ضراب حيدر
سينيئر رڪن
هڪ وڃايل شهر جو خاڪو
ضراب حيدر
حيدرآباد شهر جي آلودگين ۾ واهوندن جا جھروڪا شروع ٿيا آهن ته بهار جي عروج جو احساس ٿيو آهي ۽ مون کي اُهي سريل )سِرِينهن( ياد پيا آهن، جيڪي سمن سرڪار جي پوٺن جي اوريان سِم نالي ۽ ڍوري جي ڀِڪ ۾ هڪ سوڙهي سنهڙي پيچري تي قطارن ۾ بيٺل هوندا هئا. ڪي سال گذري ويا، پر اڄ به اُنهن سريلن جي سار ۽ احساس ائين آهي، جيئن ’قطاريا ڪالهه ويا‘ لاڙ جا اُهي سريل، جيڪي ڳاني جي ٽونئرن جهڙا نرم ملائم ساول مائل پيلا گُل جھليندا هئا ۽ جڏهن هلڪا واهوندا هُلندا هئا ته انهن ساول مائل پيلن گلن جي ڀيني ڀيني خوشبوءِ حواسن تي هڳاءُ بڻجي ڦهلجي ويندي هئي. آئون اُنهن سريلن جي گھاٽي ڇانوَ ۾ ٽالهيءَ جي گول پنن (پتن) جون پونپڙِيون ٺاهي وڃائيندو هوس، انهيءَ زماني ۾ مون هڪڙو لوڪ گيت اُتان جي ماڻهن واتان ٻڌو هو، جيڪو پوءِ آءُ به جھونگاريندو رهندو هوس،
”سمن تون سُڌير آهين،
بر پوٺيءَ جو پير آهين.“
ساڳئي ئي دؤر ۾ اسان جي گھر هڪڙي جُھوني ڪُراڙي ڪولِهڻ ايندي هئي، جنهن جو نالو ’ڏيمان‘ هو. ماسي ڏيمان ٻڌائيندي هئي ته هُن ننڍپڻ ۾ سائين سمن سرڪار کي ڏٺو هو. مون پنهنجي انهيءَ وهيءَ ۾ پنڱريو شهر جي دڪانن توڙي سمن سرڪار جي درگاهه تي سائين سمن جون تصويرون ٽنگيل ڏٺيون هيون. ماسي ڏيمان واري ٻڌايل سمن سرڪار ۽ تصويرن واري سمن سرڪار ۾ فرق صرف ايترو هو ته تصوير وارو سمن سرڪار ماٺيڻو لڳندو هو ۽ ماسي ڏيمان وارو ٻڌايل سمن سرڪار مستُ جلال وارو هو.
آئون پنڱريو هاءِ اسڪول کان جڏهن موٽندو هوس ته پوسٽ آفيس کان سائين نور محمد سمي، سائين راهي ڪنڀر ۽ ڪنڀارن جي پاڙي واري گھٽي ڏئي پنڱريو جي بازار ۾ داخل ٿيندو هوس، جيڪا ٻورين (ڳوڻين) جي پال سان ڍڪيل هوندي هئي، وچ بازار ۾ هڪڙي پڪوڙن جي ڪيبن هوندي هئي، جتان اڪثر ’مرمليا‘ (وڏو سنڱر) يعني گانٺيا وٺندو هوس، انهيءَ ساڳئي ڪيبن تي سائين سمن سرڪار جي تصوير لڳل هوندي هئي، جنهن ۾ هو گوڏي جي ٽيڪ تي سموري بازار ۾ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي نهاريندو رهندو هو. مون کي الائي ڇو لڳندو هو ته سائين سمن سرڪار مون کي نهاري مرڪي پوندو هو يا وري اُها لازوال مرڪ سندس شخصيت جي آثارن ۾ کير ۾ مکڻ جيان لڪل هوندي هئي. چمن واڻئي جي جنرل اسٽور ۽ ناگوري ڪپڙي واري جي دڪان ڀرسان ڪيبن ۾سائين سمن سرڪار جي اهڙي مرڪ تي پڪ سان پنڱريو شيدي به مُرڪي پوندو هوندو، جنهن جي نالي سان هي شهر لاڙ جي رواج ۽ وهنوار ۾ سالن کان وسي پيو.
ڪنڀارڪي پاڙي ۽ محمد خوجي واري ڪارخاني) سارين جي سيلر( کان شروع ٿيندڙ پنڱريو جي مختصر بازار شهر مٿان بيٺل واهه تي وڃي دنگ ڪندي هئي، جنهن جي ڦُڙ (پُلِ) تي پراڻي زماني واري لاري مسافرن جو اوسيئڙو ڪندي هئي. ڌِڪي تي اسٽارٽ ٿيندڙ اُها لاري، موتي واري مل ۽ ننڍي فارم کان سمن سرڪار ۽ ملڪاڻين کان جھڏي جو تر وڃي کڻندي هئي، ڪچي روڊ تان جڏهن اُها لاري ڌوڌڙ اڏاريندي گذري ويندي هئي ته سندس چڪرن (ٽائرن) جا نشان پراڻي سماٽڪي ڀرت جهڙا نقش ٺاهي بيهندا هئا. آئون مرمليا کائيندو، انهن نقشن کي نهاريندو، موتيءَ جي مل وٽ رسندو هوس ته ڊيزل تي هلندڙ اُن مِل ۽ اُن جي چِمنيءَ مان نڪرندڙ ٽُڪ ٽُڪ جو آواز ڪاٺ ڪُٺي جي آوازن جهڙا لڳندا هئا، جيڪو پنهنجي ئي ڪرت ۾ ويٺو سُر ۽ آلاپ ڪڍندو آهي. موتيءَ واري اُها چڪي صفا ”ملر آف دي ڊي“ انگريزي نصابي سبق واري مِل جهڙو ڏيک ڏيندڙ هئي.
شهر پنڱريو جي هڪ سدا حيات شخصيت ڊاڪٽر عثمان ”درد“ جيڪو مُٺ تي ايمبيسي سگريٽ ڇِڪيندو هو، سو علم جو درياءُ هو، سندس گھر واري آپا زينت بلوچ پڻ هڪڙي هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر هئي، سندس گھر جي نقشي ۾ بس هڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي بليڪ ائنڊ وائيٽ تصوير ۽ ڪجھه پالتُو ٻِليون هونديون هيون، غزالا جيڪا سندن اڪيلي ۽ لاڏلي ڌيءَ هئي، سا جوانيءَ ۾ ئي ڏيهه حقيقي ڏانهن هلي وئي، جڏهن ته درد صاحب ۽ آپا زينت بلوچ سورن واري سنگت ۾ سموري حياتي گھاري ڇڏي. سادگي، درد ۽ لازوال مُرڪون مون اڄ سوڌو ڪنهن جون ڪونه ڏٺيون آهن، جهڙيون هِنن درويش شخصيتن جون هونديون هيون. آپا زينت بلوچ، جيڪا صلاح الدين بلوچ جي ڀيڻ هئي، سا سحر امداد، بينا مسرور ۽ فرح بلوچ جي پڦي پڻ هئي.
ڪنڀارڪي پاڙي ۾ مِٺُو ڪنڀر، جيڪو معزور هوندي به محنت ۽ مُشفقت ۾ شاهه لطيف سرڪار جي سُر سسئيءَ جي علامت بڻيل هو، سو جڏهن چِيڪي مِٽي ۽ سارين جا تتڙ پنهنجي گڏهن تي کڻي ڀرسان لنگھندو هو ته الائي ڇو مون کي تُلا ڪنڀر وارو دؤر جاڳندي محسوس ٿيندو هو. سندس چهري تي چيڪي مِٽيءَ جا اڌ سُڪل لينگھا اهڙا وڻندڙ لڳندا هئا جهڙا برسات کانپوءِ ڪچا گھر اُس جي تئو تي نظر ايندا آهن. سائين نياز ڪنڀر جي سنڌي اکرن جهڙو سُهڻو شهر پنڱريو جتي سارو سنسار لڳندو هو اُتي هڪڙي تهذيب جو شاهڪار به هو، اهڙي تهذيب جيڪا سنڌ راڻي ۽ مير باگي جي عروج کان به صديون پوئتي سومرن جي صاحبي روپا ماڙي ۽ وڳھ ڪوٽ تائين پنهنجا اهڙا نشان ڇڏي ٿي جيئن ڪهڪشان آسمان تي جَرڪندي آهي. هي سارو تر جيڪو صحرائي ريگستاني زمين جو پاڙيسِري ۽ سنگتي آهي اُهو ڪاري آفيم جهڙي ڪلر جي لپيٽ ۾ هوندي به لهجي، رويي ۽ سڀاءُ ۾ ڪڏهن به ڪلراٺيو ڪونهي، سنڌ راڻيءَ ۽ مير باگي جي محبتن ۽ عِشق جا آثار اڄ به هن مٽيءَ ڄاين جو وڙُ بڻيل آهن. آئون اُنهن نرگسي نيڻن ۽ لاڙي ڳڀروئن جي ڪهڙي ڳالھ ڪريان جِن جي اکين ۾ لطيف سرڪار وارا الماس، هاشم مخلص، صديق مسافر، مولوي ملاح ، دين محمد پناهي، مجيدي، منشي، سرويچ ۽ حافظ نظاماڻي جهڙا نياز وسن ٿا، تن جون اکيون اداس پوٺا هوندي به ڄڻ سمن سرڪار بڻيل آهن جن ۾ وڏي ڏيا مُرڪندي نظر اچي ٿي.
سائين نياز ڪنڀر هجي يا رشيد ميمڻ، بشير ميمڻ هجي يا علي احمد پنڃارو، نثار ميمڻ هجي يا وري مشتاق ميمڻ، راهي ڪنڀر هجي يا نور محمد سمون، ڇا ته ڪمال جا اُستاد هئا!؟ جن جي شخصيتن جا قد ڪاٺ سوچيان ٿو ته اڄ جي دؤر جا گوسڙو ۽ نااهل اُستاد حقير لڳن ٿا. جن خبرناهي ته ڪيترن شهرن، ڪيترين معصوميتن جا خاڪا ۽ نقشا نه صرف ڊاهي، مٽائي يا ڦٽائي ڇڏيا آهن، پر سنڌ جي نقشي تي به اهڙو داغ ۽ چُٽو هنيو آهي، جنهن جو ازالو ڪنهن به دؤر ۾ ٿي نه سگهندو.
ڳيري جهڙو روح رکندڙ اسماعيل ڪنڀر، ڪنهن سانوري پنڊ جهڙو اشرف پنجابي، واڍ گاهيءَ جي کوسن جهڙو ۽ سمن جي پوٺن جهڙو وسيع علي حسن کوسو، بلبلن جي ٻولين جهڙو نفيس رفيق پِنڃارو، مانجھي مڙس غلام محمد ڀونئرو ٺيٺ سنڌي چهرو سليم سمون، پٽي تي لکيل لِپي جهڙا اکر آهن جيڪي ڪڏهن به دل تان لهي نٿا سگهن نه وري ذهن تان وِسري ٿا سگھن.
لاڙ جي لهجي جهڙو ڪاڪو جان محمد کوسو، جيڪو روزانو وڏا قصا ۽ ڪهاڻيون کڻي ٻڌائيندو هو، الف ليلى ۽ طوطا مينا جا قصا ۽ ڪهاڻيون، 1971ع واري ٻوڏ ۾ ڪنڊيارو پنڊي عطل شاهه مان منهنجي والد غلام حيدر ڪليار مرحوم جي ڪتابن جون پيتيون بچائي کڻي آيل منهنجي ڏاڏي رحمت خاتون هجي يا ڪاڪو جان محمد کوسو هجي يا وري سائين مشتاق ميمڻ ۽ نثار ميمڻ هجي، منهنجي شخصيت تي اُنهن جو وڏو اثر آهي منهنجي شخصيت ۾ هڪ ڏات ڌڻيءَ واريون ڪلائون سموريون انهن جون ڏنل آهن، جن ڪهاڻيءَ جي آرٽ کان وٺي رندگيءَ جي آرٽ جا وڏا سبق ۽ سِکيائون مون کي ڏنيون. ڪجھه به هجي، پنڱريو شهر جي آس پاس جا نظارا ۽ لاڙي لهجي وارن مٺڙن ماڻهن جا رويا، منهنجي اتراديلهجي ۽ جس ۾ ائين پيوست آهن، جيئن سنڌڙي انبن ۾ ميٺاج.
منهنجي ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار بڻجڻ ۾ لاڙ جا واهوندا ۽ پنڱريو جون پينگھونشامل آهن، جيڪي آئون سَريلين جي وڻن ۾ ٻڌي لڏندو هوس، هڪ اعتراف، جيڪو ڪندو هلان ته منهنجي اندر ۾ جيڪو صوفي ۽ ڪهاڻيڪار ديرو ڄمائي لِڪي ويٺل هو، تنهن کي نيپاچ ۽ پرورِش پنڱريو جي مٽيءَ ۽ پاڻيءَ ڏنو، آئون ڪنهن به ادبي تنظيم يا تحريڪ جي پيداوار ناهيان، جنهن خطي ۾ مون ڪهاڻيون ٻُڌيون، ٽٽل ڦٽل ڪهاڻيون لکيون، اهو لاڙ جو هڪڙو ننڍڙو ۽ تهذيب يافته شهر هو، جنهن ۾ هڪ طرف سمن سرڪار جون سخائون هلنديون هيون ته ٻئي طرف محبتي ماڻهن جون وفائون وسنديون هيون.
جنوري ڌاري اسلام آباد ۾ ميڊم سحرامداد آپا زينت بلوچ جي گُذاري وڃڻ جو ٻُڌايو هو، هڪ لمحي لاءِ اسلام آباد جي وسندڙ شهر جي رونقن ۾ به پنڱريو جو اُداس شهر سُڏڪندي محسوس ٿيو هو، اُردو ۾ ڳالهائيندڙ آپا زينت بلوچ هڪ ڪردار هُئي جنهن جي ادائيگي سان زندگيءَ جو حقيقي حُسن نظر ايندو آهي. اُهو شهر جنهن کي عثمان درد، نور سمون ۽ ٻيا جانب ته اڪيلو ڪري ويا ئي پر آپا زينت جي لاڏاڻي کانپوءِ اُنهن سنهڙين گھٽين جي اُداسين کي هاڻ به محسوس ڪري سگھان ٿو جِن تان اسڪولي ڇوڪريون ٻُڪ ٻڌي آپا وٽ درس وٺڻ اينديون هُيون. اڄ منهنجي ذهن تي اُن وڃايل شهر جو خاڪو تري آيو آهي جنهن کي هڪ طرف ڇانورن جھڙا ماڻهو اڪيلو ڪري ويا ته ٻئي طرف منهنجا اُهي ڳڀرو سنگتي به ڇڏي ويا، جن کي هن شهر جي رواجن پاليو نپايو هو، الائي ڇو شهر پنڱريو سال 2011 جي برساتي ٻوڏ ۾ ٻُڏيل هجڻ باوجود به مونکي پياسو لڳو هو. اُها پياس جيڪا مون جهڙي هڪ ڏات ڌڻي کي به پياسو رکندي آئي آهي، اُها پياس جيڪا ڪنهن ڪولِهن جي ڦاٽل ليڙُن مان نظر ايندي آهي، اُها پياس جيڪا لاڙ جي ڪلراٺن پُوٺن تي سُفيديءَ جا تھ ٺاهيندي به ڏاڍي گِهري آهي، اُن پياس جو سوچيان ٿو ته سائين سمن سرڪار جي تصويرن ۾ سمايل مُرڪ ياد اچيو وڃي جيڪا پنهنجي رمز ۾ وڏا قصا ۽ ڪهاڻيون چِٽيندڙ هوندي به تهائين گهري آهي، هڪ شهر جي وڃايل خاڪي جيان.