ضراب حيدر سنڌي اليڪٽرانِڪ ميڊيا جي بازار ۾...

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    سنڌي اليڪٽرانِڪ ميڊيا جي بازار ۾...

    ضراب حيدر



    ڪتاب ڪهڙا به هجن هڪڙي تاريخ ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي ٻولي پنهنجي سماج جو آئينو هوندا آهن، تاريخ هجي يا فڪشن اُن مان سماج جي تصوير جهلڪندي آهي. ايئن ئي ڊرامو پڻ پنهنجي سماج جو عڪس پيش ڪندو آهي. ڊرامي کي جيتوڻيڪ اڃان سوڌو ادب جي زمري ۾ ناهي شامل ڪيو ويو، پر پوءِ به ڊرامو ميڊيا جو پڪو پڪو حصو آهي، ميڊيا جيڪا پيشڪش جو ذريعو آهي سا سڌوسنئون سماج يا ڪلچر کي به پيش ڪندي آهي. لغت ۾ اُن جون معنائون ڀل لاتعداد هجن پر اسين اُن کي ذريعو ئي سمجهون ٿا ڪنهن شِڪل يا تصوير پيش ڪرڻ جو.... منهنجي خيال ۾ ته پينسل به هڪڙي ميڊيا آهي جيڪا ڪو اکر لِکي ٿي يا ڪو اسڪيچ ٺاهي ٿي.
    آئون بنيادي طور فِڪشن رائيٽر آهيان، ڪالم نگار کان علاوه منهنجي اصل سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار جي آهي. سال 2006ع ۾ مون هڪڙو بايوگرافڪ ناول لِکيو هو جنهن اڪيڊمي آف ليٽرس پاڪستان طرفان شاهه عبداللطيف اوارڊ پڻ کنيو هو، هِن وقت آئون هڪ اڌ ناول ۽ آتم ڪٿا (زندگي جو سفر تون ۽ مان) جي حصي ٻئين تي ڪم ڪري رهيو آهيان.

    منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته آٽوبايوگرافي ”آتم ڪٿا“ جنهن کي هن وقت دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ انتهائي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو، اُها گهٽ ۾ گهٽ ماڻهوءَ جي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇپجي سامهون اچڻ گهرجي، جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ هو جوابدار هجي. عمر تجربي جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر هڪ نوجوان توڙي ٻار جي به هڪڙي عجيب ڪٿا آهي جيڪا بلڪل ڇپجڻ گهرجي، هاڻي اها سوچ ڇڏڻ ۽ وسارڻ گُهرجي ته بايوگرافي ماڻهوءَ کي پوڙهائپ ۾ لِکڻ کپي( جيئن اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته آتم ڪٿا جي لکڻ لاءِ ميچوئرٽي ضروري آهي، پر هاڻي اِهو خيال بنھ پراڻو ٿي چُڪو آهي، هر عمر جي ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ، تجربا ۽ آبزرويشن ٿيئي ٿي اُنڪري آتم ڪٿا لکڻ لاءِ ڪابه پابندي لڳائي نٿي سگهجي.) سو اهڙي خيال جي پُـڀرائي ايئن به ٿئي ٿي جيئن اڪثر ماڻهو رٽائرمينٽ يا پوڙهائپ ۾ ڏاڙهيون رکي ساڌ ٿي ويهندا آهن تيئن ئي وري ڪي پارسا ٿي آتم ڪٿائون لکندا آهن. حقيقت ۾ هر عام توڙي خاص ماڻهوءَ جي هڪ پنهنجي ڪٿا آهي جيڪا وڏي اهميت واري آهي شرط صرف اِهو آهي ته اُها ايمانداريءَ سان جيئن جو تيئن (live) لکي وڃي.
    آئون جيڪو پنهنجي بايوگرافيءَ جو هي ٻيو حصو لکي رهيو آهيان اُن ۾زندگي جا نِت نوان تجربا ۽ مُشاهدا شامل آهن، زندگيءَ کي جيئن ڏٺو اٿم تيئن ئي لکيو اٿم، گڏوگڏ پنهنجي اليڪٽرانِڪ ميڊيا واري ڏھن سالن جي مُشاهدي (observation) ۽ مختلف ادارن مان حاصل ڪيل عبرتن تي هڪ ڪتاب لکي رهيو آهيان. جنهن جو عنوان اُردو جي مشهور ڪتاب ”اس بازار ۾“ وارو ئي ڏنو اٿم ، سنڌي ۾ نالو ”هِن بازار ۾“ ئي ٿيندو. سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ مخلتف ادارن ۾ نوڪرين دؤران جيئن ڏٺو ۽ پروڙيو آهي اُن کي جيئن جو تيئن لکيو اٿم، هڪ لمحي لاءِ سوچيان ٿو ته ادارن ۾ ۽ خاص طور تي سنڌي ميڊيا ۾ جيڪي قِيس ٿي رهيا آهن سي ڇا؟ منظرعام تي اچڻ کانپوءِ ڪنهن کان هضم ٿي سگهندا!؟ ڇو ته گليمر ۽ چمڪ پويان جيڪو گند ۽ گدلاڻ آهي اُن جو عام ماڻهو سوچي تڪ نٿو سگهي. نه صرف ايترو پر نالي ۽ شهرت جي بُک ۾ ماڻهو ايترو به نِيچ ٿي سگهي ٿو اُن جو ڪوئي اندازو به ڪري نٿو سگهي. ادارن ۾ ماڻهو ڪيئن اڳتي نڪرن ٿا ۽ ڪيئن حق تلفيون ڪري ناجائز مقام ۽ مرتبا حاصل ڪن ٿا، سڀ ڪجھ پنهنجي تجربي مُشاهدي ۽ پروڙ آڌار اُن ڪتاب ۾ لکيو اٿم.
    سراج الحق ميمڻ پنهنجي ٽِريالاجي ناول ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ جي هڪ حصي ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ ۾ ”اَٺَ کڙي“ آڪٽوپس جو ذڪر ڪيو هو ۽ سمجھائڻ چاهيو هو ته اُهو اَٺ کَڙو جيڪو اسانجي رئيس وڏيري ۽ زميندار جي روپ ۾ اسانجي سنڌي سماج جون پاڙون اُکيڙي هر ڏِسا کان کيس نيست نابود ڪري رهيو آهي، تنهن پنهنجون اَٺ ئي کڙون مظبوطي سان سياست ڪاموراشاهي ۽ ٻين شعبن ۾ کُپائي ڇڏيون آهن ۽ اَٺ کڙي جي کڙن جيان اُهي ايتريون ته طاقتور ٿي چُڪيون آهن جو ڪا به هڪ کَڙ اگر ڪپجي ٿي ته ٻيون کڙون اُن کڙ کي بچائي وٺن ٿيون. جيئن آڪٽوپس جي کڙ ڪپڻ سان اُها کڙ يڪدم ٻيهر ڄمي پوندي آهي. تنهنڪري اُن اٺ کڙي (آڪٽوپس) جو خاتمو ڏاڍو ڏکيو آهي.
    ائين ئي آئون به اُن ڳالهه کي ٿورو وڌائيندي چوڻ گُهران ٿو ته جنهن آڪٽوپس جي ڳالھ ڪيئي سال اڳ۾ سراج الحق ميمڻ ڪئي هئي اُن آڪٽوپسن جي هڪِڙي کڙ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا به بنجي پئي آهي ۽ ٻي کڙ قوم پرستي واري نعرو بنجي وئي آهي، جن سان نام نِهاد دانشوري واري کڙ گڏجي سنڌ جي آئيندي ۽ اکين تي وار ڪري کيس انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت جيڪي اِهي ٽي نيون کڙون متعارف ٿيون آهن سي پوئين کڙن کان به وڌيڪ نقصانڪار آهن.
    هن وقت اِن ئي تناظر ۾ آئون جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهيان سا سنڌي ڊرامي جي آهي. سنڌي ڪلاسڪ ڊرامو جنهن جي تڏا ويڙهه اسان جي سنڌي اليڪٽرانڪس ميڊيا ڪري ڇڏي آهي، اُهي سڀ سنڌي چئنل هن وقت به جوابدارن جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جهڙا آهن. جن پنهنجي وڏيرڪي ۽ سرمائيدار ذهنيت ۽ پاليسي جي آڌار نه صرف سنڌي ڊرامي کي زوال تي رسايو آهي پر سنڌي ثقافت کي نقصان رسائيندي سنڌي سماج جي هڪڙي بدترين شِڪل سامهون آندي آهي.
    آئون چار سال حيدرآباد مان هلندڙ سنڌي چئنل (مهراڻ ٽي وي) تي اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ پروگرام مئنيجر رهي چڪو آهيان، اُن کان اڳ ۾ رنگ توڙي اجرڪ ٽي وي تي پِڻ اسڪرپٽ ۽ نيوز جي حوالي سان ڪافي ڪم ڪيو اٿم. مهراڻ ٽي وي تي شروع ۾ شوڪت حسين شورو به مونسان گڏ هو جنهن جي رهنمائي ۾ ڪافي ڪجهه سِکيم ۽ پرايم. آئون ۽ ماهين هيسباڻي، يار محمد شاهه ۽ عنايت بلوچ مهراڻ ٽي وي جا پوائينر ميمبر هئاسين، جن چئنل کي هڪ گهريلو چينل ثابت ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ۽ محنت ڪئي، سنڌي سماج جي حقيقي شِڪل کي متعارف ڪرائيندي ڊرامن توڙي گانن ۾ ڊريسنگ ۽ ولگرٽي کان گريز ڪرايوسين، خاص ڪري مون اسڪرپٽ کي پنهنجي انهي اصلي پي ٽي وي واري معيار تي بيهارڻ لاءِ ڏاڍو پتوڙيو، جيڪا پريڪٽس ٻين سنڌي چينلن تي گهٽ هئي اُن کانسواءِ لطيف سائين جي شاعري ۽ سماج جي بُراين کي ڪارٽون جي شڪل ۾ ظاهر ڪرڻ، سنڌي سهرن ۽ ڳيچن کي به اسڪرين تي سهڻي انداز ۾ آندوسين.
    ڊرامي کي خاص ڪري مون مقصد بڻايو ۽ اسڪرپٽ جي بُنياد تي اُن جي معيار جي ساک بچائڻ لاءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي جنهن ۾ خاص ڪري آغا رفيق ۽ شوڪت حسين شوري جون به صلاحون مونسان گڏ رهيون. امر جليل، نور الهديٰ شاهه، نسيم کرل، حميد سنڌي ۽ رسول بخش پليجي جي ڪهاڻين کي ڊرامائي تشڪيل ڏياريسين، مون ڪيتريون ڪهاڻيون پاڻ ڊرامائي تشڪيل ڏنيون. سنڌي اليڪٽرانِڪ ميڊيا جي بگڙيل رواج کي ٽوڙيوسين، شائوٽنيس، بندوق ڌاڙيل ۽ ولگرٽي واري ڪلچرل کي بنهه ختم ڪيوسين.
    تازو عيدالفطر تي جڏهن سنڌي ٽي وي چينلز تي پروگرامس جو جائزو ورتم ته انتهائي افسوس ٿيو، خاص ڪري اسانجو پنهنجو مهراڻ ٽي وي جنهن تي تمام ڪمزور اسڪرپٽ ۽ اخلاق کان ڪريل ڊراما اسڪرين تي نظر آيا. جن ۾ هڪ ته نه ڪا سِڌي ٻولي هئي نه وري ڪي مناسب مڪالما هئا، مٿان وري رڳو ڪِلاشنڪوف جا برسٽ ئي برسٽ هئا، هڪ ڊرامو ڏسي صفا اچرج ۾ پئجي ويس جنهن ۾ هڪ عورت کي سنڌي ٽوپيءِ پارائي سندس هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ڏيکاري وئي هئي، ڊرامي جو نالو شايد ’ڪارو رواج‘ هو. مطلب ته اُن ڊرامي ۾ عورت کي سنڌي ڌاڙيل عورت ڏيکاريو ويو هو، اِن بابت جڏهن ذميوار ماڻهن سان ڳالهائجي ٿو ته سندن چوڻ آهي ته عوام اِهڙيون شيون پسند ڪري ٿو. تنهن جو جواب اِهو به ڏئي سگهجي ٿو ته عوام ته ٻيو به گهڻو ڪجهه پسند ڪري ٿو ته ڇا سنڌي چئنل اُهو به پيش ڪندا!؟
    آئون اڳي به چوندو هوس ۽ هن وقت به چوان ٿو ته ”ٽرينڊ ميڪر عوام يا ڏسندڙ ناهي هوندو، ٽرينڊ ميڪر سدائين قلمڪار رهيا آهن. يا وري ميڊيا رهي آهي. اُها جيڪو ڏيندي پيش ڪندي سو ئي عوام کي ڏسڻو ۽ پسند ڪرڻو پوندو ۽ اُن تي هلڻو پوندو.“
    جنرل ضياءَ جي دؤر ۾ سنڌي ۾ ڪجهه اهڙا ڊراما هٿ وٺي اسانجي ليکڪن کان لکرايا ويا هئا جيڪي سنڌي سماج کي بدنام ڪرڻ ۽ سنڌي معيشيت کي نقصان رسائڻ لاءِ ڪافي هئا، ڌاڙيل ڪلچرل کي سنڌي ڊرامي ۾ انتها تي ڏيکارڻ کانپوءِ اِهو ٿيو ته گهڻي قدر انڊسٽري ۽ ترقياتي رٿائون سنڌ کان پنجاب يا ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويون، جيتوڻيڪ گهڻو پوءِ اُنهن وڏن ليکڪن اُن ڳالهه جا اعتراف به ڪيا ته کائن اُهي ڊراما لالچ ۽ زور جي بنياد تي لکرايا ويا هئا. پر جيڪو نقصان اسانجي سنڌي ثقافت، سماج ۽ معيشيت کي ٿيو اُن جو ازالو اڃان سوڌو ٿي نه سگهيو آهي.
    اُهو ته آمريت جو دؤر هو، ڏنڊي يا لالچ جي زور تي سنڌي ليکڪن کان سرڪاري ميڊيا تي پنهنجي مرضي سان لکرايو ويو، هِن وقت ڪهڙيون اهڙيون قوتون آهن جيڪي اسان جي آزاد سنڌي ميڊيا کان اهڙا ڊراما ڪرائي ۽ لکرائي رهيون آهن؟ اُن جو سُراغ ضرور لڳائڻ گهرجي. هر ٻئي ڊرامي ۾ ڪلاشنڪوف، ڌاڙيل ۽ غير اخلاقي ٻوليءَ جو رواج ڪهڙي سنڌي معاشري کي پيش ڪري رهيو آهي؟ اِهو هڪڙو اهم سوال آهي. اهو سوال سنڌي چئنلن جي اُنهن مالڪن کان به آهي جيڪي تبديليءَ جون وڏيون توڙي بدلاءُ جون سِڌيون ڳالهيون ڪري، پنهنجي مخصوص پروگرامن ۾ سنڌي ماڻهن کي عجيب عجيب ڀاشن ڏئي رهيا آهن، سي پنهنجي چئنلن تي سنڌي ڊرامن ۾ ڇا پيش ڪري رهيا آهن؟ سا کين خبر به آهي يا نه؟ يا اِهو سڀ ڪجھ ڄاڻي واڻي نان پرفيشنل بُنيادن تي ٿي رهيو آهي ڇو جو اسانجي سنڌي چئنلن تي مفت واري ڪم جو رواج عام جام آهي ۽ سوين هزارين اسڪرين ۽ نالي جا شوقين ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر غيرمعياري ۽ اخلاق کان ڪريل ڊراما مفت ۾ ٺاهي سنڌي چئنلن کي هلائڻ لاءِ ڏين ٿا. سنڌي ٽي وي چئنلن جي نان پروفيشنل روين ڪارڻ سنڌ جا ناليوارا ڪهاڻيڪار توڙي ڊرامي نگار گهڻو اڳي ڀڄي پاسو ڪري ويا آهن، جو هڪ ته کين مناسب معاوضو نٿي ڏنو ويو ته ٻي طرف سندن اسڪرپٽ جي سيکڙاٺ شوقين هدايتڪارن ٻيڙي ٿي ٻوڙي ، مڪالمن جي ادائيگي کان وٺي لوڪيشن تي رڳو جُڳاڙ کان ڪم ٿي ورتو ويو.
    اِهو سوال سنڌ جي اُنهن نام نِهاد دانشورن کان به آهي جيڪي هر وقت صرف پنهنجي شهرت خاطر ٽي وي اسڪرين تي اچن ٿا، پنهنجا پنهنجا رَٽيل ٻول ٻولي هليا وڃن ٿا، چئنلن جي ڪلچر ۽ ثقافت دشمن پاليسين ۾ سُر سان سُر مِلائين ٿا، يا وري ذاتي دوستيءِ يا بوتل جي لالچ سبب خاموش رهن ٿا...
    سنڌ لاءِ سنڌ جي آجپي يا ڀلائي لاءِ جيڪي به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون اُهي محض پنهنجي دُڪانداري چِمڪائڻ لاءِ آهن، افسوس ته اِهو آهي ته امرجليل چواڻيءِ ” سنڌ جون ڳالهيون ڪندڙ سمورا حلقا اڄ سوڌو ڪوبه اهڙو ماڊل ڏئي نه سگهيا آهن جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ته هو ڪهڙي سنڌ چاهن ٿا؟“ ۽ جنهن سنڌ جي نالي تي سنڌي چينل ڪمائي ۽ پنهنجو پاڻ هلائي رهيا آهن اُن سنڌ کي اينٽئينمِنٽ (entertainment) ۾ ڪيئن پيش ڪيو وڃي ٿو اُهو توهان اسان سڀني جي سامهون آهي، وِڊيو سانگس کانوٺي ڊرامي کي ڏسي ڪو به ڌاريو ڏسندڙ اِهو نه چوندو ته ڪو هي دنيا جو امُن پسند يا مهذب ترين خِطو سنڌ آهي. جنهن جي پرچار سنڌي نيوز (news) يا اِنفٽيئمِنٽ(infotainment) ۾ ڪئي وڃي ٿي. مطلب ته جنهن سنڌي معاشري کي نيوز توڙي معلوماتي نشريات ۾ مظلوم يا سُلجھيل ڏيکاريو وڃي ٿو، سو ئي معاشرو اينٽئينمِنٽ ۾ بنھ اڻ سُڌريل ۽ ظالم پيش ڪيو وڃي ٿو، سمورن سنڌي چئنلن جي اينٽئينمِنٽ (entertainment) موجب هر سنڌي عورت يا ته رقاصا آهي يا وري ڌاڙيل ۽ هر سنڌي مرد لُچ لوفر رهزن آهي يا وري ڌاڙيل. اِها ئي هڪڙي تصوير آهي جيڪا سنڌي چئنلن جي بازار ۾ سنڌي سماج جي پيش ڪري مال ڪمايو وڃي ٿو.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين ڪالم

    اوهان جون لکڻيون زبردست آهن.

    اميد ته سلالو قائم رهندو، جاري رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو