باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شاعري دوستن جي نظر اي مٺي جيجل! اي سنهاري سنڌ! اي مِٺي سنڌ! اي سُنهاري سنڌ! جان منهنجي آ تو جياري سنڌ! تو مِٺي ٿڃ آ پياري سنڌ! مون کي تو بخشي آ بهاري سنڌ! تنهنجو آ فيض ِ عام جاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! شاد رهه! مادرِ وطن مُنهنجي! مُنهنجي آرائش ۽ عدن مُنهنجي! جان ۽ تن ۽ من ۽ ڌن مُنهنجي! آخِري قبر ۽ ڪفن مُنهنجي! آهي رڳ رڳ تو منهنجي ٺاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! ٿي رهيو آهه تو مٿان بيداد! تُنهنجي جنت ٿي آ رهي بغداد! تنهنجي نالي کي ڪن ٻيا برباد! تنهنجي مارڻ ڳِهڻَ ۾ آ جلاد!_1 سمجهي توکي ٿلهي متاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ آهي سُور! سِنڌ جو سَنڌ سَنڌ آهي چُور! ڪيستائين هي ناحق ۽ ناسُور! ڪيستائين بپا اهو دستور؟ آهي جنهن باهه ٻاري، ڳاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! آمريت جو ڪيستائين دَور؟ آمريت جو ڪيستائين جور؟ جَور تي جَور دمبدم ڪجهه اور؟ ڪيستائين ستم سَهون هِن طور؟ پيڙبي ڪيستائين ساري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! اي مِٺي جند سنڌ زندهه باد! تو لڄائي آ پانهنجي اولاد! تو ڦُرائي آ حيثيت آزاد! سيني تنهنجي تي ويٺو آ شداد!_1 چئي ٿو: ”مون، واهه! واهه! ماري سنڌ!“ تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! ڇا تون ڪاوڙجي ويئي آن اَمان؟ پنهنجي اولاد جي مٿان اَمان؟ ٿي آن بيزار پاڻ مان اَمان؟ آهيون ڏوهاري سڀ اسان ڇا سڳي ماءُ ٿي آن ڌاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! توکي ڪنهن ٻچڙي سر ڏنو ناهي! ڪير جو موت کان ڊنو ناهي؟ تنهنجو زنجير ڪنهن ڇنو ناهي! تنهنجو دشمن ٿيو ڪنو ناهي! روڄ ۾ ناهه جنهن رُئاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! تُنهنجا داناءَ ٿي ويا نادان! پست همت حراس ۾ حيران! ٿي ويا ڪنگال صاحبِ سامان! ٿي ويا عياش نوجوان ارمان! پانجهن سنڌين سُمهاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! جاڳو، اي دوستو! ٿيو بيدار! پنهنجي قسمت جا ٿي وڃو مُختار! پنهنجي. عزت جا ٿيو علمبردار! سنڌ کي بسن بنايو هڪ گلزار! کير ماکي ۾ ڀريو ڀاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! سنڌ کي جنهن وطن ڪيو، آ ڀاءُ؛ آهه هن سنڌ ماءُ جو هي سڀاءُ! هر مُهاجر لهي ٿو ساڳيو ساءُ؛ ٿو محبت منجهان ڪڍي پڙلاءُ: ”هم تمهاري هين تو هماري سندهه! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي. جِيجل! اي سُنهاري سنڌ! حيدرآباد سنڌ جي آ دِل! حيدر آباد ڪئي هتي محفل! دفع. ٿي. ويئي هاڻي هر مشڪل! ”ون يونٽ“ جي بات ٿي باطل! جشن. ۽ عيد ۽ بهاري سنڌ! تو مٿان ساهه صدقي، پياري سنڌ! اي مِٺي جِيجل! اي سُنهاري سنڌ!