• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا!

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
طلب جي تنوار،متان ڪرين مڱڻا!

ضراب حيدر




بُوعلي سينا جيڪو ننڍپڻ کان ئي غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو، اُن ننڍپڻ کان ئي علم تي تمام گهڻي دسترس حاصل ڪري ورتي هئي. هڪ دفعو حسين بن عبدالله ابن سينا کي سندس ماءُ، سِتارا دُعا ڪري رهي هئي ته سندس ننڍڙي ڀاءُ، محمود بن عبدالله پنهنجي ماءُ کي چيو ته

”امان تون مون لاءِ دُعا ڇو نه ٿي ڪرين“

اُن تي سندس ماءُ کيس چيو ته

”ها وقت اچڻ تي آئون تولاءِ دعا ڪنديس، في الحال حسين کي منهنجي دُعا جي ضرورت آهي، ڇو جو هو علم جو عاشق آهي ۽ مون الله کان سندس لاءِ دعا ڪئي آهي ته ’اي مالڪ منهنجي حسين کي علم جي خزاني سان نواز ۽ سندس طبق روشن ڪري ڇڏ.“

اِها دُعا هڪ ماءُ جي آهي، جيڪا هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ ڪري ٿي، جيڪو علم جو طالب آهي. آئون ڪڏهن ڪڏهن ماءُ جي دُعا معتلق سوچيندو آهيان، ماءُ جي دُعا جنهن کي ڪا به موٽ ڪونهي، سندس دُعا ڪڏهن به بارگاهه الاهي مان خالي نه موٽندي آهي. دنيا جي سمورن عظيم ماڻهن پٺيان مائرن جون ئي دُعائون هونديون آهن، جيڪي کين عظمت جي اعليٰ مقام تي رسائينديون آهن.

علم هڪ خزانو آهي، هڪ روشني آهي، اهڙي خزاني ۽ روشني جي ملي وڃڻ کان پوءِ دنيا جي ڪنهن به ٻي شيءِ جي ضرورت ڪونه ٿي پوي، اِن لاءِ به جو هر اُھا شيءِ علم جي تابع آهي، جنهن لاءِ انسان ڀٽڪندو رهي ٿو. علم جي روشني ماڻهوءَ کي اشرف المخلوقات بڻائي ٿي. اُها سمجهه عقل ۽ ساڃاهه ئي آهي، جيڪا کيس اهڙو درجو بخشي ٿي ۽ حيواني صف مان هٽائي انساني صف ۾ بيهاري ٿي. علم، جيڪو نياز ۽ نوڙت آهي، دنيا جو اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي، جيڪو اِن ڳالهه کان وانجهيل رهيو هجي؟ مولانا روم جيڪو پنهنجي دؤر جو وڏو عالم هو، چيو وڃي ٿو ته مولانا روم جڏهن ڪيڏانهن سفر ڪندو هو ته ساڻس گڏ هاٿين يا اُٺن تي علم جا ڪتاب به گڏ سفر ڪندا هئا. مطلب تـ هڪ گشتي ڪُتب خانو ساڻس گڏ سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري ايئن مولانا روم سفر ڪري رهيو هو ته کيس رستي ۾ شمس تبريز گڏجي ويو ۽ کيس نياز وچان چيائين ته

”مولانا صاحب! مون کي علم جي معنيٰ ته ٻڌايو“

مولانا روم کيس آڪڙ ۽ غرور سان پنهنجي علم جو ڌاڪو ويهاريندي چاليهه معنائون علم جون ٻڌائي ڇڏيون، تبريز مُرڪندي مولانا روم طرف نهاريو ۽ کيس چيائين ته

”سائين علم جي هڪڙي معنيٰ عاجزي ۽ انڪساري به آهي.“

اسان جي سنڌي ڪهاوت آهي ته پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، ڇو ته پڙهيل لکيل (Literate) ته سڀڪو ماڻهو هوندو آهي، پر ڪڙهيل يعني (Educate) ماڻهو تمام گهٽ هوندا آهن، جن کي حقيقي اکر، علم جو پيٽ ۾ هوندو آهي، سي پنهنجي ڪردار ۽ سڀاءُ مان ئي پڌرا هوندا آهن، علم جيڪو دانائي ۽ حِڪمت آهي، اُن جو ڪينواس تمام وسيع آهي.

ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته وقت بدلجڻ سان گڏوگڏ دعائون به ڪيڏيون نه بدلجي ويون آهن ۽ اُهي دعائون جيڪي مائرن جي هٿن کان عرش جو سفر ڪنديون هيون، سي اڪثر ڇو سندس آڱرين مان واريءَ جيئن هيٺ ڪري پونديون آهن. اِهوئي سبب آهي، جو دعائون ته پنهنجو رنگ لائن ٿيون، پر انهن جو تاثير اُهو ڪونهي، جنهن ۾ هڪ ماءُ پنهنجي ٻچي جي علم لاءِ دعا ڪندي هجي، ها اهڙي علم جي دُعا جيڪو اڄڪلهه ڪاروبار بڻجي ويو آهي. ان کي استعمال به انهيءَ ڏس ۾ ڪيو ٿو وڃي، آئون اهڙي ڪنهن به وضاحت ۾ اِن لاءِ به نه ويندس، ڇاڪاڻ جو ٿي سگهي ٿو ، اُن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي، پر اڪثر ائين ٿئي ٿو ته جيڪي به جنهن وٽ ٻه ڪڻا علم جا پيٽ ۾ آهن، اُهو ان جو معاوضو يا بدلو وصول ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو، ڪنهن وٽ اهڙي سوچ ڪونهي ته اُن علم ڄاڻ کي عام ڀلائي يا خلق خدا لاءِ استعمال ڪيو وڃي، اڄڪلهه جيڪي اسان جي انساني معاشري ۾ مسئلا ۽ برايون ڪَر کڻي بيٺيون آهن، اُهي سڀ اُن علم جا جلوا آهن، جنهن کي ڪاروبار بڻايو ويو آهي.

تهذيب ۽ سڀاءُ بدران مصنوعيت، ڏيکاءُ ۽ آڪڙ آهي، جيڪا اسان جي نسلن کي اُڏوهي جيان کائي رهي آهي. علم يا تعليم جو صرف نالو وڃي رهيو آهي. جنهن جي آڌار ، جديد توڙي وسيح علمي ادارا ته کوليا پيا وڃن، پر علم کي اُنهن جي مد ۾ اوتري ئي جلاوطني نصيب ٿي رهي آهي، ان جو واحد ڪارڻ اِهو به آهي ته ماءُ جي دعائن کان وٺي، طالب علم جي ذهن ۾ صرف طلب دنيا وڃي رهي آهي، علم جي حاصلات به اُن دنيا کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، جنهن کي بهرحال دانائن ۾ ڏاهن رد ڪيو آهي.

منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته علم ڪنهن به ريت معاش جو ذريعو بڻجي نٿو سگهي، علم ته اُهو آهي، جيڪو معاشرن کي جنمي ٿو، تهذيب جو بنياد وجهي ٿو ۽ ثقافتن کي زندگاني بخشي ٿو. علم ڪنهن به ريت اها تعليم نٿو ڏي ته پنهنجي واحد زندگي ڪيئن گُذارجي؟ پر علم ته اُهو گس اِهو رستو ڏسي ٿو ته زندگي کي هر ڪنهن لاءِ آسان ڪيئن بڻائجي. علم يا ڄاڻ هڪ وسيح قانون فطرت آهي، جيڪو انساني ذهن ۽ عمل جو حصو بڻجي خلق خدا لاءِ انهن قانونن جي تشريح ڪندي، کين جيئڻ جا حق ۽ ضابطا سمجهائي ٿو. بُوعلي سينا کي جڏهن بغداد جي هڪڙي واپاريءَ صرف اِن لاءِ قيد ڪيو هو ته هو کيس غزني جي سُلطان، سُلطان محمود غزنوي حوالي ڪري وڏي رقم حاصل ڪندو، ڇو ته تُرڪ بادشاهه محمود غزنوي شروع کان بُوعلي سينا جي تلاش ۾ رهيو هو، جيڪا خواهش سندس مرندي دم تائين پوري نه ٿي هئي. انهيءَ دوران ساڳئي واپاري ڪجهه ماڻهن کي پڻ غزني موڪليو هو ته سُلطان کي اطلاع ڏين، جيئن هو انعام اڪرام موڪلي، کائنس بُوعلي جو هٿ وصول ڪري. اِن دوران آل بُوعيئا جي ٻارنهن سالن جي امير مجددالدوله بُوعلي سينا کي اُن واپاري کان ڇڏائي پنهنجي رياست ۾ آندو. مجددالدوله، ري رياست جي امير فخرالدوله جو پُٽ هو، جيڪو پنهنجي ماءُ فلڪ خاتون جي سرپرستيءَ ۾ امير جا فرض انجام ڏيندو هو، ننڍڙي عمر جو هي سُهڻو سُلطان ڏاڍو دلير ۽ قدردان ٻار هو، جنهن بُوعلي سينا جي قدر ۽ قيمت کي ڄاڻيندي، سندس عزت ۽ احترام ڪيو نه صرف ايترو، پر سندس والده عالم ۽ داناءُ شخص بُوعلي سينا کي پنهنجي حڪومت سنڀالڻ جي دعوت ڏني، پر بُوعلي سينا اهڙي گذارش کي صرف اهو چئي رد ڪيو ڇڏيو ته ”بُوعلي سينا صرف علم لاءِ پيدا ٿيو آهي، بُوعليءَ جي زندگيءَ ۾ حڪومت يا تخت ڪا به معنيٰ نه ٿا رکن، باقي جي بچيل زندگيءَ ۾ به گهڻو ڪجهه لکڻ چاهي ٿو.“

هن مثال کي پيش ڪرڻ جي ضرورت اِن لاءِ به مناسب سمجهيم ته، پنهنجي وقت جو هڪ تمام وڏو ڏاهو ۽ داناءُ ماڻهو به پنهنجي سُک ۽ آرام بدران اُن علم جي ڦهلاءُ لاءِ جاکوڙي ٿو، جيڪو عالم انسانيت لاءِ آجپو آهي. بُوعلي سينا جنهن پنهنجي تمام عمر سفر ۽ رياضت ۾ گذاري، ڪيڏي نه وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته اُن زماني جو ماهر فلڪيات البيروني به ڪجهه ڏينهنن جي مسافت بُوعلي سينا سان اِن لاءِ ڪري ٿو ته متان ڪجهه ڪڻا علم جا کائنس حاصل ٿي سگهن، اهڙا ڪيئي مثال هِن سنسار ۾ ڀريا پيا آهن ۽ اسان وٽ لقاءُ اِهو آهي ته ٻه اکر ماڻهو ڇا پڙهي ٿا وٺن، اُهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ سندن قدم زمين تي نٿا کُپن ۽ نه ئي وري سندن نِگاهون زمين تي رهندڙ خلق خدا تي پون ٿيون.

بُوعلي سينا جيڪو پنهنجي وقت جو تمام وڏو حڪيم ۽ حاذِق طبيب هو، سو ڪنهن ڳوٺ ۾ غريب ٻار جي علاج لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ بخارا جي امير جي وزير کيس روڪي ورتو ۽ چيائين ته ’توکي هن لمحي ئي امير منصور بن حسين جي علاج لاءِ هلڻو آهي‘ پر بُوعلي سينا اُن پيغام ۽ آڇ کي رد ڪندي غريب ٻار جي علاج کي ترجيع ڏني، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته علم ۽ عالم ڪڏهن به ڪنهن بادشاهه يا سُلطان جو ماتحت ناهي رهيو نه ئي وري عالم يا ڏاهي ڪڏهن رياستي اِحڪامن جي غلامي ڪئي آهي. اِهوئي سبب آهي، جو سقراط حڪمرانن جي قانونن جي پيروي ڪرڻ بدران زهر جو پيالو پيئڻ کي ترجيع ڏني. بُوعلي سينا، سموري زندگي سفر مسافت ۾ گذاريندي علم کي ارپي ڇڏي، پر ڪنهن به شاهي درٻار ۾ رهي پنهنجي لاءِ سُک نه طلبيائين ۽ آخرڪار بِنا شاديءَ جي اڪيلي (ڇَڙي) زندگي بسر ڪندي، هِن دنيا مان رخصت ٿيو، آئون نٿو سمجهان ته علم وارو هٿ ڪڏهن گُهرندڙ يا کَڄندڙ هٿ ٿي سگهي ٿو، علم وارو نه ڪڏهن ظالم ٿيندو آهي نه وري پينو، علم ته ارپيندڙ۽ بخشيندڙ بادشاهه آهي، جيڪو فقيرن کي به تونگر بڻائي ڇڏيندو آهي، تڏهن ئي ته لطيف سائين چيو آهي ته:

طلب جي تنوار متان ڪرين مڱڻا،

ڌڪي ڪندءِ ڌار، ڏئي ماڻِڪ مٺ ۾(شاهه)
 
Back
Top