ضراب حيدر وتائي جي نگاهه ۽ مٽيءَ جا پتلا...

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    وتائي جي نگاهه ۽ مٽيءَ جا پتلا...


    ضراب حيدر


    زماني کي الائي ڇا ٿي ويو؟!

    زمانو بدليو آهي، الائي ماڻهن جا انداز بدلجي ويا آهن؟! يا وري سچ پچ ماڻهو به بدلجي ويا آهن؟

    ماڻهو، جيڪي مٽيءَ جا پتلا آهن، انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي...!؟

    مٽي ڪهڙي به هجي، رنگ ضرور بدلائيندي آهي، اهو بنهه فطري عمل آهي ته مٽي پنهنجو رنگ تبديل ڪندي رهندي آهي، پر اهو به بنهه طئي آهي ته مٽيءَ جون خاصيتون سدائين ساڳيون ڪانسٽنٽ رهنديون آهن، ٿڌي هجي يا ڪوسي، مٽي سدائين پنهنجي جز ۾ ملوڪ رهندي آهي.

    مٽي جيڪا خاڪ هجڻ سان گڏوگڏ پاڪ به آهي........

    ۽ ماڻهو ان جي ابتڙ......

    بهرحال هاڻي سڀ ڪجھه اصليت جي ابتڙ ٿيندو وڃي. مٽي پچي راس ٿئي يا ڪچي هجي، سڪل ٺوٺ يا ڀينڊ بڻجي يا چيڪي ۽ وٽ تي هجي، سندس خوشبوءِ ساڳئي هوندي آهي. مٽيءَ جي خوشبوءِ گھڻو ڪري اناج/ڪڻڪ جي تتڙن جهڙي هوندي آهي، يا وري اهڙي هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به فارميٽ جي سانچي ۾ ويڙهي پيش ڪري نه ٿو سگھجي. خوشبوءِ، جنهن کي صرف محسوس ڪري سگھجي ٿو، ڳائي سگھجي ٿو، خوشبوءِ جو ڪوبه مايو ڪونهي، ڪوبه ڳاڻيٽو ڪونهي.مٽيءَ جا پتلا، مٽيءَ جا ماڻهو ڳڻي سگھجن ٿا، اهي وزن ڪري توري به سگھجن ٿا، اهي ڀڃي ۽ ڀوري به سگھجن ٿا، پر خوشبوءِ کي ڪٿي به ويڙهي يا ميڙي نه ٿو سگھجي. خوشبوءِ جو پنهنجو مان آهي، جيڪو هوائن جيان ڇهندڙ آهي، جامد ۽ ساڪت سان گڏوگڏ وهندڙ ۽ جولان ۾ آهي.....

    هڪڙي خاموش بت ۽ سانت پتلي جي هڪ ساهه ۾ جيڪا خوشبوءِ پنهان آهي، جامد ۽ ساڪت بڻيل آهي، اها سهڪي جي دوش تي ائين وِکري ويندي آهي، جيئن ڪائنات ۾ روشني. خوشبوءِ، جيڪا حسن جي وصف نه پر صفت آهي، ان کي هزارن، لکن، ڪروڙن آلودگين ۾ به ڪڏهن ختم ڪري نه ٿو سگھجي، اهوئي ڪارڻ آهي شايد جو جڏهن مٽيءَ جا جسم ۽ پتلا آلوده ٿي ويندا آهن (مطلب ته پنهنجو ساهه ۽ سهڪو وڃائي ويهندا آهن) ته انهن کي مٽيءَ جي خوشبوءِ ۾ هميشه لاءِ لٽي ۽ ويڙهي ڇڏبو آهي.... مٽيءَ جي لٽ ۾، مٽيءَ جي لحد ۾ اهي ئي ماڻهو مري ويندا آهن، جن جي پتلن ۾، ساهن ۽ سهڪن ۾ ڪابه خوشبوءِ نه هوندي آهي.....!!! ۽ جيڪي ماڻهو مٽيءَ جا پتلا هوندي خاڪ نشينيءَ وارو جهان گذاريندا آهن، پنهنجي وجود جي خوشبوءِ، جيڪا فطري طور کين مليل هوندي آهي، لڪائيندا ڪونهن. اهي پنهنجي ساهن، سهڪن ۽ مرڪن جا رابيل ۽ موتيا سدائين ارپيندا رهندا آهن. اهي ڪڏهن به مرندا ڪونه آهن. مرندا ته صرف اهي ماڻهو آهن، جيڪي سدائين ڦوڪيا وتندا آهن، ڇوته مٽيءَ جي خصلت ۾ ئي ڦوڪ يا ڦوڪجڻ ڪونهي، ڦوڪ سان ته مٽي اڏامي ويندي آهي.

    اوهان ڀل منهنجي ڳالهه جو يقين نه ڪريو، ڦوڪ، آڪڙ يا وڏائي مٽيءَ جو شان ئي ڪونهي، مٽي ته مٽي آهي، جنهن جي قدرت، فطرت ۽ خصلت ۾ انڪس، ۽ عاجزي آهي.

    مولانا جلال الدين روميءَ جي دؤر جو هڪ واقعو ياد پئجي ويو اٿم، شيئر ڪندو ٿو هلان. روايتون آهن ته مولانا جلال الدين رومي، جيڪو پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ شريعت جو پابند ماڻهو هو، جنهن لاءِ ڪتاب ۽ مدرسا بنهه عام هوندا هئا، مطلب ته اٺ ڪتابن جا پڙهيل رومي جڏهن سفر تفريح ڪندو هو، ته ساڻس ڪتابن جا اٺ يا گشتي ڪتب خانه گڏ هوندا هئا. سندس اهڙو ڏانءُ، سندس اهڙو اهتمام بهرحال ساراهه جوڳو آهي ۽ ان ڳالهه جي گواهي پڻ آهي ته سندس علم سان ڪيڏو انس هو. مولانا جلال الدين روميءَ جي دؤر جو هڪ ٻيو فقير به پنهنجي ڪمال ۽ جوهر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ اهو آهي شمس تبريز. شمس تبريز پڻ هڪ پهتل صوفي بزرگ يا ائين کڻي چئجي ته الله لوڪ ماڻهو هو.

    هڪڙي ڀيري مولانا روم پنهنجي انتظام ۽ اهتمام سان سفر ڪري رهيو هو ۽ ساڻس معمول موجب اٺ ڪتابن جا يا گشتي ڪتب خانا به گڏ هئا، رستي تي مولانا روم جو ٽڪراءُ/آمنو سامنو شمس تبريز سان ٿي ويو. تبريز مولانا روم جو ايڏو ٺٺ ٺانگر ۽ شاهاڻو انداز ڏٺو ته کيس مخاطب ٿيندي چيائين.

    ”مولانا صاحب! اوهين جيد عالم ۽ صاحب شريعت ماڻهو آهيو، منهنجو هڪڙو ننڍڙو سوال آهي، جيڪڏهن گستاخي نه سمجھو ۽ مناسب لڳي ته ان جو جواب ڏيو.“

    تبريز پنهنجي لفظن يا جملن سان جيڪا سوال ڪرڻ واري تمهيد ٻڌي هئي، ان ۾ به ڪيئي اسرار هئا ۽ ڪيئي انداز عاجزي ۽ انڪساري هئا. هونئن به اهو اخلاقيات جي خلاف هو ته ڪنهن عالم ۽ داناءَ کي، جيڪو پنهنجي رنگ ۽ رمز ۾ مسافت ڪري رهيو هو، ان کي ائين دڳ ويندي روڪي ڪو سوال ڪجي، سوال به اهڙو، جيڪو بهرحال علم جي ذمري ۾ اچي.

    مولانا روم تبريز کي ڏسي پنهنجي شاهاڻي ۽ معززانا انداز ۾ چيو:

    ”ها پڇ، ڇاٿو ڄاڻڻ چاهين؟“ مولانا روم جو به اهو انداز تڪلم پنهنجي جوهر ۾ پاڻ پڌرو آهي، جنهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ’مان‘ لڪل آهي.

    تبريز مرڪندي مولانا روم کي وراڻيو: ”سائين قبلا! علم جي معنى ٻڌايو؟“

    مولانا روم جڏهن تبريز جو سوال ٻڌو ته هڪڙو وڏو ٽهڪ ڏنائين ۽ پنهنجي عالماڻي انداز ۾ وڏي ناز وچان تبريز کي علم جون چاليهه کن معنائون ٻڌائي ڇڏيائين. تبريز جڏهن مولانا روم جي مخصوص انداز تڪلم ۾ علم جون چاليهه معنائون ٻڌيون ته ڪنڌ هيٺ ڪري ٿورو مرڪيو ۽ عاجزيءَ وچان مولانا روم کي چيائين:

    ”سائين اوهين واجب آهيو، توهان جو انداز بنهه شاهڪار آهي، اوهان علم جي معنى ۾ ڪائنات ۽ آڪاش کي اکيڙي رکيو، پر سائين علم جي هڪڙي معنى نياز، عجز ۽ انڪساري به آهي...“

    مولانا جڏهن تبريز جي واتان اهڙو لاجواب ڪندڙ جواب ٻڌو ته ڪنڌ هيٺ ڪري شرمساريءَ وچان راهي روانو ٿي ويو. ڳالهه اوهين به ضرور سمجھي ويا هوندا..... سو مٽيءَ جا ماڻهو ڪيئن ٿيندا آهن، مٽيءَ جي خوشبوءِ ڪئين ٿيندي آهي، ان لاءِ ڪيئي مثال آهن.

    اڄڪلهه هن زماني ۾ ڏينهن رات رلجي هلجي ٿو ته بس مٽيءَ جا عجيب پتلا نظر اچن ٿا، مٽيءَ جا پتلا آئون کين چوان پيو، اهي ته اهو سڀ ڪجھه قبولڻ لاءِ تيار به ڪونهن، اهي ته بس ان ڳالهه تي ان گمان ۾ رهن ٿا ته

    ”ڇاجي مٽي؟ ڇا جا مٽيءَ جا پتلا؟ اسين ته بس ماڻهو آهيون، مالدار ۽ مڻيادار...“

    ڪاش هن دؤر ۾ ڪو وتايو هجي ها ته کانئس احوال وٺان ها، آئون کانئس احوال وٺان ها يا نه، هو پاڻ ئي وڏا احوال ڪري وڃي ها. هڪ لمحي لاءِ آءُ وتائي جي نگاهه سان ڏسان ٿو ته هر جا، هر هنڌ رڳو مٽيءَ جا پتلا مٽيءَ جا ماڻهو آهن. جن تي دوئيءَ جو ليپو چڙهي ويو آهي ۽ ائين پيو لڳي ته ان مٽيءَ جي پتلي ۾ روح بدران هوا ڦوڪجي وئي آهي، جيڪا هن ڏيڏر جيان پاڻ ئي ڦوڪي آهي ۽ سڀ ائين پيا لڳن، جيئن ڦوڪيل ڏيڏر لڳندو آهي. ان هوا ۽ ليپي جي ڪارڻ سڀ پاڻ کي ڏيڏر جيان ڄڻ ته کوهه جو مالڪ ۽ وارث پيا سمجھن. مال جيڪو هنن ڦوڪيو، ڀريو، ڦريو يا ميڙيو آهي، سو ته بهرحال ڪچ مثل آهي، مڻيا، جنهن جي هو ڳالهه ڪن ٿا، تنهن جو لقاءُ اهو آهي ته کين پنهنجو پاڻ کانسواءِ ڪجھه به نظر نه ٿو اچي.

    بهرحال مون کي ته وتائي جي نظر سان هي مٽيءَ جا پتلا، مٽيءَ جا ماڻهو ڀڃندا، ڀرندا ٿا نظر اچن، جيڪي اڄ نه سڀاڻي مٽيءَ جي لٽ ۾ اوراٽجي ويندا، ائين کڻي چوان ته سڀ جا سڀ مري ويندا.

    خوشبوءِ ڪنهنجي رهندي؟

    مڻيا ڪنهنجي شمار ٿيندي؟

    اهو ته اينداڙ واءُ ئي ٻڌائيندو، جنهن ۾ ضرور لَٽ جي خوشبوءِ هوندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو