نظم

نظم ...مقطع جي صورت ۾

اها منزل وڏي پياري هجين جو ساٿ سان ساري
سڄو اوتيان سڄو پوتيان ٿيان پو ساه سڀ واري
اندر ۾ آ اڃا اڻ تڻ اسان جي آس ۾ آشا
لڳايان نينهن ڪو اهڙو نهوڙيو جو آهي ناري
ڪناري سان لڳي ڇولي ڀڪون ڏيئي ڪلنڀر کي
اهڙو چاهيان اچڻ تنهنجو اچي وڃ پيار ۾ پياري
ائين ويجهو سفا ويجهو لڏي ٿي لحر پاڻي جيئن
ٽٻيون هڻندي رهي ٿي تات لڙهندي جا رهي تاري
تنهنجي ڀر ۾ هجان هردم کڻا جي ساه هي سڀ دم
نه واندو تو کان ويرم ٿيان هلي هردم پنهنجي ياري

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top