ضراب حيدر
سينيئر رڪن
ميرو ئي محبُوب اسان مارُو من ۾...
ضراب حيدر
ٽين ايج (Teen age) ميڊونا جي ناچ ۽ ادائن جيان بي باڪ هوندي، پر جڏهن اُن تي عشق يا اُنس واسو ڪندو آهي ته ٽين ايجرس)ڳڀروئن( جوتن وسامي ويندو آهي ۽ من ڪنهن کي ڏيکارڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. جيتوڻيڪ اهڙي من جي روشني ڏور ڏور تائين ڦهلجي ويندي آهي ۽ پنهنجي شعاع سان تاريڪين کي روشن ڪري رکندي آهي.
محبت جنهن جا کوڙ سارا مفهوم ۽ معنائون آهن سا نه ته ڪنهن هڪ پل جي محتاج آهي ۽ نه وري ڪنهن خاص ڏينهن جو اظهار.
مرشد لطيف سرڪار چيو آهي ته:
ماڻهو گُھرن مال، آئون سڀ ڏينهن گُھران سپرين،
دنيا تنهن دوست تان، فِدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال، پسن تان پري ٿيو.
سوچيان ٿو ته ٻارهوئي نفسا نفسي ۽ نفرتن جي آڌار تي جيئندڙ ماڻهو ڪيئن نه پيا محبتن جو هڪ ڏينهن چونڊين، اُنهن سڀني ڏهاڙن جيان، جيڪي هڪ عالمي اِداري جي چارٽ ۾ لکيا ويا آهن.
محبت بهرحال نه ڪو اعلان آهي ۽ نه ئي وري ڪو مقرر ڪيل اظهار نه ئي وري اُها ڪنهن چارٽ موجب ڪئي ويندي آهي، محبت هڪڙو گيان آهي، جنهن جي گهرائي ۾ لهڻ کانپوءَ ئي عرفان ملندو آهي، عرفان يا معراج ماڻهوءَ جي پنهنجي نيت ۽ ولوڙ تي مبني آهي ۽ اُها هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن ۾ باقي سموري ولوڙ ختم ٿي ويندي آهي. من شانت ۽ روح لاجواب ٿي پوندو آهي. ڪيترن ڏينهنن کان ڪيترائي نوجوان ٽين ايجر، چاهيندڙ ۽ دوست ميسيجز ۽ فون ڪندا رهيا ته آئون ويلنٽائن ڊي لاءِ ڪجھه لکان.
نوابشاهه جي ڳڀرو ساگر جماليءَ روئيندي چيو ته: ”هيل آئون پرينءَ بنا ويلنٽائن ڊي ملهائيندس، اکين ۾ ڳوڙها هوندا ۽ سموريون ميڻ بتيون اجھاڻيل هونديون.“ شڪارپور مان ٻئي نوجوان جمشيد چيو ته: ”محبتون هاڻي رهيون ئي ڪٿي آهن، جو ويهي اُنهن تي ناز ڪجي يا وري محبتن جا ڏهاڙا ملهائجن....“
منهنجون هن وقت به جيتوڻيڪ سموريون همدرديون اُنهن نوجوانن ۽ ٽين ايجرس سان آهن، پر کين ڪيئن سمجھايان ته محبت ماڻهوءَ جي پنهنجي اندر ۾ هوندي آهي ۽ اُها ته پرتووهونديآهي، پنهنجي ئي احساسن ۽ جذبن جو، جنهن جي موٽ لاءِ ڪڏهن به طلبگار نه ٿيڻ گھرجي.... محبت جو ٻوٽو جڏهن وڌي وڻ ٿيندو آهي ته ماڻهوءَ کي ڇانورو بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ اهڙو نعرهِ مستانه هڻي ڇڏيندي آهي، جو پنهنجيذات،صفاتِ فطرت يا قدرت بڻجي پونديآهي، ڪروڌ ۽ تمنا جي پاڙ وجود مان ئي پٽجي ويندي آهي.پوءِ به هر نوجوان، هر ڳڀرو، جي احساسن کي اڄوڪي ڏينهن لاءِ آزاد ڇڏيندي، بس هڪ دعا ڪريان ٿو ته شل ويڙها وَسيل هُجن، شل جوڙيون آباد هجن،
”جن محبتون ماڻيون آهن سي محبتون نڀائي سگھن ۽ جن محبتون ناهن ماڻيون، سي محبتون ماڻي سگھن.“
آئون وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏينهن اُنهن نوجوان ۽ سُهڻين دِلين کي جِن کي اڃا زماني جو زنگُ ناهي لڳو، اُنهن جي اکين ۾ جيڪي سپنا ۽ اوسيئڙا آهن ۽ من ۾ جيڪي به مُکڙيون ٽڙيل آهن، شل سڀ ساڀيان ماڻين۽ هميشه ٽِڙنديون رهن، وش ڪريان ٿو هي ڏهاڙو اُنهن حُسناڪ ڇوڪرين کي به جيڪي پل ۾ کِلي ۽ پل ۾ روئي پونديون آهن، سندن اکين جا اوسيئڙا جيتوڻيڪ چشمن ۾ لڪي ضرور ويندا آهن، پر دلين ۾ وڏي رِڌم سان ڌڙڪندا رهندا آهن، ظاهري طور تي پوپٽن ۽ ڀنڀورين جھڙيون اُهي ڇوڪريون اندران ڦٽيل ۽ زخمي پاريهرن جھڙيون هونديون آهن.
آئون اڄوڪو ڏينهن وِش ڪريان ٿو. سڀ کان اول اُن رسالي کي، جيڪو محبتن جو ساکي ۽ عشق جو منشور آهي، جنهن جا ورق ڇُهندي آئون سراپا محبت بڻجي پيو آهيان، منهنجي اندر مان ڪروڌ ۽ حرص لڏي لاڏاڻو ڪري ويو آهي ۽ هڪ اهڙي جذبي، اهڙي نظر نهار خيما کوڙيا آهن، جو هر چهرو هر اک۽هر نظارو رڳو محبتٿي لڳي، اِهڙي محبت جنهن ۾ پنهنجو پاڻ کي ٿانيڪو ۽ محفوظ پيو ڀانيان. وِش ڪريان ٿو هي ڏينهن سفيد گنبذ واري سخي شهزادي شاهه لطيف سرڪار کي، جيڪو عالم انسان کي محبت جو منشور ڏيندي اِهڙي دعا سان سدائينمُرڪندو رهي ٿو ته:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مِٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
اڄ مونکي خوشي اِن ڳالهه جي به آهي ته منهنجي محبت جي عمر به هاڻي وڏي ٿي وئي آهي ۽ آئون گھٽ ۾ گھٽ اِن لائق بڻجي ويو آهيان ته سنڌ کي سُڪار ڪندڙن کي پنهنجي محبتن سان وِش ڪري سگھان، ڇو ته منهنجون محبتون سنڌ آهن، سنڌ سان لاڳاپيل آهن، جن ۾ ڪينجھر کي هندورو ڪرڻ وارو واءُ هُلي ٿو.
حَسن جي جواني جھمپير مان موٽ کاڌي ته منهنجي جوانيءَ ڪراڙ تي دنگ ڪيو ۽ پوءِ هر وستي، هر واهڻ ۾ درازن جو دان وٺي دراز ٿيندي رهي. اُها جواني جنهن ڪراڙ تي دنگُ ڪيو هو، سا پنهنجون سرحدون پار ڪري سچل جي سِٽ جيان ته ’عشق ڪڏهن به ٻڍو/پوڙهو ناهي ٿيندو‘ وارو فقرو کڻي اڃا سوڌو پئي رولاڪيون ڪري ۽ سراج جي اِن جملي وارو مفهوم ڳوليندي اَنت کان بي انت جي حسرت ۾ آهي ته ”شل سنڌ کي پرچئون....“
سراج ته وڃي رب کي پرتو، سنڌ کي پرتو ۽ سنڌ توڙي سنڌ سان محبت جو سراج بڻجي ويو. هُنپنهنجي وِرد ۽ ورکا سان مِٽيءَ وڏو مانُ به لهي ورتو.
وِش ته منهنجي محبتن جي سَن واري سائينءَ کي به آهي، جنهن سنڌ سان محبت جو پنهنجي پيشانيءَ تي اِهڙو محراب اِهڙي پڻي ٺاهي ڇڏي، جنهن جي شعاعن مان هِن ڌرتيءَ تي ٽانڊاڻا ئي ٽانڊاڻا جَرڪي نڪتا، اهڙو ئي هڪڙو ٽانڊاڻو، جنهن کي تاريڪين ڪيتروئي اجھائڻ چاهيو، پر هو سنڌ سان رتيءَ جي رهاڻ ۾ هميشه لاءِ پرچي ويو، سندس مُرڪون اڄ به رتيديري جي مٽيءَ مان سُڳند جو ويس مٽائي سموري سنڌ ۾ مهِڪن ٿيون.
وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏينهن اُنهن سنڌ پرتلن کي جن جي آخري سفر ۾ ڌرتي جي گيتن جي گونجار سان گڏ آلين اکين جي وسڪار هئي، هڪڙو اياز جنهن کي لطيف سرڪار پنهنجي پيرانديءَ ڪراڙ ڪناري ويڙهي ورتو ته ٻيو نجم پنهنجي ڪَلا جو قمر اُڀاري آويلي پنڌ تي سُتو.
وِش ڪريان ٿو اڄوڪو ڏينهن اُن عاشق پرين کي جيڪو ”منهنجو نالو لِکو“ جا اُچار ورجائيندي پنهنجو پاڻ، سنڌ سان پرچائي ويو ۽ دادوءَ جي ڍوھ ۾ پنهنجي عاشقي ۽ اُستادي مڃائي ويو. وِش ڪريان ٿو هي ڏهاڙو شمشير، سرويچ، مُنشيءَ ۽ تاجل کي به جيڪي واھ جو سنڌ کي پرتا جو سنڌ ٿورو مُرڪي ٿورو سُڏڪي ڏنو
.اڄوڪو ڏينهن شيئر ڪريان ٿو، وِش ڪريان ٿو انهن سمورن سنڌ جي ماڻهن کي، جيڪي مارن جي ريت جياريندا اچن ۽تصوير بڻجيلآهناِن ڳالھ جي ته ”جڏهن به ضمير جي سودي جي ڳالهه اچي ته قائم رهو حسين عه جي انڪار وانگي.“ تنهنڪري آئون اِهو به چوڻ چاهيندس ته عشق يا محبت ماڻهوءَ جي ضمير کان ٻاهر ڪونهي، سو اڄوڪو هي ڏينهن باضمير ماڻهن کي به وِش ڪريان ٿو، جن جي زندگين ۾ جيتوڻيڪ زهر اوتيل آهي، پوءِ به سندن دليون ۽ روح امرت بڻيل آهي، جن سان هو انسان ۽ انسانيت کي فيضياب ڪندا رهن ٿا. پَکن جي پريت ماڙين سين نٿا مٽين، نه ئي وري سنڌ سان ڪُريت جو ڪڏهن سوچين ٿا. اِهڙيون شخصيتون ۽ ماڻهوآڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جن پنهنجي محنت سان قلم سان پنهنجي منصب ۽ وِت سان سنڌ کي پرچڻ لاءِ ڪجھه نه ڪجھه ڏنو آهي/ڪيو آهي. سنڌ محبتن ۽ پريت جي سَرزمين آهي، جنهن ۾ نفرت ۽ فساد جي ڪابه گُنجائش ڪونهي، هتان جي ماڻهن جي محبتن ۽ امُن پسنديءَ جون شاهد ڪيتريون ئي تاريخون ۽ زمانا آهن. خود ضمير ۽ انسانيت جو علمبردار حضرت امام حسين عليه السلام نينوا جي سرزمين تي اِهو چئي
”مون کي ڇڏيو ته آءُ سنڌ وڃان....“ثابت ڪري ڇڏيو ته اُن دؤر ۾ هڪ سنڌ ئي اهڙو خِطو هئي جتي امُن ۽ پيار هو، سوسنڌ جي پريت ڀرين، محبتي ماڻهن کي به وِش ڪريان ٿواڄوڪو ڏهاڙو، جيڪو اسان جهڙن ماڻهن جي مکتيٻارهو ئي ساڳئي سونهن ۽ سوڀيا سان موجود هوندو آهي،اُن لاءِ اسان وٽ ڪو خاص ڏينهن مقرر ناهي.
مون کي اِها خبر ته ڪونهي ته عشق ڪڏهن پيدا ٿيو؟!! شايد ازل کان ِاهو موجود هو، فطرت ۽ قدرت جي اِشارن ۾ يا اِرادن۾، پر جڏهن اِهوعشق هن سَر زمين، هن ڌرتيءَ تي وارِد ٿيو ته پهريون سجدو سنڌ ڌرتي تي ئي ڏِنائين، اِهو ئي ڪارڻ هو جو دنيا جي قديم ترينتهذيبن کان به قديم تهذيب سنڌ ڌرتيءَ جي آهي، منهنجو اِهو ايمان آهي ته عشق هُجي يا محبت، اُها ئي تهذيبون سماج ۽ معاشرا جوڙِيندي آهي. اِها محبت ۽ عشق ئي آهي، جيڪو جوڙون جوڙڻ جي ڳالهه ڪندو آهي، باقي نفرت ۽ نفاق ڪٿي به هجي، محبت جو ڀائيوار نٿو ٿي سگھي. آئوناڄوڪو ڏينهن ِوش ڪرڻ گُھران ٿو اُنهن ماڻهن کي به جيڪي نفرت ۽ نفاق ۾ ڀريا پيا آهن ۽ فِطنو فساد برپا ڪري رهيا آهن، هڪ دفعو اُهي پنهنجي دِل ۾ محبت پائي ۽ اکين ۾ عشق اٽڪائي ڏسن ته کين ماڻهو پيارا ۽ نظارا نيارا نظر ايندا.
ها بلڪل اُنهن دوستن ۽ ساٿين کي گُذارِش ڪريان ٿو ته پنهنجي سنڌ يا سنڌي ماڻهن کي صرف پيار جي نگاھ سان نهاريو، هر وقت پنهنجن لاءِ ڪات ڪُهاڙا تِکا ڪيون نه وتو، نه ئي وري پنهنجن اِدارن يا مڪتبن سان ڪُريت ڪريو، پنهنجن کي جيءَ ۾ جايون ڏيو ته سنڌ توهانکي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏيندي توهان سان پرچي پوندي ۽ پنهنجي اِتهاس ۾ توهانکي چِٽي ڇڏيندي. نه ئي وري ننڍين ننڍين ڳالهين تي پنهنجن ماڻهن ۽ اِدارن مان ڏنگ ڪڍو، ٻيو نه ته لطيف سائين جي ئي ڳالھ مڃو ته
” ميرو ئي محبوب اسان مارو من ۾“
.