• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خانواهڻ، ڳاڙهيون ماڙيون ۽ درخشان سِتارو نجم عباسي.

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
خانواهڻ، ڳاڙهيون ماڙيون ۽ درخشان سِتارو نجم عباسي.


ضراب حيدر


خانواهڻ جون ڳاڙهيون ماڙيون اڄ به شايد اُن ڳاڙهي انقلاب جون منتظر آهن جنهن جا خواب سنڌ جي انمول اکين ۾ اڌورا رهجي ويا جيڪي اکيون سدائين لطيف سائين جي هن سِٽ جيان هونديون هيون:

”اکين ۾ اٽڪاءِ لالائي لالن جي“

شيخ اياز جڏهن ٽاريين جي ڳاڙهن گُلن جي ڳالهه ڪئي ته هڪ وڏي الميي جنم ورتو، ورهاڱي جي واءُ ماڻهو، ڳالهيون محبتون ميلاپ سڀ ڪجهه ڪک پن ڪري ڇڏيا، وچولو طبقو (ڪلاس) ته سنڌ مان موڪلائي ويو ئي پر سنڌي ادب کي پڻ ڪاپاري ڇيهو رسيو، جو ڪيترائي هندو اديب هڪڙي خاص اَٺسٺ جي آڌار پنهنجا اباڻا اَجھا ڇڏڻ لاٰ مجبور ڪيا ويا، سنڌي پبليشنگ ادارا ۽ پريسون بند ٿي ويون جِن کي ساڳيا هندو سنڌي ماڻهو هلائيندا هئا. نتيجي ۾ سالن تائين ادبي ميدان ۾ ماٺار رهي، جيڪي ٻيڙا ساهت جي اُپسمنڊ ۾ بيٺل هئا سي ايئن ئي بيٺا رهيا، پوءِ ڪي هاتڪ آيا جن اُنهن ٻيڙن کي وري تاريو ڪن وري نئين سِر اُنهن کي سِڙھ ٻڌي سيرن ۾ لاٿو.

اُهو ورهاڱي جو واءُ خانواهڻ جي ڪَلا به ته کڻي ويو، ڪَلاپرڪاش جنهن جو پرڻو موتي پرڪاش سان ٿيو هو ۽ هوءَ هتان وئي ته هند جي ساهتيـ هُلائُن ۾ ڪهاڻي توڙي ناول جي سچ پچ ڪلا بڻجي سامهون آئي نه صرف ايترو پر هوءَ هڪ جَڻِيو/ هڪ موتي بڻجي سنڌي ادب جي گج تي هميشه لاءِ ٽانڪجي وئي. هي اُهو زمانو آهي جڏهن سفيد وحشيءَ واريون سموريون ڪهاڻيون پنهنجي عروج تي هيون ۽ ٽاريين جي ڳاڙهن گُلن وارو الميو اندر ۾ ناسُور بڻجي وڌي رهيو هو، تڏهن سنڌي ساهت/ ادب جي آڪاش تي هڪ اهڙو تارو به کڙيو جنهن جي ٽم ٽم ٽمڪندڙ روشني ڳاڙهن گُلن واري ناسُور جو مرهم بڻي يا نه بڻي، پر سنڌ جي درد جو دارون ضرور بڻجي وئي.

ها، آئون خانواهڻ جي پروليءَ جهڙي شهر جي اُن آڪاش جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان جيڪو سج لٿي کان پوءِ اونڌاهين ۾ ويڙهجي ويندو هو، ڪلهوڙن جي دؤر کان خان سهتي ( جنهن هي شهر ٻڌايو هو) جي جوءِ ۾ ساڳيو ئي آڪاش روزانو ڪيتريون ڪهاڻيون ڪيترا الميا ڏسي ڄڻ ته پنهنجون اکيون پُوري ڇڏيندو هو... پوءِ گهڻو پوءِ جي ڳالھ آهي جڏهن ڪلا رُخصت ٿي ته خانواهڻ جي مٽيءَ مان فطرت جيڪو سچ ۽ سوڀيا جو پُتلو جوڙي راس ڪيو سو چِيڪي مِٽيءَ جو واس وٺي جَرڪي پيو ۽ سنڌي ادب جو هڪڙو درخشان ستارو بڻجي ويو، ها بلڪل نجم عباسيءَ! آئون اُن ئي جرڪندڙ سِتاري جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جنهن سنڌي ادب کي لاتعداد ڪهاڻيون ۽ ناول ڏنا، زندگي جي آخري دؤر تائين پنهنجي قلم ۽ ڏات کي سوريندو آيو. سندس لکڻيون اسانجي سماج جو نه صرف آئينو هُيون پر هُن پنهنجي لکڻين ذريعي سماجي اُڻائين جا توڙ به ٻُڌايا. منهنجي محبوب ۽ آئيڊيل شخصيتن مان هڪ اُجرو صاف گو ارڏو اُصول پرست شخص نجم عباسي جيڪو لطيف سائين جي هِن سِٽ جيان لڳندو هو ته:

”ڪُوڙو تون ڪفرسين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ.“

ڪمال جو ڪميٽيڊ ماڻهو، انتها جو سچو ۽ عاشق ماڻهو! سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ لکڻين سان محبت ڪندڙ شخص نجم عباسيءَ شهر خانواهڻ ۾ ئي جنم ورتو، خانواهڻ جيڪو روايتن توڙي تاريخي حوالن ۾ هاڪڙي/لوهاڻي درياهه جي ڀِڪ تي ٻڌل خان سهتي جو ننڍڙو ڳوٺ/ واهڻ هو/آهي تنهن جي خمير ۾ ضرور سنڌوءَ جو سيمو آهي جنهن اُن مٽيءَ جي سمورن پُتلن کي پتنگ بڻائي ڇڏيو. پتنگ جيڪي پسي لهس نه لِچندا آهن، پتنگ جيڪي سچ مٿي سڙي سونهندا آهن.

مون پنهنجي معمولي زندگيءَ ۾ مختلف تجربن سان گڏوگڏ اِهو تجربو به پِرايو آهي ته سچا ۽ کڙا ماڻهو زندگِيءَ ۾ هميشه اڪيلا رهجي ويندا آهن، جيئن مون 94/1993ع واري دؤر ۾ نجم عباسيءَ کي ڏٺو هو. ان کان اڳ 1989ع ۾ مٿس فالِج جو انتهائي حملو به ٿي چُڪو هو پر نجم عباسي اهڙي موضي مرض اڳيان ڪنهن به ريت پنهنجا هٿيار ڦٽا نه ڪيا هئا، هُن جا حوصلا تڏهن به بُلند هئا، سندس اِرادا تڏهن به اٽل هئا، هو جُھونن مضبوط (فالِج سبب) ڏڪندڙ هٿن سان به لِکندو هو، جهيڻي ٿي ويل اکين جي روشني سان پڙهندو هو، هو هردم جنهن فِڪر ۾ ڪڙهندو هو سو فڪر سنڌ بابت هوندو هو، پنهنجي عليلي يا بيماري جي کيس ڪابه ڳڻتي ڪونه هوندي هئي، نه وري چاڪ چڱي ڀلي ٿيڻ جي ڪا چِنتا هوندي هئس، تنهنڪري ئي ته ڪڏهن ڪڏهن مُرڪي چوندو هو:

”هاڻي الله پنهنجو ڪَريم (ڪري) کڻي. “

سندس لفظن ۽ تاثُر ۾ تڏهن به ڪنهن شڪست يا نِدامت جو احساس نه هوندو هو، پر ’ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان‘ واري مرڪ هوندي هئي، گيدي ۽ غدارن جون اکيون به پري کان پڌريون هونديون آهن، پر نجم عباسي جهڙو پاڻ جرڪندڙ تارو هو، تهڙيون ئي سندس اکيون روشن ۽ سج جيان جَرڪندڙ هيون.

آڪٽوبر1995ع جي آخري هفتي ۾ جڏهن يوسف سنڌيءَ جي زوال جي ٽائيم فون آئي ته اکين مان لڙڪن جا نيسارا وهي نڪتا. سنڌي ادب جو نجم، موڪلائي اُن الله ڏانهن روانو ٿي ويو جنهن کي نه مڃيندي به هُن جون ساڻس وڏيون هُجتون هيون. منهنجو يقين آهي ته جيڪي ماڻهو سچ سان زندگي گُذاريندا آهن سي ’ظاهر ۾ زاني، فِڪر ۾ فنا ٿيا‘ وانگي هوندا آهن. سچ کي سُڃاڻڻ، پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻڻ ئي ته الله کي سُڃاڻڻ آهي. سندس زندگيءَ جي سموري چِرتِر کي جڏهن هر پاسي هر زاويي کان نِهارجي ٿو ته نجم عباسي اُن خيال جو ماڻهو هو جنهن لاءِ اقبال چيو ته:

”تيرا دل تو هي صنم آشنا، تجهي ڪيا ملي گا نماز ۾.“

اُها شام جيڪا نجم عباسيءَ جي ڪانڌپي لاءِ لڪيءَ وارن لڪن تان ليئا پائي رهي هئي سا مون طارق قريشيءَ ۽ سارنگ سهتي ڦُلن ۽ درياهه خان مريءَ جي وچ واري پنڌ تان پاڻ سان کڻي ورتي هئي، اُن شام جو ئي ته اسرار هو ته

”هڪڙو گيت آئون ضرور نجم عباسيءَ جي مرتئي تي، سندس ڪانڌپي واري ڪافلي ۾ ڳائينديس.“

خانواهڻ پهچندي رات لڙي چُڪي هئي، آئون طارق قريشي، سارنگ سهتو، پارس حميد ۽ غلام نبي ناشاد، نجم عباسيءَ جي تڏي تي ادبي لڏي مان سوڳوار هئاسين، دنيا جي منافقي واري ميدان ۾ اڪيلي سِر ڪروڌ سان جنگ وڙهندڙ سپاهي جيتوڻيڪ پنهنجي سچ سان شهيد ٿي چُڪو هو. هو اُن ڏينهن به اڪيلو پنهنجي مڙهه سان پنهنجي اصل مڙهي ڏانهن وڃڻ لاءِ آتو هو، جيئن زندگي جي ميلي جَهميلي ۾ اڪيلو هوندو هو.

رات جي تاريڪيءَ ۾ نجم جو جنازو جڏهن خانواهڻ شهر جي گهٽين کي الله واهي ڪري مُقام واري پاسي ڏانهن هليو ته خانواهڻ جون ڳاڙهيون ماڙيون رت ڳوڙها روئي پيون، الائي ڪنهن ڏٺو به يا نه پر مون ڏٺو پنهنجي اکين سان، نجم جو گلاب جهڙو ڳاڙهو مهڪيل چهرو، خانواهڻ جي ڳاڙهين ماڙين جو ڳاڙهو رنگ، ڏور افق ۾ چند ڀرسان سرگوشيون ڪري رهيو هو، جنهنڪري چنڊ اُداس هو. سندس ڀرسان ڳاڙهسِري هلڪي سوجهري جو دائرو ته موجود هو پر اُهو تارو موجود ڪونه هو، جيڪو سدائين سندس پيرا کڻي ساڻس گڏ هلندو هو. اُها عجيب رات هئي جڏهن عبوري توڙي تعميري دؤر جو هڪڙو شاهڪار ڪهاڻيڪار پنهنجون سموريون ڪهاڻيون ڌرتيءَ حوالي ڪري پاڻ ڪا ڪهاڻي بڻجي پنهنجي ڪلائيميڪس ڏانهن وڃي رهيو هو.

هِن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي جو جڙاءُ بنهه سمپل (سادو) هو، نه ڪو مُنڍ هوس نه ڪا پڇاڙي هئي نه ئي وري ڪو وچ هو... بس ڪهاڻي هڪ ٽُٻڪي (نقطي) ۾ سمائجي چُڪي هئي. خانواهڻ جون گِهٽيون رانڀاٽ ڪري روئي رهيون هيون، خانواهڻ جي آس پاس ۾ گگهه اونڌهه ڇانيل هئي، ڪجهه ڪانڌي هئا جيڪي هڪ دؤر هڪ اِتهاس کي ڪلهن تي کڻي دفن ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ۽ ڪجهه جگنو (ٽانڊاڻا) هئا جيڪي آس پاس جي کيتن مان نڪري مڙهه ڀرسان روشني ڪري هلي رهيا هئا. اُن لمحي اُها شام به سندس آخري سفر ۾ شامل ٿي وئي هئي، مون طارق قريشيء،َ سارنگ، ناشاد ۽ حميد پارس ڌيمي آواز ۾ اُنهي شام کي گُنگنائيندي به ٻُڌو هو جيڪا هڪڙو نه ڪيئي گيت نجم عباسيءَ لاءِ کڻي آئي هئي، باوجود جهلڻ روڪڻ جي اسان به اُن شام جي گُنگُناهٽ ۾ شريڪ ٿي ويا هئاسين ۽ سندس جنازي کي اياز جي گيتن جا سَلوٽ (sloot) پيش ڪيا هئاسين.

دنيا جا اڪثر ڪانڌي ڪيترائي مڙھ مِٽي ۾ لٽي اچي اِهو سوچيندا آهن ته ’ماڻهو ختم قصو ختم‘ پر ايئن ڪٿي آهي!؟ ماڻهو ڀل مرندا هجن، روزانو سوين هزارين ماڻهو مرن به ٿا ۽ مُقامن ۾ لٽجيو به وڃن پر اِتهاس ڪڏهن به دفن ناهِن ٿيندا نه ئي وري دؤر يا زمانا مرندا آهن. نجم عباسي هڪڙو اتهاس آهي، هڪ دؤر هڪ زمانو آهي جنهن پنهنجي قلم ۽ ڪردار سان هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. هُن پنهنجي طِب ۽ جراحي واري تعليم ۽ پيشي سان گڏوگڏ پنهنجي ڏات جي آڌار سماج ۽ معاشري جو پوسٽ مارٽم ڪيو، هُن رڳو انڌن اونڌن ويڄن جيان مرضن جي ڳالھ نه ڪئي پر سچو طبيب بڻجي اُنهن جو مرهم به مُهيا ڪيو. هُن سماج جي بي ترتيب ۽ بي تُڪي ٿُڙَ تان اگر ڪو ’ڇوڏو‘ به لاٿو ته اهڙي نزاڪت ۽ مهارت سان لاٿو جو واھ واھ ٿي وئي، ايئن سلسلن مان سلسلا هلندا رهيا نجم عباسي ڪيئي ڪهاڻيون لکندو ويو جِن تي بس پيار ئي ايندو رهيو شايد اِن لاءِ به جو اُنهن ڪهاڻين ۾ نجم عباسيءَ جهڙي سادگي ۽ سچائي سمايل هوندي هئي، هُن ڪڏهن به ڪهاڻيءَ ۾ ويهي فلسفا نه جھاڙيا نه ئي وري مونجھارا ڀريا بس سچائي ۽ سادگيءَ وچان سِڌي ليڪ ڪڍندو ويو جنهن تان سندس ڏات سفر ڪندي وڃي چوٽيءَ کي رسي. اِها ڳالھ به بنھ پُراڻي آهي جڏهن مانائتي سائين ابراهيم جويي چيو هو ته

” ناچڻي، وطن جي تاريخ ۽ وطن جي ڪڏهن نه فنا ٿيندڙ آزاد روح جي ترجمان آهي“ ها بلڪل، ناچڻي سندس اُها ڪهاڻي آهي جيڪا سنڌ جي تاريخ جو وڏو پسمنظر رکي ٿي. جنهن ۾ علامت سان گڏوگڏ ناچڻي لاءِ وڏو پيغام آهي. نجم عباسي سنڌ جو اُهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن وٽ اسلوب جو پنهنجو گُڻ آهي، سندس فن ڄڻ ته چپٽيءَ جو کيل لڳي ٿو جنهن سان هو پل ۾ سموري ڪهاڻي وڄائي ڇڏي ٿو. منظرن مان پسمنظرن جو سلسلو هلندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن نجم عباسي ڄڻ ته چپٽي وڄائي پاڻ به هڪڙي انوکي ڪهاڻي بڻجي ويو، اُنهي ڪهاڻيءَ جو اينٽي ڪلائيميڪس اِهو ئي هو ته خانواهڻ شهر کان ٿوري دوريءَ تي ڌرتي جو سِينو پنهنجي عاشق جو منتظر هو، هر طرف سانت هئي خاموشي هئي ۽ نجم عباسي پنهنجو آخري ديدار ڪرائي رهيو هو، آخري ديدار جيڪو منهنجي اکين ۾ اڄ به فريز ٿيل آهي سو هڪ اهڙي مُرڪ وارو هو جهڙي مُرڪ سنڌ جي سونهن تي جڙيل هوندي آهي. سندس چهري تي ڦهليل مُرڪ اُن وقت به اِهوئي چئي رهي هئي،

” ڀِير آهي وڏي،

لِسٽ ڏاڍي ڊِگھي،

وِچ تي ناهي وِٿي،

وِچ تي ناهي وِٿي،

ڪنهن نه ڪنهن ڪُنڊ تي،

سنڌ جا عاشقو، منهنجو نالو لِکو...“

اِهوئي لمحو هو جڏهن منهنجي حواسن تي اُن مِٽيءَ جي خوشبوءَ ڇانئجي وئي جيڪا خوشبوءِ سندس بُٺيءَ تي پاڻي هارڻ کانپوءِ اُٿي هئي، اڄ تائين اِهو ئي سوچيندو رهندو آهيان ته اُها خوشبوءِ جيڪا منهنجي حواسن تي ڇانئجي وئي هئي سا مِٽيءَ جي هئي يا وري نجم عباسيءَ جي هئي!؟
 
اِهوئي لمحو هو جڏهن منهنجي حواسن تي اُن مِٽيءَ جي خوشبوءَ ڇانئجي وئي جيڪا خوشبوءِ سندس بُٺيءَ تي پاڻي هارڻ کانپوءِ اُٿي هئي، اڄ تائين اِهو ئي سوچيندو رهندو آهيان ته اُها خوشبوءِ جيڪا منهنجي حواسن تي ڇانئجي وئي هئي سا مِٽيءَ جي هئي يا وري نجم عباسيءَ جي هئي!؟

خوبصورت ڪالم
 
Back
Top