• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آپريٽنگ سسٽمس جي بقا جي جنگ

رضا ٻٻر

سينيئر رڪن
ڪميوٽر جي دنيا ۾ ان وقت وڏو انقلاب آيو جڏهن اسڪرين تي گرافڪس جو دور آيو. ان ۾ پهرئين اڳڀرائي ايپل ڪمپني پنهنجي ميڪنٽاش ڪمپيوٽر سان ڪئي پر مائيڪروسافٽ جي مالڪ بل گيٽس پنهنجي حرفت سان اهو سڄو ثمر پاڻ ڏانهن کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. اڳتي هلي ايپل ڪمپني جي مالڪ اسٽيو جابس ڪميوٽر جي دنيا ۾ نيون نيون تبديليون آنديون ۽ ڪمپيوٽر کي ننڍائيندو ويو. آئي پيڊ، ٽيبليٽ، ۽ گھڙين ۾ به ڪميوٽر سمائجڻ لڳو. ايپل جي هڪ اها خاصيت آهي ته اهو سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر پنهنجو ئي ڏيندو آهي جنهن ڪري سندس ميڪ بڪ، ٽيبليٽ ۽ ٽي ويون اڳتي هلي سڄي دنيا تي ڇائنجي ويون. ان سڄي صورتحال ۾ مائيڪرو سافٽ ڪافي پوئتي رهجي وئي. 2006 ۾ گوگل پاران ائنڊروئيڊ آپريٽنگ سسٽم جي ايجاد ٿيڻ ۽ گوگل پاران سامسنگ ڪمپني کي خريد ڪرڻ کانپوءِ ان جنگ کي هڪ ٽيون رخ ملي ويو. هن وقت دنيا اندر 78 سيڪڙو ماڻهون اينڊرائيڊ استعمال ڪن ٿا. اينڊرائيڊ خاص طور تي موبائيل، ٽيبليٽس ۽ ٻين ننڍن ڪمپيٽرس ۾ استعمال ٿيندو آهي. 2015 ۾ مائيڪرو سافٽ ڪجھ بنيادي تبديلين سان ونڊوز 10 کي جاري ڪيو جنهن ڪنهن حد تائين مئڪ جو مقابلو ڪيو آهي. هن جنگ ۾ هاڻي اهو ئي ڪاياب ٿيندو جيڪو گھڻيون ۽ مفت سهولتن سان گڏ، ڪمپيوٽر، موبائيل، ۽ ٻين اوزارن تي هلڻ جي قابل هوندو. سو ان ڳاله جو گھڻو امڪان آهي ته ايندڙ دور ايئنڊرائيڊ جو ئي ثابت ٿيندو.
 
Back
Top