ضراب حيدر روز نئون اپريل فول....

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    روز نئون اپريل فول....

    ضراب حيدر



    ڪالھه صبح کان ذهن ۾ غالب جون سٽون سُرڻ لڳيون.

    ’ايڪ برهمن ني ڪها هي ڪه يه سال اَڇا هي....‘

    هتي ته هڪ پل جي به ڪا خبر ڪونهي!!؟

    هڪ ئي لمحي ۾ صدين جا رشتا ۽ رفاقتون ختم ٿيو وڃن. هڪ ئي پل ۾ خبر ناهي ڪيڏيون ڪائناتون ڊهيو پون، خبر ناهي ڪيڏا خواب سپنا پاڻي ٿيو وڃن. رهندو هاڻي ته زمانو وڃي اهڙي فريب کي رسيو آهي جو هر اُميد ۽ آسرو به اپريل فول جيان ٿو لڳي، ها بلڪل هر ڪوڙ يا مذاق ئي جيڪڏهن اپريل فول جو حصو آهي ته اهڙو مذاق ته اسان سان سالن کان ٿيندو اچي، اهڙا ڪيئي ڪوڙ ته اسان سان شروع کان ڳالهائبا اچن. سو چئي سگهجي ٿو ته اسان سان ته روزانو ڪيترا اپريل فول ٿين ٿا. سڌي ڳالھ جيڪڏهن ڪجي ته فول معنى بيوقوف يا چوتيو بڻائڻ به آهي جيڪو اسان روزانو ڪنهن نه ڪنهن رنگ ڪنهن نه ڪنهن نوع ۾ ٿيندا آهيون.

    هڪ ڀيرو ڪافي سال اڳ ۾ ڳڙهي ياسين کان شڪارپور اچي رهيو هوس، ڳڙهي ياسين کان لاڙڪاڻي واري نان اسٽاپ بس ملي هئي، آئون بس ۾ چڙهيس ته صرف گيٽ واري سيٽ خالي هئي، سيٽ تي ويهي رهيس، ڳڙهي ياسين کان بس اڳتي رڙهي ته ٻاهرين اسٽاپ تي هڪ اڪيلو ماڻهو بيٺل هوسندس هٿن ۾ ڇولن جو ٿالھ هو، ڊرائيور الائي ڪهڙي خيال ۾ اوچتو بريڪ هنيو، دروازي تي بيٺل ڪنڊيڪٽر همراهه کي چيو ته جلدي ڪر چڙهه، بس نان اسٽاپ آهي. شايد کين ڇولا کائڻا هئا، همراهه تڪڙو تڪڙو مٿي چڙهي آيو، پر تڪڙ ۾ شايد سندس هڪڙي پير جي جُتي هيٺ ڪري پئي. بس تڪڙي ۾ هلي پئي، هو ڪجھه به ڪُڇي ڪونه سگھيو، بس هڪ آهه ڀريائين ”الا........“

    سندس اهڙي الا ڪرڻ ۾ خبرناهي ڪيترو درد سمايل هو، اهو درد صرف اُهي ماڻهو ئي محسوس ڪري سگھن ٿا، جن کي پائڻ لاءِ صرف هڪڙي جُتي هجي ۽ اُها بهڪٿي ٽٽي پوي، وڃائجي وڃي يا چوري ٿي وڃي. مون اُن ماڻهوءَ سان ڪافي ڪچهري ڪئي هئي، جڏهن هو سموري بس مان هوڪو ڏئي واپس اچي گيٽ وٽ بيٺو، سندس حال ٻڌا هئم ته حيرت ٿي هئي ته اهڙا ماڻهو به جيئن پيا، زندگي گُذارين پيا.

    اڄ سالن پُڄاڻان احساس ٿيو اٿم ته هن جديد د‍ؤر ۾ ڪيترائي اهل ۽ ڪم وارا ماڻهو اهڙي زندگي گذارين ٿا. هو ته پوءِ به اڻ پڙهيل ۽ مزدورماڻهو هو، کيس چپل ڪِري پوڻ جو ڏاڍو ڏک هو، مون کيس اُن وقت حافظشيرازيءَ وارو واقعو ٻڌائي آٿت ڏنو هو، ڇو ته مون وٽ اُن وقت بهجُتيءَ جيترا پئسا نه هئا، جيڪي کيس ڏئي سگھان ها.... سندس ڀرجھلو نه سهي، سندس اگھاڙاپيرڍڪڻ جو ڪو بندوبستڪري، ڪو وسيلو بڻجي سگھان ها.

    مون کيس ٻڌايو هو ته حافظ شيرازي بارگاهه خداوند ۾ پيرين اگھاڙي بيٺو هو ۽ خدا کي دانهن ڏيندي فرياد ڪري رهيو هو ته: ’’منهجا مالڪ! آئون ايران جو ايڏو وڏو شاعر آهيان، پر پيرين اگھاڙو آهيان.... مون وٽ پائڻ لاءِ جُتي به ڪونهي..!!؟؟“ ايتري ۾ هڪ معزور ماڻهو سندس ڀرسان اچي بيٺو، جنهن جون ٻئي ٽنگون ڪونه هيون ۽ اهو بارگاهه خداوند ۾ شُڪر ادا ڪري رهيو هو. حافظ شيرازيءَ اُهو لقاءُ ڏٺو ته توبهه تائب ٿيو.

    آئون ڪڏهن ڪڏهن اِهو سوچيندو آهيان ته اُهي ماڻهو دعا ڪيئن گھرندا هوندا، جن جا هٿ ناهِن هوندا. هڪ لمحي لاءِ دهلجي ويندو آهيان ۽ پنهنجي وقتي ڪفراني سوچ تي شرمندگي به ٿيندي اٿم، ڇو ته خدا وٽ رسائيءَ جو ذريعو هٿ يا دعائون ئيڪونهن، اُهو ته من ۾ وسي ٿو دل ۾ رهي ٿو.

    شام جو ڪڏهن ڪڏهن ڪيفي حُر تي ڪنهن سنگت سان چانھ پيئڻ ويندو آهيان، حيدرآباد جي ٻين هوٽلن جيان هتي به روزانو ڪيترا نوجوان اچي ويهندا آهن جن ۾ اڪثريت اُنهن جي هوندي آهي جيڪي سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ٻهراڙين مان هِن شهر ۾ سپنا ۽ خواب کڻي ايندا آهن، پڙهڻ سان گڏوگڏ اُهي ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو خرچ ڪڍڻ لاءِ نوڪريون ڪندا آهن، آس پاس ويٺل اُنهن نوجوانن جون ڪي ئي درد ڪٿائون ڪنن تي پونديون آهن. منهنجي ئي ڀرسان ويٺل سندل تي هڪ نوجوان پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو جنهن کي ٻـ سال لوڙائڻ کان پوءِ نوڪري مان ڪڍيو ويو هو، ايئن ئي ڪجھ ڏينهن اڳ۾ مون هڪ ٻئي نوجوان کي اُداس ڏٺو هو جنهن جي پگھار مان ڪٽوٽي صرف ان لاءِ ڪئي وئي هئي جو هُن ڪنهن مجبوريءَ سبب موڪل ڪئي هئي ۽ هو وعدي موجب پگھار ڪٽجي وڃڻ ڪري، دوستن کي ٽريٽ ڏئي نه سگھيو هو، دوست کيس ٽوڪ ٺٺول جو نشانو بڻائي رهيا هئا پر هو مُرڪي رهيو هو، سندس مُرڪ ۾ هڪ طنز ۽ ٺٺول هو.

    خبر ناهي ڪنهن تي؟؟ شايد پنهنجو پاڻ تي، مون تي، يا وري هِن سماج جي جوڙجڪ تي، جتي ڪابه شيءِ جائتي ڪونهي. اهڙا ڪيئي نوجوان پنهنجون پنهنجون ڪٿائون کنيو هلندا وتن جيڪي سماجي جوڙجڪ ٻِٽن معيارن ۽ ويڇن سبب اڪيلا ۽ نِراس آهن، جن کي نه رستو ڏنو وڃي ٿو نه وري ڪو موقعو.

    اسانجي سماج خاص ڪري سنڌي سماج ۾ (generation gap) واري معاملي نوجوانن کي صفا اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي کين ڪوئي به (own) ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ٻيو وريٻِٽن معيارن الڳ رواج قائم ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ڪري محنتي ۽ جفاڪش ماڻهن کي پيڙهيو ٿو وڃي ۽ سهل پسند نِڪمن ماڻهن کي نوازيو وڃي ٿو.....! اها ئي ته هِن سماج جي وڏي ۾ وڏي ناانصافي ۽ منافقي آهينه؟يعني ٻِٽن معيارن موجب جيڪي ماڻهو جائتا هوندا آهن، تِن جو چوڻ آهي ته بس اُهي ئي درست آهن، اُهي ئي سهي آهن، اُهي ئي سڀڪجھه بهتر ٿا ڄاڻن ۽ جيڪي ماڻهو بينچن اسٽولن ۽ نيٽ وارين ڪُرسين تي ويهي پنهنجون چيلهون ۽ ڪُٻ ئي چِٻا ڪريو ڇڏين، سُندر سپنن وارين اکين جو نور قلم ۽ ڪاڳرن ۽ پورهئي ۾ نچوڙيو ڇڏين، اُهي انڌا آهن، نِڪما آهن.....!!

    حافظ جي دؤر واري نابين جو شڪر پنهنجي جاءِ تي پرمُرشد لطيف سرڪار جي هيءَ سٽ

    ”صبر ۽ شڪر کي ڪاڏي آءُ ڪندي.....“

    ان سموري صورتحال کي واضع ڪريو ڇڏي ته صبر ۽ شڪر ڪٿي ڪٿي بي معنى بهٿيو وڃي، جتي ٻِٽي معيار واري ڳالهه اچيو وڃي، اُتي اسان واري يار سُقراط چيو ته آئون جيڪي ڪجھه ڳالهايان پيو، سو مون کان غيبي آواز ڳالهرائي ٿو، هو غيبي آواز جي چوڻ تي ڳالهائيندو رهيو ۽ نيٺ هڪ ڏينهن کيس زهر جو پيالو پيئڻو پيو. هُن جيڪي ڪجھه به چيو ۽ ڳالهايو، سو ساڳئي ڳالهه ته ”شين جو جائتو نه هجڻ“ تي هو. شيون اڄ به جاءِ تي ڪونهن، جيتوڻيڪ سندس پياري شاگرد ۽ ڏاهي انسان افلاطون شين کي جائتو ڪرڻ لاءِ هڪ آئيڊيل رياست جو تصور به ڏنو. پرانساني تاريخ ۽ ارتقا ۾ اڄ سوڌو ڪا آئيڊيل رياست بڻجي نه سگھي آهي، آئيڊيل ۽ آدرشَ صرف ذهن ۽ نظرين ۾ هوندا آهن، اُنهن جو زميني حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي هوندو مطلب اُهي سماج ۽ زمين تي پنهنجا خيما کوڙي نه سگھندا آهن، ڇو ته افلاطون جو ئي اِهو خيال هو ته ”هڪ شهر ۾ ٻه شهر هوندا آهن. هڪ اميرن جو شهر ۽ ٻيو غريبن جو شهر. جيئن ته انسان بنيادي طرح لالچي آهي، جيڪو هن وٽ آهي، هو اُن مان مطمئن نه ٿو ٿئي، تنهنڪري وڌيڪ حاصلات جي لالچ ۽ حوس کانئس ڪجھه به ڪرائي سگھي ٿي.“سو بهرحال امير امير ۽ غريب غريب رهڻو آهي ۽ غريب سان سدائين اپريل فول توڙي مذاق ٿئڻو آهي.

    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سُقراط خوشنصيب ماڻهو هو، جيڪو هڪ دفعو زهر پي امر ٿي ويو، جڏهن ته اڄڪلهه جي دؤر ۾ اسان جهڙن ماڻهن کي سچ چوڻ ۽ زندگي جيئڻ جي بدلي ۾ روز روز زهر پيئڻو ٿو پوي. مڃون ٿا ته اسين يونان ۽ ايٿنز جي دؤر جا سُقراط ناهيون، پر اسين لطيف سرڪار جي سنڌ جا پتنگڙا ضرور آهيون، جيڪي وِهه ڏسي گھڻو وهسندا آهن، اسين روز روز جا زهر پي هاڻي ڪڙي ۽ قاتل جا ايترا تههيراڪ ٿي ويا آهيون، جو اسان کي نه امرت وڻي ٿو نه وري امرت واري زندگي) آئون گڏيل طور تي نوجوانن جي نفسيات جي حوالي سان چئي رهيو آهيان جيڪي ٻِٽن معيارن سبب زندگي جھڙي نعمت مان بيزار رهن ٿا(

    اسانجي هر ويل وري به اِها ئي وينتي آهي ته ڀل اسانکي هڪ ڀيرو ئي سهي Conium (ڪونِيَم) شوگران جو زهر پياريو، جيڪو سُقراط کي پياريو ويو هو پر خُدارا روز روز اسان سان مذاق نه ڪريو نه وري روز ڪو نئون اپريل فول ڪريو.....؟ ڪنهن برهمڻ چواڻي ته ” هي سال سٺو آهي“ جا وري جيڪي هي آواز اچي رهيا آهن سي دل بِهلائن لاءِ ته ٺيڪ ٿي سگھن ٿا پر اسانجي يا افلاطون جي خوابن جو تعبير ٿي نٿا سگھن.

    تنهنڪري مهرباني ڪري هاڻي اسان سان ڪوبه مذاق نه ڪريو، اسان اُن موکي جا متارا آهيون جيڪي مذاق ۾ به مري پوندا آهن،” سَري ڪِينَ ڪِيونِ، ويڻَ موکِيءِ جي مارِيا “ وانگي.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو