• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهر کوکراپار سوچي ٿوـ ـ ـ

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
شهر کوکراپار سوچي ٿوـ ـ ـ

ضراب حيدر


هو ويٺو سوچي، پنهجي شهر کوکراپار جي تقدير لاءِ جيڪا تڏهن کان ڦِٽي آهي جڏهن هڪڙو وڏو سيلاب هڪڙو وڏو ڪٽڪ سندس جُوءِ مان لنگھي اُلهندي ڏانهن هليو ويو، هُن جنهن شهر ۾ پنهنجا ساھ کنيا آهن تنهن شهر سان سندس ايڏو ته پيار آهي جو ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ به شهر بڻجي پوندو آهي ۽ اِتهاس جي جهروڪن مان ليئا پائڻ لڳندو آهي، ماضي ۽ اِتهاس سندس اکين ۾ ٿُوهر پوکي ڇڏيا آهن

جيڪي ڏُڪار ۾ به سُڪي نه سگھندا آهن، سالن کان سندس نظر ۽ نِهار ۾ جيڪي ڪنڊا ٽُنبيا ويا آهن سي نڪري نه سگھيا آهن رهندو ناسُور بڻجندا رهيا آهن، هو روزانو زيرو پوائنٽ واري اُن قديم اسٽيشن تي اچي ويهندو هو جنهن جي پليٽ فارم تي هڪڙو طويل وِڇوڙو وِڇايل هوندو هو، پر پوءِ کانئس اُهو يادگار به کسجي ويو،

هو جيڪو کوکراپار۾ پنهنجو ٻاروتڻ ۽ جواني کپائي جھور ڪُراڙو ٿي ويو آهي، سندس اکين جو نور به هاڻي اُهي ڏُڪار ۽ سُڪار ڏسي نٿو سگهي جن کي ماضيءَ ۾ ڏسندي هو اڪثر نير وهائي ويهندو هو،

جڏهن کان پڪو ٺهيو آهي ته ڪيئي گاڏيون کوکراپار ۾ رُلڻ لڳيون آهن، اڳـ۾ جڏهن پڪونه هو ته صبح سويلو ڪو ڇڪڙو کوکرا پار کي خداحافظ ڪندو هوته وري وڃي سومهڻي جو اچي کوکرا کي سلام ڪندو هو، جڏهن پڪا نه هئا تڏهن به سندس تر ۾ اليڪشن جا چوٻول ڪنهن کڙتال وانگي وڄي ختم ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ وري سالن تائين سندس تر۾ سُرَ رِپ جيان پيا رڳو سور سُرندا هئاـ

جڏهن اڃان پڪا ڪونه ٺهيا هئا تڏهن راجا واري ريل سيٽيون وڄائيندي ، ڇھ ڇھ پئسا ٻـ ٻـ پايون ڪندي ڪاري دونهين جا ڪڪر ٺاهيندي کوکراپار ڏانهن ڪاهيندي ڌوڪيندي ايندي هئي تڏهن به ڪنهن حد تائين کوکراپار ڄڻ وسيل هئي ـ جيتوڻيڪ کوکراپار جي ميسارجي ويل پُرسرار اسٽيشن ورهاڱي کان پوءِ سدائين اوسيئڙو بڻيل رهي هئي پر پنجين سيپٽمبر پنجهَٺ کان پوءِ کوکراپار جون اکيون ڄڻ ته سمورو نور وڃائي ويٺيون هُيون جو پنجهَٺ واري جنگ ۽ ڪشيدگين کان پوءِ راجا واري ريل جو سفر هِند جي سرحدن ۾ بند ڪيو ويوـ

ها پر راجا واري ريل پوءِ به ڪيترن سالن تائين پنهنجي مخصوص ننڍڙي پٽڙي تان ڇڪ ڇڪ شون شون ڪندي کوکراپار جي سار لهندي هئي ـ پر هاڻي ته اُهي پٽڙيون ئي ناهن رهيون جن تان اُها ننڍڙي دِلرُبا ريل سؤپيري جيان سُرندي ايندي هئي، پري کان ڪنهن ڀِٽ تان بيهي نهاربو هو ته راجا واري ريل نانگ جيان ور وڪڙ ڪاٽيندي ڪاري انجڻ مان دونهَن جا ڌوڌٽ ڪندي ايندي هئي ـ

اڄ وري سندس تر ۾ اليڪشن جا چوٻول آهن، چونڊون يا چونڊ هن لاءِ مرچن ۽ ڦُٽين جي چوندي جيان آهي جنهن ۾ ڄڻ سڀ ڪجھ ئي چونڊجي ويندو آهي، ڳوٺن جي ساوڪ ۽ سُک شهرن جو سُڪون ۽ ٿر جو سُڪار ـ

چونڊ هُن لاءِ الائي ڇو ڏُکڻ هاري ٿي پيئي آهي جنهن چونڊي چوندي سموري زندگي کڻي ورتي بدلي ۾ بس خوف ۽ موت جو هڪڙو وڏو راڪاس ڇڏيو آهي جيڪو هر ويل لامارا ڏيندو وتي، هو سالن کان اچي سدائين کوکرا پار جي اڪيلي ويران ۽ اُداس اسٽيشن تي ويهندو هو، جتان گهڻو ڪجھ گذري ويو هڪ اهڙو سيلاب به جنهن سنڌ جي سونهن کي ساڙي رکيو، هو اُهي ڪٽڪ وساري نٿو سگهي جن وڏيون وسنديون اُجاڙي ڇڏيون، اڃان ڪو سُڪار مس ٿيندو هو ته ماڪڙ جا ڪٽڪ اچي لهندا هئا ۽ پوءِ رڳو ڏڪار ئي ڏڪار هوندو هو، ماضيءَ ۾ هڪڙو اهڙو ڏڪار به هُن ڏٺو جنهن ۾ هڪڙي عجيب ماڪڙ جا ڪٽڪ اُڀرندي کان لٿا هئا جن مان الله وارو الف نڪتل هو، اُهي ڪٽڪ اُهو لفظ ماڪڙ ويتر الله وارو الف نڪرڻ کانپوءِ ڏاڍو ڏکيو محسوس ٿيو هوس جنهن کي اُچاريندي ڄڻ سندس نِڙي ڏُکي پئي هئي، زبان ۽ تارُون خشڪ ٿي ويو هوس، هو پڙهيل بنھ ڪونهي پر هُن پنهنجي وڏڙن کان ٻُڌو هو ته ڪٽڪ ماڻهن جا هُجن يا وري ماڪڙ جا جڏهن به ڪنهن ڌرتي ڪنهن سرزمين تي ڪاهيندا آهن ته ڏُڪار آڻي ڇڏيندا آهن، مڪليءِ جي ماٺ ۽ روپا جو رِڻ اڻ ڳالھ جو گواھ آهي، هُن جڏهن اُڀرندي کان ايندڙ اُنهن ڪٽڪن کي اُلهندي ويندي ڏٺو هو ته ڏاڍو خوفزده ٿي ويو هو ويتر جڏهن ڪنهن کانئس پڇيو هو ته ڀائي يـ سنڌ ڪتني دور هي؟ هُو اُن وقت سڄو سراپجي ويو هو، هُن وراڻيو هو ته هي ئي ته سنڌ آهي،جنهن جواعتبار نه ڪندي ساڳئي شخص کيس چيو هو يـ سنڌ ڪيسي هو سڪتي هي؟ سنڌ تو سُنا هي بڙي سرسبز هي

پوءِ کيس هزارين خوف ورائي ويا هئا ته هي ڪهڙي مخلوق آهي جيڪا سنڌ جي سرسبزيءَ پويان آئي آهي، تڏهن پنهنجي ئي ڪنهن رئيس ڀوتار کيس آٿت ڏيندي چيو هو ته هي ڪي ڪٽڪ يا عجيب مخلوق ناهن جن کي ڏسي تون دل لاهي ويٺو آهين، هي پنهنجا ئي ڀائر پنهنجا ئي دلبر پنهنجا ئي ڀائي آهن، پنهنجا ئي حال ڀائي آهن جيڪي اسان سان سمورا ڏک سور ونڊيندا، ويساھ ڪر هي خوشحالي جا ڪٽڪ آهن، زرخيزي ۽ هريالي جا ڪٽڪ آهن، هُن کي بنھ ويساھ نه آيو هو هُو ڏسندو ئي رهجي ويو ۽ پوءِ رڳو ڌُوڙ ڇائي سموري پٽيءَ ۾ ڦهلجي وئي، اُنهن جيڪي وسنديون وڃي وسايون اُتي هاڻي قهر جا وڏا شادماڻا آهن روزانو الائي ڪيترا ڦٽاڪا ڦاٽندا آهن، ڳِليون ۽ رستا رت جهڙي ڳاڙهي رنگ سان ڪنوار جيان سنگاريل هوندا آهن ـ

هُن کي اُن ننڍڙي دِل جھڙي پٽڙي جي اُکڙجي وڃڻ جو ڏُک اِنڪري به آهي جو هِن ئي پٽڙيءَ سندس دِل جا دوست ۽ دلبر کائنس ڇِني ڌار ڪيا هئا، هو سالن تائين کوکراپار جي ويران ۽ کنڊر بڻجي ويل اسٽيشن تي صرف ان لاءِ اچي ويهندو هو ته متان ڪا ريل اوچتو اڄي وڃي ۽ سندس وِڇري ويل پرين موٽي اچن، پر ايئن نه ٿيو سو نه ٿيو رهندو فيبروري ٻـ هزار ڇھ ۾ اُن پٽڙيءَ جي پٽجي وڃن کانپوءِ سندس آسون اُميدون به مري ويون جيڪي اُنهن ننڍڙين پٽڙين تان تِرڪنديون ترنديون وڃي سرحدپارپنهنجي پرين کي پسي اينديون هُيون ـ

اڄ وري چونڊن جو چوٻول آهي هُن کي وري وسوسو ٿي پيو آهي ته ضرور ڪو انياءُ ساڻس ٿيندو جيڪو سالن کان ڪنهن نه ڪنهن نعري ڪنهن نه ڪنهن نالي ۾ ساڻس ٿيندو رهيو آهي ڇو ته ورهيـ اڳ جن مسافرن کي هُن کوکراپار جي اسٽيشن تي ڏُڌ لَسِيون ۽ مانيون کارايون هيون تن سندس ڏُٿُ کسڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، روايتي مُکي مهندار، رئيس پٽيل، ڀائي ڀوتار هن ڌرتيءَ جا ويري بڻيا بيٺا آهن، کوکراپار جون وسنديون اڄ به اُداس آهن، ٿر جا ٿاڪ اڄ به اُڃارا آهن ڪو ٻانهن ٻيلي ته ڪو هٿ هٿ ڪيو اچي ٿو، ڪو ديپ جلائي ٿو ۽ رهندو سوجھرو به ڀسم ڪريو ڇڏي ـ سال گذري ويا آهن پر سندس ۽ سندس ننڍڙي شهر جي تقدير ناهي بدلي، هو ڪڏهن پنهنجي دل ته ڪڏهن کوکراپار جي دل سان سوچي ٿو پر کيس اڳي پوءِ تاريڪيون ئي نظر اچن ٿيون

راجا واري ريل جي جاءِ تي نئين ريل به ٿر ايڪسپريس جا نالي سان هلي، ان کي هلائڻ لاءِ نوان پيچرا نيون پٽڙيون به وِڌيون ويون پر نه سندس پرين موٽي سگهيا نه وري سندس تر ۾ ڪي اُجالا اچي سگهيا ـ سندس تر جا ماڻهو اڄ به الله جي آسري آهن جن جون اکيون ڏُڪار ڏسي ڏرا ڏئي ويون آهن، هن جيان اڄ به کوکراپار جو شهر سوچي ٿو جنهن کي واريءَ ۽ لٽ لٽي ڇڏيو آهي، هن جيان کوکراپار جون اکيون اڄ به آسوند آهن اُن پرين جي پيار لاءِ جيڪو مُرڪي نهاريندو هو ته سمورا ڏُڪار ڏري پوندا هئا ۽ سُڪارسانڀا ڪندا ورندا هئا ۽ سور سنڌا ڪيو ويندا هئا ـ

چونڊن جو چوٻول آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته چونڊ واري ڏينهن تي کيس مُکي مهندار، رئيس پٽيل، ڀائي ڀوتار کنڀي کڻي ويندا ۽ پنهنجي مرضي سان کانئس ٺپو هڻرائي کيس ڪنهن ڀِٽ جي ڀِڪ ۾ اُڇلائي ڇڏيندا جتي هُو وري ڪيترن سالن تائين پنهنجي قسمت تي روئيندو رهندو، اِنهي سوچ ۽ غم هُن جي دل ڏاڍو چاهي ٿي ته جيڪر هاڻي هو اُنهن مُکي مهندارن، رئيس پٽيلن ۽ ڀائي ڀوتارن جي تقديرن کي چمڪائڻ ۽ پنهنجي تقدير ڦٽائن لاءِٺپو هڻڻ بدران کوکراپار ئي نه سرحد پار ئي نه پر هِن ڌرتي پار هن دنيا پار هليو وڃي جتي گهٽ ۾ گھٽ تقدير جا فيصلا ووٽ تي ته ناهن، جنهن جي پرچار ۽ حاصلات ۾ سڀ ايئن سرگرم آهن جيئن ماڪڙ جا ڪٽڪ سرسبزي ۾ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ رڳو ڌوڙ ۽ ڇائي ئي هوندي آهي ـ
 
Back
Top