• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماحول، من منجھائي رکيو آهي

ضراب حيدر

سينيئر رڪن
ماحول، من منجھائي رکيو آهي

ضراب حيدر




ڪالهه ماحوليات جو عالمي ڏينهن ٿي گذريو، ماحوليات جو اهو عالمي ڏينهن ماحول جيان هوا ٿي گذري ويو، ڪا خبر به ڪونه پئي، هي روز روز دنيا ۾ عالمي ڏينهن ٿيندا رهن ٿا ۽ اهي وڏي احتمام سان ملهايا به وڃن ٿا پر اُهي روايتي معمول وانگر هلي گذري وڃن ٿا. سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته اهڙن عالمي ڏينهن جو ڪهڙو ڪارج آهي ۽ اهي ايندڙ ٻين ڏينهن لاءِ ڪهڙو پيغام ڇڏي وڃن ٿا، ڇو ته ماڻهو ته اُهي ئي ساڳيا جا ساڳيا آهن، منجهن ڪا به تبديلي محسوس نٿي ٿئي. بس پنهنجي نفسا نفسي ۾ پورا آهن.

ڪالهه ماحوليات جو عالمي ڏينهن ٻلي پير، ٻلي پير ڪري گذري ويو پر هانءُ تي اڃا به ساڳيو ئي ٻوسٽ برقرار آهي، اندر جو ماحول جيڪو ورهين کان آلوده لڳو پيو آهي، تنهن کي ويتر ماحوليات صفا گُهٽي ڇڏيو آهي. هڪ لمحي لاءِ ٽي وي چئنلن کان وٺي عالمي ميڊيا تي ماحوليات واري ان عالمي ڏينهن جي فالواپ ۾ گهڻو ڪجهه اسڪرين تان ترندو ويو ۽ ذهن جي اسڪرين تي هڪ لمحي لاءِ پنهنجي من جو ماحول وري پيو.جنهن ڪري اڄ وري ورهين پڄاڻان، اندر ۾ جهاتي پاتي اٿم، ايئن پيو لڳي ڄڻ منهنجو مَن ورهيه اڳ ۾ ٻُڌل ٽائيٽينڪ جهاز هُجي، جنهن تي زمانن جو سينور چڙهي ويو آهي. مونکي پنهنجو مَن آبي آثار جو انوکو نمونو لڳو، جيڪو حالتن ۽ زمانن جي وهڪرن ۾ لُڙهي ڪڏهو ٻُڏي ڪنهن پاتال ۾ هليو ويو هو.

مون پنهنجي سمجهه ۽ شعور جي ڪيمرائن سان جڏهن پنهنجي ٻڏل من جي کوجنا شروع ڪئي ته هڪ نه وسرندڙ زماني جون يادون وهي جي ايوان واري هال جي سيڙهين تي مُرڪندي نظر آيون ۽ پوءِ هڪ اهڙي سفر جو دستاويز اکين آڏو تري آيو، جيڪو سفر بنهه خوبصورت هو. اهو سفر جنهن ۾ اندر جو ماحول بهارن جيان ٽڙندو رهندو هو، ڪٿي هئي؟ ايڏي گھُٽ ۽ ٻُوسٽ، جيڏانهن نهاربو هو، نهار جي هر ڏسا ۾ ڏورڏور تائين رڳو مُرڪون ۽ خوشيون رقص ڪندي نظر اينديون هيون، سمورو چمن گل و گلزار لڳندو هو.

اڄ مون پڻ اُنهي من جي کوجنا شروع ڪئي، جيڪو حالتن جي طوفان ۽ وقت جي وهڪري ۾ زماني جي انياءُ سان ٽڪرائجي ٽائيٽينڪ جيان اونڌاهين ۽ پاتالن ۾ غرق ٿي ويو هو. مونکي هڪ لمحي لاءِ پنهنجي مَن ۾ اهي ساڳيو روشنيون نظر آيون جيڪي جيون کي ڪڏهن به تاريڪ ٿيڻ نه ڏينديون هُيون، منهنجو غرق ٿي ويل مَن هنيئر سوڌو به اُنهن خوشبوئن سان مُطعر هو جيڪي پل پل کي تازو رکنديون هُيون، جيتوڻيڪ مَن ۾ پوکيل سمورا گل و گلزار ۽ مُکڙيون ڪوماڻجي چُڪيون هُيون.

خبر ناهي اُهو ڪهڙو زمانو ڪهڙو سمئو هو، جڏهن مَن چلوِلايون ڪندو هو، سندس چوڻ تي بي سبب رولاڪيون ڪبيون هيون، ڪڏهن لمحن جا لمحا خاموش رهبو هو ته ڪڏهن وري پهرن جا پهر يخيون هڻبيون هُيون،

اڪثر نه چاهيندي به ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪوڙيون سچيون ننڍون ڪبيون هُيون ته ڪڏهن وري بي سبب چٻري جيان اکيون ڦوٽاري ڏينهن جا ڏينهن جاڳبو رهبو هو،

من جيڪو ڪارونجهر جيان اڏول هوندو هو ته وري ڪڏهن واريءَ جيان وهي ويندو هو، اهو ئي مَن جيڪو بڙ جيان گهاٽو ۽ ڇانوءَ دار محسوس ٿيندو سوئي من پل ۾ ٽانڊو بڻجي پوندو هو، اهوئي ته من هو جيڪو ٻارن جيان هر ڳڻتيءَ ۽ فڪر کان بي پرواهه ٿي کيل تماشا ڪندو وتندو هو ته ڪڏهن وري ڳڀرن جيان سانگ رچائيندو رهندو هو.

هڪ لمحي لاءِ اهو پڻ سوچي رهيو آهيان ته ٽائيٽينڪ جيان ٻُڏي ويل من کان پوءِ آئون، جيڪو ٻُڏي تري بَچي نڪتو هوس، ته حياتي جو سفر ايئن گذرندو رهيو، جيئن ڪو بگهڙ قبرستان مان گذري وڃي، چپ چپ...! خاموش ڏاڍو ڀيانڪ....!؟

من جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن من ته ائين به رهيو آهي جيئن ڪو ديوانو، سياڻن جي ميڙ ۾ بنهه اڪيلو رهجي وڃي، مَن ته ايئن به ناز نخرا ۽ ضد ڪندو رهيو آهي، ڄڻ ته سڀ ڪجهه ماڻهو جي پنهنجي وَس ۾ هُجي،

ڪڏهن ڪڏهن هنيئڙا نٿو وڻين مون

تو جي سڄڻ ساريا سي وس ناهن مون

ڪڏهن ڪڏهن تون، اڻ ڏٺا ٿو آرا ڪرين

منهنجو خيال آهي ته ماحول ۽ ماحوليات جي هي هيڏي ساري آلودگي ڏسي، هر ماڻهوءَ جي دل اهو ضرور چوندي هوندي ته هُو پنهنجي ٻُڏي ويل من کي هڪ ڀيرو وري جياري اُنهن ادائن سان، جيڪي ڪنهن جون محتاج نه رهيون آهن،

مَن جيڪو ڪڏهن بُلي شاهه جيان ته ڪڏهن سليمان شاهه جيان ڇيرون ٻڌي نچڻ لاءِ چوندو آهي، مَن جيڪو ڪڏهن ڀڳوان شِوَ جيان ٽانڊو ناچ نچڻ جا سانڀا ڪندو آهي، اُهو ئي مَن ڪڏهن ملول ٿي منهن مونن ۾ وجهي، ”سُتا ئي سونهن ننڊ عبادت جن جي“ واري ڳالهه ڪندو آهي.

مَن جيڪو راڪاس جو رمزون ڪين ڄاڻي، سو ته اهڙو بِنواس گُهرندو آهي، جتي بس پنهنجي ذات کانسواءِ ڪو هنگامو نه هجي، بس اهڙي سانت هجي جو ساهه جو سَهڪو اُن سانت ۾ ڄڻ ڌمال لڳي، ڪو ناد يا وڄندڙ سنک لڳي، يا وري مورڳو ئي ساهه جو سوسٽ ايئن ختم ٿي وڃي جيئن ڦوڪ سان ڏيئو اُجهامي ويندو آهي. اهو ئي من جيڪو پنهنجي مرضي جو مالڪ هوندو آهي، اهو ڪڏهن ڪڏهن دهشت دم دريا ۾ گوڙ ۽ گُمسان واري ڪارونڀار ۾ ڪاڍو ميهار جو بڻجي پوندو آهي، ماڻهو جو من جيڪو موجن ۽ مستين وارو درياهه آهي سو ڪڏهن به ڪنهن سمونڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو آهي اُهو ته بس مرضين ۽ رضائن جو بند ٽوڙي ميدانن ۽ وسيع ڏسائن ۾ ڦلهجي پکڙجي ويندو آهي.ڪير آهي جيڪو مَن کي روڪي مَن کي جهلي...

۽ اُهو ئي مَن جيڪو پنهنجي سر پاڻ بادشاهه هوندو آهي، ڪنهن جي نه ٻڌندو نه سڻندو آهي. انهي من ۾ جڏهن ڪو محبوب، ڪو صنم، ڪوُ بت، ڪا صورت ديرو ڄمائي ويهندي آهي، پريت جا پَنڌ، محبت جا ونگ وجهي، سِک جا سڳا سوريندي ياد جا چنگ چوريندي آهي ته اُن لمحي هستي، هستي نه رهندي آهي، بس مستي بڻجي پوندي آهي اُن مستيءَ جو سرور، اُن مستيءَ جو خمار پوءِ ڪٿي ٿو تڪي ۽ توري سگهي، پوءِ ئي ته رمزون ۽ رنگ اهڙو ترانو ۽ ترنگ بڻجندا آهن جو وڃي ٿيا خير.

پر اِهو ڀاڳ، اِهو نصيب هر ڪنهن جو ڪٿي!!؟

من ۾ ڪو محبوب وسي، ڪو پرين ڌيرو ڄمائي ويهي، اهڙي ڀاڳ سان سينو نٿو ساهي سگهجي، مندر ۽ مسجد جهڙو اهڙو اجرو ۽ پويتر من به ڪو ڪو ٿيندو آهي.

ڇو ته ماڻهو جو مَن مستيءَ جي اُن عروج کي به رسندو آهي جتي مست اُٺ جيان وڏيون ٻرانگهون پائي نفاست اخلاق ۽ قدرن جون ڪيڏيون کيتيون ڀيلي رکندو آهي. آئون اهڙي مَن جي ڳالهه بنهه نه پيو ڪريان جيڪو مَن بدران ميو (اُٺ) بڻجي پوي اهڙو مَيو جيڪو سدائين پيو لاڻان چرندو آهي ۽ هِت هُت پيو ٻوٿ هڻندو آهي.

آئون اُن ميي، اُن ڪرهي، اُن توڏي جي ڳالهه نه پيو ڪريان جنهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته

”لاڻي جي لغار، مَيو متارو ڪيو“

آئون ته اُن ميي جي ڳالهه پيو ڪريان جنهن لاءِ لطيف سرڪار چيو آهي ته :

نَوَ نِير ڏهه ڏواڻِيون، پنرهه پَئنِڌَ پِيِاس

جڏهن سَڄڻ ياد پِياسِ، ڇِرِڪ ڇِنايئِين هيڪڙي.

سو ڀلا من جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن جنهن ۾ ڪو پرين، ڪو محبوب، ڪو الله ڌيرو ڄمائي ويهي رهي ۽ اسان چرين ماڻهن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، جيڪي سدائين من جي موجن ۾ پيا وسندا ۽ جيئندا هئاسين. مَن چاهيو ته مري پياسين، من چاهيو ته جي اُٿياسين، مَن چاهيو ته رُناسين، من چاهيو ته کِلياسين. ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو ايئن محسوس ٿيندو آهي ته مَن کان سواءِ ماڻهو ڄڻ ته مَردو هُجي، يا وري مَروان هُجي، ڇو ته مَن کان سواءِ به ڪو ماڻهو انسان چئي سگهجي ٿو؟

مَن ئي ته آهي جيڪو هر احساس کي محسوس ڪندو آهي ٿڌي ڪوسي، ڏکي سُکي جو واءَ سواءُ لهندو آهي، مَن ئي ته اهڙو ٿرمو اسٽيٽ آهي جيڪو ماڻهوءَ جي ڪيفيت ۽ بدلاءُ جو سرجاءُ ڪندو آهي، جي مَن ناهي ته پوءِ بس هڪڙي ئي حالت رهندي آهي، جيڪا احساس کان بنهه خالي هوندي آهي ۽ انهيءَ حالت کي آئون نفسا نفسيءَ واري حالت ڪوٺيندو آهي.

جيڪا نفسا نفسي بني نوح آدم ۾ ڪنهن وبا جيان ڪاهي پئي، ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هر ڪو ماڻهو، بس ڪا مشيني ڪا مصنوعي زندگي پيو گذاري، اِهو ئي سبب آهي جو هر طرف گمسان وارو ماحول آهي، هر طرف رڳو ڪروڌ ۽ فطنو برپا آهي.

ماڻهو جيڪي مصنوعيت جو لباس پائي ، مشيني عضوون جا هيراڪ ٿي ويا آهن،، تن جا منَ جهڙوڪ رُڪ ٿي پيا آهن. جن کي احساس جا ڇهاءُ ۽ پيار جون گرميون به پگهاري نٿيون سگهن. هر ماڻهو، هر رشتو، هر ناتو ڄڻ ته اجنبي اوپرو آهي، رواجن، روايتن ۽ ذميوارين جي جاءِ تي فارملٽيون وڌي ويون آهن.

يعني ڪنهن کي وش به ڪرڻو آهي ته بس فارملٽيءَ طور، ڪنهن سان مِلڻو جُلڻو آهي ته به فارملٽي طور، بس هڪٻئي جي چهرن تي زرد مرڪون ۽ اکين ۾ بي رنگ نهارون پرکڻيون آهن.

نه ڪنهن مَن ۾ ليئو پائڻو آهي نه ئي ڪنهن نهار کي اُتساهه بخشڻو آهي.

مونکي هِن لمحي بشير بدر جوهي سٽون ياد پئجي رهيون آهن ته

دوستي ۾ دِکاوي ڪي محبت نه مِلا،

اگر گلي نهين ملتِا تو پهر هاٿ بهي نه مِلا،

گهرون پي نام ٿي، نامون ڪه ساٿ عهدي ٿي،

بُهت تلاش ڪِيا مگر ڪوئي آدمي نه مِلا!

تنهن ڪري اڄ منهنجو مَن چوي ٿو ته هڪ ڳالهه چوندو هلان ته خدارا، پيار محبت، رشتن ناتن، ريتن رواجن کان ويندي ذميوارين کي فارمل نه بڻايو نه ئي وري پنهنجي رهڻي ڪهڻي کي فارملٽي جو محتاج بڻائي وڌيڪ آلوده ڪيو ۽ هڪ ڳالهه جيڪا ميڊيا کي چوڻ لاءِ مَن پيو ڪري اها آهي ته شين کي وڌائي چڙهائي ابتو سبتو بيان نه ڪيو، ڇو ته اها به هڪ ماحولياتي آلودگي آهي، جنهن سان ماڻهو جو منَ ملول ۽ مايوس ٿئي ٿو.
 
Back
Top