جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ (حيدر)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ احمد نواز انقلابي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2017۔

  1. احمد نواز انقلابي

    احمد نواز انقلابي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ورڪر ميمبر سنڌ هاري ڪاميٽي
    ماڳ:
    سکر
    تخليق جيئي سنڌ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

    جيئي سنڌ جيئي سنڌ!

    توتي سنڌ هزار سلام!
    خوش ره باغ بهار مدام!
    خوش ره خندان بارام!
    جيئي سنڌ جيئي سنڌ!

    ”ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان!“
    پنهنجو آهي هي ايمان!
    پنهنجو آهي هي اسلام!
    جيئي سنڌ جيئي سنڌ!

    ”ڪينو فتنو ٿئي برباد“
    ”قرب محبت زنده آباد“
    پنهنجو آهي هي پيغام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ!
    جام محبت پيئي سنڌ!
    خاص ۽ عام پئن هي جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي هند ۽ جيئي سنڌ!
    جيئي جيءُ مٺو هر هنڌ!
    پيار بهار ٿئي عام ۽ جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌي سهڻو سادو صاف،
    هن تلاش آ حق انصاف!
    هن وٽ آهه نفاق حرام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!

    جيئي پنهنجي مٺڙي زبان!
    جيئي پنهنجو شعر بيان!
    جيئي پنهنجو غزل سلام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!

    جيئي جمالو ڇلو ڏور!
    جيئي دلو سرندي سور!
    جيئي ڏوهو، ڪافي ڪلام،
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي سنڌو جو درياهه!
    جيئي سنڌو!_ پنهنجو ساهه!
    آب حيات آ جنهن جو جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي سکرجي بئراج!
    جيئي گدُوّ جي گج گاج!
    جيئي ڪوٽڙي ڌم ڌام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي ٻيلو، نم ٻٻر!
    جيئي ڪيلو سنڌڙي سر!
    جيئي باغ بهار تمام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي ڪاڇو، جيئي ٿر!
    جيئي لاڙ، جيئي ڪينجهر!
    جيئي منڇر انڇر جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي سنڌ زمين دلشاد!
    جيئي کيت کيت آباد!
    جيئي سر سبزي هر گام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي هاري ۽ مزدور!
    جيئي هارياڻي پر نور!
    پورهئي اندر صبح ۽ شام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    جيئي سنڌي دلبر جان!
    مرد ۽ زال ۽ هر انسان!
    ٻچڙو ۽ ٻچڙي گلفام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌ جو نام ٿو مٽجي ڪيئن؟
    سنڌ جو نام ٿو گهٽجي ڪيئن؟
    هردم سنڌ جو زنده نام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    ٻوڙا! سنڌ جي ٻڌ فرياد!
    گم ٿي ويا ڪيئي شداد!
    ڪيئي نام ٿيا گمنام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    بي انصافي جو بنياد
    ٿئي نابود ۽ ٿئي برباد!
    آ تاريخ جو انجام!1
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌ جا دشمن ! ڇڏ هي جور!
    دور ! هي جور جو بڇڙو دور!
    سنڌ کي مار نه بي الزام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌ کي مار نه سمجهي هيچ!
    سنڌ کي مار نه سمجهي نيچ!
    سنڌ کي سمجهي هڪ گگدام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌ سٻاجهڙي رنج نه ڪر!
    رنج رسائي ۽ گنج نه ڪر!
    ڦر لٽ آهه تمام حرام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    فوج ۽ جنگ تي باور ڇڏ!
    تير ۽ تفنگ تي باور ڇڏ!
    ڪٽجي ويا فوجن جا امام!
    جيئي سنڌ ! جيئي سنڌ!!

    حاڪم وارو ڪر نه خمار!
    ڀاءُ سان ڀاءُ مثال گذار!
    ڀاءُ جي کٽ جس ۽ انعام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    حاڪم وارو ڪر نه غرور!
    سور ڏيئي ٿو ٿيئن مسرور!
    گهر ۾ پوندءِ رڙ ماتام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌ، سمجه! آ ستل شير!
    ڪينڪي رهندو تنهنجي زير!
    سنڌ ۾ سهسين سورهيه ڄام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    سنڌي پيارا! صلح پسند!
    ظالم ڪيئن ٿو سمجهي پند!
    ظالم جا ظالم احڪام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!

    هيرا، موتي هينئن نه هار!
    بي قدرن وٽ ڇا ويچار؟
    ڪوڏين کان گهٽ تنهنجو ڪلام:
    ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!“

    سنڌي پيار! همٿ ڪر!
    هار نه مڃ، ڪجه جرئت ڪر!
    ظالم جي ڪر هام تمام!
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌ!!

    همت سان آ سڀ آسان!
    قرباني ڪر، ٿي قربان!
    جيئي سنڌي: خاص ۽ عام!
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌ!!

    سنڌ جو سڏ آ- چوَ لبيَّڪ!
    پنهنجو آهه ”سلام عليڪ!“
    پنهنجو آهه ”عليڪ سلام“!
    ”جيئي سنڌ“ ”جيئي سنڌ!!“

    سڻ هي حيدر جو آواز!
    آواز آهي ڇا انداز!
    آواز آهي يا الهام!
    ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو