڻي محبوبا جيتوڻيڪ سندس هٿ پڪڙي کيس گهڻو روڪيو، جَهليو ۽ اهو به کيس چيائين ته

    ”اچ توکي آئون پنهنجو امرت پياري امرتا بخشيان“ پر هُن سندس هڪ به نه ٻُڌي، جنهن ڪري امرجليل بـ جهڙو بيوفا ثابت ٿيو. هاڻي بـ ڪهاڻي امرجليل جون راهون تڪي رهي آهي کيس سڏي رهي آهي ۽ هو وري دانشوري جي خول ۾ پاڻ سُڃاڻن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

    سوچيان ٿو، سوچيان اِن ڪري نٿو جو اِها منهنجي محض سوچ آهي، سوچيان اِن ڪري به ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ آئون ڪهاڻيءَ جي ڪوٺي تي چڙهي ويو هوس، عجيب ويرانيءَ وارو سمان هو، سمورين سيڙهين تي دز ۽ مٽي پکڙيل هئي، جيتوڻيڪ ڪهاڻي جي چاهيندڙن جي پيرن جا ميٽوڻا نشان ۽ اڇلايل گُل، مُرجهايل/سڪل حالت ۾ پَٽَ تي پيل هئا مون جڏهن ڪهاڻي محبوبا جي ڪوٺي جو دروازو کوليو ته اندر اونڌهه ٻاٽ هئي، ڪهاڻيءَ محبوبا جيڪا مُنهن مونن (گوڏن) ۾ لِڪائي پنهنجي اڪيلائيءَ تي روئي رهي هئي، اُن مون ڏانهن ڪنڌ کڻي نهاريو ته چوڏس چانڊاڻ ٿي وئي، کن پل ۾ ئي تمام گهڻي روشني ڦهلجي وئي، اهڙي روشني جهڙي ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ سالن تائين سنڌي ادب جي آڪاس تي هئي.

    ڪهاڻي اُن لمحي به اهڙي ئي هئي، جهڙي صديون اڳ هئي، منجهس رتِي جو به فرق نه آيو هو، ها پر هار سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه نه هئڻ ڪري ڪجهه مُرجهايل ۽ وڃايل ٿي لڳي. هُن مونکان پنهنجي چاهيندڙن ۽ ماضيءَ جي عاشقن جو سربستو احوال پُڇيو هُن مونکان حفيظ قريشيءَ، رباني آگري، عثمان انصاري، عبدالحق عالماڻي کان ويندي جمال ابڙي، سراج الحق، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجي، ابن حيات پنهور، نجم عباسي، غلام نبي مغل، علي بابا، ماڻڪ مُنير، مدد سنڌي، مشتاق ۽ شوڪت شوري، ملڪ آگاڻي، رحمت ماڃوٺي، منظور ڪوهيار، مُراد قريشي، طارق قريشيءَ ۽ ٻين ڪيترن جو پتو معلوم ڪيو، مون کيس ٻڌايو ته ”هڪڙا ويچارا تنهنجا چاهيندڙ هي فاني جهان ڇڏي ويا، باقي جيڪي آهن سي چاڪ چڱا ڀلا آهن، مولا کين وڏيون ڄمارون ڏي.“

    هُن پُڇيو” ڀلا ڪٿي گم آهن منهنجا اُهي پرين پيارا، صفا وساري ويهي رهيا مونکي، وري ڀيرو ئي نه ڀڳائون.“

    هو وڌي ٿوري ويجهو آئي ۽ چيائين ”ڏس آئون ته اُهائي ساڳئي آهيان ذور به ناهيان بدلي، پوءِ ڇو مونکان مُنهن موڙي ويا...؟“

    مون کيس چيو” تون ته اڄ به سموري سُندرتا ۽ سونهن آهين، تنهنجي ڪٿڪ ۽ رقص ۾ اڄ به اهو ئي ڪمال ۽ عروج آهي، تنهنجون ادائون به ساڳيون آهن...“

    هُن وري چيو ”ڀلا ٻُڌاءَ ته منهنجا چاهيندڙ منهنجا عاشق ڇا پيا ڪَن؟“ مون کيس نه ٻُڌائڻ چاهيندي به ٻُڌايو ته ”تنهنجي چاهيندڙن مان ڪِن ڊرامن ۽ ناٽڪن سان دوستي ڪري ڇڏي آهي ته ڪِن وري ڪرسين سان ياري رکي ڇڏي آهي، ڪي تحقيق تي موهجي پيا آهن ته ڪِن کي وري عهدا ۽ اين جي اوز ڳڙڪائي ويا آهن، ڪن کي وري ميڊيا چٽي وئي آهي باقي جيڪي اڃان توتي فدا آهن تن جو حال اِهو آهي جو وٽن توکي داد ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، ايتري قدر جو توکي مصنوعي گل ئي ارپڻ لاءِ وٽن سفيد ڪاڳر به ناهن.“

    هُن وري پُڇيو ” ڀلا اُهي گوپيون، داسيون ۽ ميران ٻايون ڪٿي آهن؟ جيڪي منهنجون سهيليون هُيون.“

    کن پل خاموش رهيس پوءِ سوچيندي چيم، ” اُنهن جي تـ مونکي بـ خبرناهي پر شايد اُهي پنهنجي سپنن جي دنيائُن سان پرڻجي اُنهن ۾ کوئجي ويون.“

    اُن وقت سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، هن ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ کان وٺي سموري وارتا مونکي ٻڌائي ۽ آخر ۾ چيائين، ” تو وڃ منهنجي سمورن چاهيندڙن کي منهنجو سِڪ ڀريو سلام چئجان ۽ کين اِهو چئجان ته هو مونسان بيوفائي ڪري ويا پر مون اڄ سوڌو ساڻن بيوفائي ناهي ڪئي، هو اڄ به منهنجي حوالي سان زندهه آهن، منهنجي حوالي سان ڄاتا سُڃاتا وڃن ٿا ۽ کين اِهو به ضرور چئجان جيتوڻيڪ آئون اڃان به آسروند آهيان ته ڪو نه ڪو منهنجو سچو چاهيندڙ مداح ضرور ايندو جيڪو مونسان توڙ نڀائيندو، پر جي مان مري پيس ته پوءِ ڪير کين سارڻ ۽ سڃاڻڻ وارو هوندو؟؟

    جڏهن شمع ئي نه رهندي ته پروانا ڪير ساريندو!! پروانن جو ذڪر ڪير ڪندو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو