• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويا مور مري، قحط الرجال آيو..

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
ويا مور مري، قحط الرجال آيو..

ضراب حيدر




علم جو ڪو به انت يا ڇيهه ڪونهي ۽ علم جي انتها کي لکن هزارن سالن جي عمر کان هلندڙ انسان رسي نه سگهيو آهي، علم جيڪو ظاهر آهي، جڏهن اُن جي انتها کي انسان رسي ناهي سگهيو ته غيب يا ڳجهه کي هو ڪٿان ٿو لهي سگهي، جيڪي فطرتجي اسرارن ۽ رازن ۾ لِڪل آهن.

آئون علم جي ڪتاب نه پر ڪاڳر جو طلب علم آهيان، مون علم کي اک سان پروڙڻ، شعور ۽ ادراڪ سان سمجهڻ ۽ هٿ جي پورهيئي سان سهيڙڻ چاهيو آهي، مون علم ڪڏهن به ڪتاب يا ٻٽون بڻائي ويڙهي لڪائڻ يا کيسو ڪمائڻ جو هنر ناهي سمجهيو، علم آجپو آهي، علم روشني آهي... علم هڪڙو راز ۽ ڳجهه آهي جنهن جي خبر شايد ڪنهن کي به ڪونهي، سواءِ ان قدرت جي ۽ ٻيو قدرت وارن جي قدرت ڇا آهي. اهو ادراڪ صرف قدرت وارن کي ئي هوندو آهي ۽ قدرت وارا ڪير آهن اِها ڄاڻ به صرف قدرت کي آهي.

اسين توهين سڀ علم جي روشنيءَ سان پيدا ٿيل پاڇي ۾ گذاريون پيا ۽ علم جي خار يا خام کي ميڙيون پيا جيڪا آبدوزن کان ويندي راڪيٽن جي حرڪت جو محرڪ آهي، اسين نفسيات کان ويندي سماجيات، ابتدا کان ڪماليات تائين هڪ خول ۾ ويڙهيا پيا آهيون، اُهو خول اسين پاڻ آهيون يا وري اسانجي روپ ۾ اسانجو ئي هم نفس آهي..

اسين علم ۽ روشني هوندي به انڌا آهيون.

اسين آئينن اڳيان به ڄڻ اُٻاڻڪا آهيون، آئينن ۾ پنهنجا ئي عڪس اسانکي ڄڻ اوپرا ۽ اجنبي لڳن ٿا.اسانجي اندر توڙي ٻاهر جا آئينا ڌنڌلا ٿي ويا آهن. سمجهه ۾ ته اِهو به نٿو اچي ته آئينا ڌنڌلا ٿي ويا آهن يا اسانجا چهرا ۽ اندر ميرا ٿي ويا آهن.

۽ هن دور جو الميو اِهو آهي ته ڪو هڪ اڌ عدد انسان ميسر نٿو ٿيئي، ڪو رتيءَ جيترو علم، ڪنهن وٿيءَ جيترو سوجهرو به نٿو سُجهي...هر پاسي تاڪ ۽ دروازا بند آهن، هر هنڌ گُگهه اوندهه آهي، بظاهر ته دنيا جهان به آهي، ڌرتيءَ جو گولو به وسي پيو، آبدوز به هلن پيا ته راڪيٽ به اڏامون ڪن پيا.. ڪار جهان به هلي پيو ۽ جواز جهان به خلقجي پيو، جهاتي پائجي ٿي اندر ۾ ته اوندهه، نهارجي ٿو ٻاهر ته تاريڪي ماڻهن جي نقابن ۾ نه سمجهه ۾ ايندڙ صورتون ۽ شڪلون آهن جن جي اکين ۾ شيها ۽ الفاظن/ٻولين ۾ رُڪ ڀريل آهي.

سوچيم اٿم ته اڄ نڪران ٿو هڪ اڌ انسان جي ڳولها ۾...؟

متان ڪٿي ملي پوي.....

شروعات ڪريان ٿو هڪڙي آفيس کان،

هڪڙي ويل ڊيڪورٽيڊ آفيس ۾ داخل ٿيان ٿو، آئون ان آفيس ۾ ويٺل ماڻهوءَ کي ڪنهن به خدو خال جي حوالي سان نٿو سڃاڻان پر چون ٿا ته اُهو آفيس وارو آهي، يعني آفيسر آهي، آئون ساڻس مخاطب ٿيان ٿو، هو مونسان مخاطب نٿو ٿيئي، آئون کيس ڪجهه چوڻ ٻڌائڻ چاهيان ٿو، هو مونکي ٻڌي نٿو. آئون کيس منٿ ميڙ ڪريان ٿو، بدلي ۾ مونکي ڌڙڪا ۽ دهمان ملن ٿا. آفيس وارو مونکي اهو گمان ڏئي ٿو ته منهنجو ڪو به اسٽيٽس ڪونهي ان ڪري آئون انسانيت جي دائري مان خارج آهيان. مطلب سندس ڪُرسيءَ جو ڦيرو ۽ اختيارن جو دائرو مونکي انسانيت جي اعتبار مان ڪڍي ڍورن ڍڳن جي دائري ۾ بيهاري ٿو ۽ مونسان هڪ غير انساني سُلوڪ روا ڪري ٿو. آئون جيڪو هڪ انسان جي ڳولا ۾ نڪتو هوس، سو حيوان وارو اعزاز ۽ لقب وٺي بيٺو رهيس، کن پل ۾ هڪڙو ڍڳي نما ماڻهو اُن آفيس ۾ آيو آفيس واري کيس کِلي کيڪاريو ۽ سامهون رکيل ڪُرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو، ڍڳي نما ماڻهو ڪُرسيءَ تي ويهندي، آفيس واري ماڻهو کان پُڇيو ته

”هي ڍور هتي ڪيئن بيٺو آهي، کيس ڪڍو نه ٻاهر“

پوءِ آفيسر گهنٽي وڄائي پٽيوالي کي گهرايو ۽ مونکي ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو، ٻاهر نڪري آفيس جي احاطي کي ڏٺم هڪ لمحي لاءِ سوچيندي ته ڪٿي غلط جاءِ تي ته ڪونه آيو آهيان، آفيس جي بورڊ کي پڙهيم جنهن تي لکيل هو ”انسانيت جي ڀلائي جو ادارو“

دل ۾ مرڪندي پنهنجو پاڻ کي چيم” هل، ڍور تنهنجي هتي جاءِ ناهي.“ آفيس جي احاطي کان نڪري روڊ تي آيس. پريشانيءَ ۽ مايوسيءَ ۾ اڃ تپايو سو سامهون هڪڙي جوس جي دُڪان جو اچي گهٽ جهليم... ۽ عاجزاڻا انداز ۾ دڪاندار کان پاڻي گهريم، دڪاندار جي ڇڙپ مونکي پاڻيءَ مان ڪڍڻ لاءِ ڪافي هئي پر اندر جو انسان مونتي ضابطو ڪري ويو. دڪان جي بورڊ کي نهاريم جنهن تي لکيل هو.

”پاني هي زندگي، ٺنڊا ٺنڊا پاني“

مونکي اُڃ خاصي لڳي هئي، تنهن ڪري دڪاندار کي منٿ ڪيم ته ٻيلي انسانيت جي ناتي مونکي پاڻي پيار“

دڪاندار وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو” تون انسان آهين، انسان آهين ته توکي دڪان جي اصول ۽ انسانيت جي قدرن جي به خبر ناهي، پاڻي ڪو ايئن ملندو آهي ڇا؟“

کيس چيم” ڪيئن، ملندو آهي؟“ چيائين پئسن سان“

کيس چيم ”نه نه ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي، تو پاڻ ئي ٻاهران لکيو آهي ته پاڻي آهي زندگي، ۽ زندگي ڀلا ڪو پئسن سان ملندي آهي ڇا؟ جو پاڻي پئسن جو ٿا ڏيو...“

هُن وري ٽهڪ ڏنو ۽ چيو” درياهن کان وٺي واهن ۽ واهن کان وٺي کيتن ۾ پاڻي پئسن سان ملندو آهي ۽ جيستائين سوال آهي زندگيءَ جو پئسن کانسواءِ زندگي گذاري ته ڏيکار..“ هن وري ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ چيو

”هل ڙي ڍڳا.. .ويچارو انسان آيو آهي دنيا ۾ هي...!!“

آئون هلڻ لڳس ته پٺيان هڪل ڪندي چيائين.

”بنا پئسي جي زندگي قبرستان ۾ ملندي آهي ۽ بنا پئسي جي پاڻي اکين ۾ ملندو آهي...“ اڳتي هليس ته اکين ۾ پاڻي لهي آيو، جيڪو آئون پي ويس، ڪجهه گهڙين لاءِ اُڃ اُجهامي وئي. اڳيان روڊ تي هاءِ وي وارن جو بورڊ لڳل هو، جنهن تي هلڻ جا اشارا ۽ اصول لکيل هئا. هڪ لمحي لاءِ سوچيم.

”هي سڀ ته پئسي وارن لاءِ آهي، جن وٽ پئسو ناهي، جن وٽ اسٽيٽس ناهي، انهن کي جيئڻ جو ڪهڙو حق.. جيئڻ ته وڏي ڳالهه آهي پر کين ڪو انسان/ ماڻهو تسليم ڪرڻ لاءِ به تيار ڪونهي....“ روڊ تان هلندو رهيس. سامهون هڪڙي وڏي ڪروزر گاڏي ۾ هڪڙو بن مانس جهڙو ڍانچو، ڪنهن حور سان کلندو ڳالهائيندو پئي ويو، حور ايڏو ته خوش پئي نظر آئي ڄڻ ته جنت ۾ هجي. ۽ پوءِ هڪڙي ايمبولنس سائرن وڄائيندي گذري، جنهن کي هڪڙو ٻلو هلائي رهيو هو، ۽ پويان هڪڙو مور زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ڦٿڪي رهيو هو، مور کي تڙپندي ڏسي دل تڙپي اُٿي، سو مون به رُخ ڪيو سول اسپتال جو، جو مونکي ياد اچي ويو هڪڙو مور ماڻهو جيڪو اسپتال ۾ داخل هو.

اسپتال جيئن تيئن ڪري پهتس، وارڊ ۾ هر بيڊ تي ڄڻ مونکي فرشتا سُتل نظر ايا. هڪ لمحي لاءَ سوچيم ته وري ڪٿي ڀُلجي غلط جاءِ تي ته ڪو نه اچي ويو آهيان، پر ايئن ڪو نه هو ، بيڊن تي سوچ پچ مور ۽ فرشتا ماڻهو لٽيل هئا. آئون پنهنجي يار سان مليس ته اوچتو هڪڙو شيطان اچي مٿان بيٺو ۽ مون واري يار کي عجيبب قسم جا داٻا ڏيندي، دڙڪن ۾ تنبيهون ڪندو هلندو ويو، مون يارڙي کي چيو.

”مٺا مور ماڻهو هي، شيطان وري ڪٿان آيو...؟!“

مرڪندي چيائين”زندگي مفافقي واري ماحول ۾ يزيدن سان جهيڙي ۾ گذري وئي، موت پٿاريءَ پيا آهيون ته شيطان منهن ۾ لڳا آهن... پوءِ مون ڏٺو ته ڪيترائي شيطان ۽ شيطا نڙيون اڇن ڪوٽن ۾ هر بيڊ تي ايندا ويندا رهيا ۽ مور جهڙن ماڻهن کي ڇڙٻون ڏيندا رهيا. يار کي چيم” يار تون هتي الڳ بيڊ تي پيو آهين، اڳ ۾ هڪڙو مور ايمبولنس ۾ ڦٿڪندي ڏٺو هئم، وري هوڏانهن ٿر ۾ پيا مور مرن.

هُن مُرڪي چيو ”ٻُڌو ڪو نه اٿئي، کيل ختم، پئسا هضم“

کيس چيم ته اهو نئون فقرو ته ماڻهن سان لاڳو آهي ته پئسا ناهن ته زندگيءَ جو کيل ختم، پر ٿر جي مورن کي ڇا ٿيو آهي؟

مون ڏانهن تعجب وچان نهاريندي چيائين

”ٿر ۾ به ته ماڻهن جو ڪال اچي ويو آهي، جڏهن کان ترقي جو دور هليو آهي نوان ادارا قائم ٿيا آهن. انساني ڀلائي جا نعرا شروع ٿيا آهن، مورن لڏڻ شروع ڪيو آهي.مسڪين جهان خان کوسو کان وٺي فقير مُقيم ڪنڀار تائين مور ماڻهو لڏي ويا ته هاڻي مور وري قحط الرجال ٿر ۾/ سنڌ ۾ رهي ڇا ڪندا؟“

مونکي ڄڻ ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳو،

قحط الرجال لفظ کوپڙي ۾ ڄڻ ته ائٽم بم جيان ڦاٽي پيو، اُٿي تڪڙو تڪڙو ٻاهر آيس.

سامهون مارڪيٽ هو، هليو ويس مارڪيٽ ۾ انسان جي ڳولا ۾ هڪ ڀاڄي واري کان پُڇيم ”هتي انسان ملندو آهي..؟“

مُرڪندي چيائين ”نه سائين، هتي پٽاٽا ملندا آهن. سي به انسان جي مُلهه م...“

اڳتي هڪڙي مُرغي واري وٽ ويس کيس چيم، هتي انسان ملندو آهي؟،،،

هُن ٽهڪ ڏئي پٺاڻڪيءَ لجهي ۾ چيو، ” کوجا ،انسان تو بوري ۾ بند گند ڪي ڍير پي ملتا هي وه ڀي بغير ڪِسي تول ڪي حساب ۾.. يهان تو هم بيچاري مُرغي ڪا گوشت بيچتي هين وه ڀي غير انسان ڪه ليئي.“

ائين لڳو دماغ تي ڪو ٻيو بم ڪنهن ڪِرائي رکيو..

وڃ ڙي هي هيڏو قحط الرجال...

ڊوڙندي سوزڪي ۾ ويٺس ۽ راڻي باغ جي دروازي تي لَٿس، نالو پڙهيم ”راڻي باغ، دل ۾ خيال آيو ته راڻيءَ جي باغ ۾ ڪو راجا ضرور هوندو... اڄ ضرور ڪو نه ڪو انسان راڻيءَ جي باغ ۾ ملي پوندو، اوچتو هڪ راڻي ۽ راجا ڏٺم جيڪي ٻاهر پئي نڪتا.. تيزي سان بريڪ لڳو هڪ گاڏيءَ مان ڪجهه همراهه لٿا، ٺاٺا ٿي، راجا مارجي ويو، راڻي جڏهن نقاب لاٿو ته ڏائڻ جو روپ ظاهر ٿيو مان ڊپ مان جانورن جي پڃرن طرف ڀڳس.

جين ئي اندر پُهتس هر پڃري مان آواز آيو.

”ڀلي ڪري آئين سُهڻا..“

جان جو کڻي ڏسان ته سڀ انسان پڃرن ۾ واڙيا پيا هئا، بک ۽ بدحاليءَ ۾ بس رڳو سندن نقش بدلجي ويا هئا. تڪڙو تڪڙو مورن واري پڃري وٽ آيس، ڪجهه به نه هو ڪجهه رنگ برنگي کنڀ پيا هئا. ڀرسان واري پڃري مان ڪڪڙ هڪل ڪندي چيو.

”سائين مور اُڏامي ويا، باقي اسان ٻه چار انسان آهيون سي به پڃرن ۾ بند آهيون، ڪجهه ڪري ئي نٿا سگهون، بي وس آهيون.“
 
Back
Top