امدا علي قادري
سينيئر رڪن
الف. اول ڀي تون آخر ڀي تون باطن ڀي تون ظاهر ڀي تون
بي شڪ تون آن بي رنگ بي چون خاوند خالق ارض سما
لا ا له الا الله
ب. باري برحق داور دانا ياري بخشين نا توانا
غير ولادت ذات يگانا ڪونهي ڪو ٻيو غير سوا
لا ا له الا الله
ت. توري تڪيو ناھ تولا ڏاڍا اهنجا اوک اولا
سائين ڪر تون سهنج سولا راحم ڪر تون رد بلا
لا ا له الا الله
ث. ثابت رک تون دين اسانجو هادي حنبل متين اسانجو
ياوربخش يقين اسانجو وحدت وارو جام پلا
لا ا له الا الله
ج. جاڳي جوش جمال الاهي بخش وصال ڪمال الاهي
هر دم منجھ خيال الاهي جلوو پنهنجو پرين پسا
لا ا له الا الله
ح. حمد هزارين تنهنجا هادي شوق سندي جي ڏي ڪا شادي
صوفين وارو سير سوادي قادر قدرت ساڻ ڪرا
لا ا له الا الله
خ. خوف خيال ۽ خطراخامي آڻي وڌا اندر حرامي
توري تڪيو طلب تمامي لاهي ڪر سڀ فرق فنا
لا ا له الا الله
د. درد اندر جي دانهن ڌڻي رس هيڻو حال آ پاڻ کڻي پس
باري آهيان بيڪس بيوس شافي ٿي تون شهنشاھ
لا ا له الا الله
ذ. ذاڪر ڪر منجھ ذات يگانا طلب جا تن ۾ وڃن ترانا
وحدت وارا کول خزانا هر دم گولج حسن هوا
لا ا له الا الله
ر. رهبر رس بي واھ آهيان وارث رس بي واھ آهيان
آس اميد نه تون تان لاهيان راھ رلي کي رستي لا
لا ا له الا الله
ز. زور وڙهي ٿو ديودروني ظالم آني ڪئي زبوني
رهبرڪرڪا راھ نموني بڇڙي بد بلا کان بچا
لا ا له الا الله
س. سائل آيم سائين تو در سمجھ صحيح ڏي ٻاهراندر
همت حامي وسمع ونظر حافظ هادي لهج سما
لا ا له الا الله
ش. شڪ لٿا ٿيو شعاع شهادت احمد ۾ تصديق صداقت
ملطق هڪ غفاري طاقت محض محيط سڀن تي صدا
لا ا له الا الله
ص. صدقون تو در سيس نوايون تنهنجون لاشڪ لک ڀلايون
بخش اسانجون ميرمندايون قلب جي ڪارنهن قادر لاھ
لا ا له الا الله
ض. ضامن معني صورت شامل ڪرمون ڪر ڪريمان ڪامل
وحدت ساڻ ٿيان مان واصل ساڻ صداقت قرب وڌا
لا ا له الا الله
ط. طلب سچي جي طاقت ڏي تون مام سندي جي محبت ڏي تون
غير خيال ندوراني تون سڪ سچائي ڪري سها
لا ا له الا الله
ظ. ظاهر تنهنجي شهنشاهي باطن تنهنجي رمز رلائي
هردم تنهنجي حڪم هلائي توکي لائق سڀ ثنا
لا ا له الا الله
ع. عين عنايت احمد تي ڪر هادي هٿ حمايت جاڌر
ساڻ رضا جي رسجان رهبر مهرون من جي مونجھ کلا
لا ا له الا الله
غ. غير نه ڄاڻن عين سڃاڻڻ پنهنجو پاڻ کي پاڻ پهچاڻڻ
خام خودي جو خيال نه آڻڻ اها سمجھ صحيح سکا
لا ا له الا الله
ف. فرق فراق فنا ڪر حالي کولج جلووجان جمالي
وحدت وارو جام وصالي احمد تي ٿيو عين عطا
لا ا له الا الله
ق. قادر تنهنجي قدرت قائم حيرت ۾ جن انس بهائم
شمس وقمرگرداني دائم هيبت تنهنجي هوش ربا
لا ا له الا الله
ڪ. ڪونهي تنهنجي ذات جي ڌاران وحدت ماري پاڻ پڪاران
هيٺ مٿي هر حال تنواران ريءَ اسان جي رب نه آ
لا ا له الا الله
ل. لم يلد نه ڪنهن جو ڄايو لا يزال نه ڪنهن اپايو
مختياري مطلق صاحب رايو ان جي گهر ۾ ناھ اڙا
لا ا له الا الله
م. معني تو منجھ سڀ ڪنهن صورت مام ۾ چورين مخفي مورت
ميت کان هي هي ميت تفعل تريد ما تشاءُ
لا ا له الا الله
ن. ناهي شريڪ تنهنجو شاني ڪونهي ڪو تنهنجو ثاني
تون آ باقي، باقي فاني هي هو تنهنجو حڪم هلا
لا ا له الا الله
و. وفي انفسڪم ڪيو اشارو نحن اقرب ماريو نعرو
طور تي تنهنجو نور نظارو واحد تنهنجا واھ وڏا
لا ا له الا الله
ھ. هردم هلي حال هويت منجھ هويت محض معيت
غالب غير تي ٿي محويت صوفي صافي صاف صفا
لا ا له الا الله
لا. لاشڪ لاشريڪ شهنشاھ آمر ناهي اقرب اعلي
هن جو حڪم هميشه بالا رکي پنهنجي چاھ چلا
لا ا له الا الله
ء. ءَجده حبيبان سڀ نبوت آل اصحاب ۽ ساري امت
سارا تنهنجا اهل اطاعت سڀ تي رحمت رب وسا
لا ا له الا الله
ي. ياور بيشڪ ڏني ياري غفرا احمد ٿيءَ بهاري
اسمون جسمون ٿي سڀ ساري هيڏي هوڏي هڪ الله
لا ا له الا الله
حسبي ربي جل الله مافي قلبي غير الله
نور محمد صلي الله مڪو مدينو بيت الله
لا ا له الا الله محمد الرسول الله صلي الله تعالي عليه وآله وسلم
طالب دعا؛. فقير امداد علي قادري