ضراب حيدر متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    متان تنهنجو ئي توکي لڳي.

    ضراب حيدر

    پنهنجو جھيڙو ڪنهن سان به ڪونهي، اسان جو پنهنجو پاڻ سان ئي جھيڙو آهي. اهو جھيڙو، اها جنگ ڪڏهن کان شروع ٿي آهي، ڪابه خبر ڪانهي، پر ايترو سو اندازو آهي ته جڏهن کان ذات جا اليڪٽران ۽ نيوٽران پنهنجي دائري کان هٽي، پنهنجي مرڪز کان ڇڄي ڪاوڙ ۽ ڪوڙ جي مدارچن ۾ ڦيريو پائڻ لڳا آهن، تڏهن کان اِها جنگ، اِهو جھيڙو شروع ٿيو آهي. انسان جڏهن بـ پنهنجي مدار کان هٽيو آهي اُن پشيماني محسوس نـ ڪندي بـ نقصان سِر تي کنيو آهي. پوءِ بـ الائي ڇو انسان پنهنجي مدار کان ڇُڙواڳي ئي اختيار ڪئي آهي. پر اسان جو ازل کان پنهنجو پاڻ سان جهيڙو رهيو آهي، اسان جي وجود جڏهن بـ پنهنجي مدار کان سُرڻ يا ڇڄڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تـ اسان ساڻس جنگ جوٽي آهي.

    زماني کان سچ ۽ ڪوڙ متعلق سوچيندو رهيو آهيان، ڪتابن ۾ سچ پڙهڻ کانپوءِ به عملي زندگيءَ ۾ رڳو ڪوڙ پلئه پيو آهي. زندگي ننهن کان چوٽيءَ تائين ريگھندي هلندي وڃي، پر سچ ۽ ڪوڙ جو تفاوت سمجھه کان سدائين نڪريو وڃي. ڪڏهن سچ جي ڪلهي تان ڪوڙ قلابازي کائي ميدان ۾ لهيو اچي ته ڪڏهن وري اُهو ساڳيو ڪوڙ سچ جي لبادي مان منهن ڪڍي بيهو رهي. سچ آهي، جيڪو نظر ايندي به اکين کان اوجھل ٿيو وڃي، هٿن ۾ ايندي ايندي ڪنهن ڪُرڙيءَ وانگي تِرڪيو وڃي، واريءَ جيان آڱرين مان وهيو وڃي، سو ڳولهجي تـ ڪٿان ڳولهجي؟!

    ڪنهن عالم چواڻيءَ ته سچ ۽ ڪوڙ ۾ رَتيءَ جو فرق آهي.

    ڪنهن عالم وري چيو آهي ته ڪَنَ جيڪو ٻُڌن ٿا سو ڪوڙ آهي ۽ اکيون جيڪي ڏسن ٿيون سو سچ آهي.

    هاڻي ته اکين ڏٺو به ڪوڙ، نسورو ڪوڙ لڳي ٿو. ڇو جو هي هيڏو سارو ڏهڪاءُ انسان هٿان ڏسندي ڪوڙ ئي ٿو لڳي. جيڪي ڪجھ انسان ڪري رهيو آهي سا تـ سندس خصلت ئي ڪونهي!! تـ پوءِ اهڙي ڪوڙ تي ڪهڙو ويساھ ڪجي؟ ڪوڙ تـ ڪوڙ ئي آهي اُن تي ڪهڙو ويساھ ڪجي؟! پر سچ بـ ڪوڙي ڪارونڀار ۾ هميشـ لِڪيو وڃي ڪنهن کي نظر ئي نٿو اچي.

    هي ڪوڙ جي آڌار برپا ڪيل ڏاڍ، جبر، حيوانيت ڏسندي ڪوڙ تي ڪا بـ حيرت نٿي ٿيئي پر تعجب اُن سچ تي لڳي ٿو جيڪو سامهون هوندي بـ پس پرده ٿيو وڃي هوندي به سمجھه کان زور ٿيو وڃي.

    سياست، مذهب، سماجيات توڙي ماحول ۾ جيڪا انارڪي پنهنجا پر پکيڙي ويهي رهي آهي، اُن جي آغوش مان جيڪي به انڊا (آنا) ڦٽن ٿا، سي شيطانيت جو برقعو پائي وحشت ۽ دهشت جو سنڌرو ٻڌي ئي ڦٽن ٿا. جيڪا به کيپ نڪري ٿي، سا ازم يا ايثار بدران ظلم ۽ ڏهڪاءُ کنيو اچي ٿي.

    خبر ناهي زماني کي ڇا ٿي ويو آهي؟ زمانو ته صدين کان گردش ۽ گردان ڪري ماڻهن کي گهليندو ۽ سَٽِيندو رهيو آهي، اُن کي ڀلا ڪجھه چئجي به ڇالاءِ؟ تاريخ ۽ اتهاس جي ورقن تي جيڪي به لينگھا ۽ رانڀوٽا آهن، سي انهيءَ زماني جا ئي ته آهن، جيڪو شيطان جي شِر ۾ پلجندو، فساد جا محلا ۽ ڪالونيون آباد ڪندو رهيو آهي. سندس پاڙي ۾ امن ۽ پيار جيڪي بـ گهر اڏيا آهن تِن کي يا تـ لڏايو ويو آهي يا وري ڦِٽايو ويو آهي. زمانو جنهن جي سفر ۽ سيني تي بي رحمي ۽ بي دردي جا وڏا داغ آهن سي امُن ۽ پيار جي رومال/ٽِشو سان ڪنهن بـ ريت صاف ٿي نـ سگهيا آهن.

    انسان جنهن ازل کان پنهنجي جياپي لاءِ تهذيبن جا وڏا شاهڪار کڙا ڪيا، تمدن جا وڏا مثال قائم ڪيا، پنهنجي بقا لاءِ پيار ۽ امن جا وڏا عَلَمَ بُلند ڪيا تنهن انسان کي ڇا ٿي ويو آهي؟! جنهن انسان محنت ۽ محبت سان پيار جا وڏا مينار بيهاريا پنهنجي دلين ۽ هُردن کي گواهي جو نشان قرار ڏيندي کين سدائين صاف ۽ اُجرو رکيو، اُهي ئي انسان پنهنجون دليون ڪهڙي فريب م ٻوڙي ويٺا آهن جو کين نـ ڪهل اچي ٿي نـ وري ڪهڪاءُ اچي ٿو. هُن پنهنجي سڃاڻپ ۽ ساڃاهه تي شيطاني خصلت وارا بيج لڳائي ڇڏيا آهن، سندن کيسن (گيدن) جي مٿان لڳل اُهي بيج ماڻهوءَ جي ايڏي واضع شيطاني سڃاڻپ ڇو پيا بڻجندا وڃن، جو کيسن هيٺان (اندران) ڌڙڪندڙ دل جو هر خانو خالي ٿيندو وڃي، جنهن دل ۾ خُدا يا خوفِ خدا وسندو هو، تنهن دل جي هر عڪس ۽ اولڙي کي شيطاني شناخت واري بيج نه صرف ڍڪي ڇڏيو آهي، پر لڳي ٿو ته اُهي عڪس ۽ اولڙا لٽجي به ويا آهن، جنهنڪري رڳو انارڪي ۽ تاريڪي آهي. ماڻهن جڏهن کان دلين ۾ دُڪان کولي ڇڏيا آهن تڏهن کان حِرفتن ۽ مفادن جو واپار شروع ٿي ويو آهي ۽ جذبا نيلام ٿيڻ لڳا آهن. احساس ۽ قياس ماڻهوءَ جي کُڙيءَ هيٺان چِٿِجندو رهيو آهي.

    جيڪي ماڻهو مسلسل جنگ ۽ جھيڙي واري ڪيفيت ۾ آهن، پنهنجي پاڻ سان وڙهي رهيا آهن، ڪاوڙ ۽ ڪوڙ سان جھيڙي رهيا آهن، تن جي اکين جي نِمِي (نرم هجڻ/لڙڪن ۽ ڳوڙهن ۾ ڀڄي وڃڻ) واري ڪيفيت به اُن شناخت کي اُڀاري ناهي سگھي، جنهن کي فخريا انداز ۾ فطرت/قدرت اُڀاري سجدي لاءِ پيش ڪيو هو ۽ جيڪو بـ اُن اطاعت اُن سجدي جو انڪاري ٿيو هو سو هميشـ لاءِ ٿُڏجي ويو هو ، اها ڳالھ اڃا سوڌو انسان کي کي الائي ڇو سمجھ ۾ ناهي آئي!!

    دِل درپن آهي، اُن کي غور سان نِهارجي ويچارجي ٿو، اُن جي رستي تان جڏهن سفر ڪري هلجي ٿو ته آدم جي پُتلي ۽ اُن کي سجدي ڪرڻ وارا سمورا راز سمجھه ۾ اچيو وڃن، پر سمجھه ۾ جيڪا ڳالهه نٿي اچي، وري به اهائي آهي ته ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ۾ پنهنجو پاڻ کا ن اجنبي ٿيندو وڃي، ڪاوڙ ۽ ڪوڙ ماڻهوءَ اندر جيڪي ڪانئرپ جا ڪوٽ کڙا ڪري ڇڏيا آهن، اهي ڏينهون ڏينهن بُلند ٿيندا وڃن. اُها آڱر جيڪا ’اشهد‘ شاهديءَ لاءِ مٿي ٿيندي هئي، اهائي هاڻي اشاري ۽ نشاندهيءَ لاءِ کڄي رهي آهي. اشارو ۽ نشاندهي به اهڙي، جنهن جي هر نِهار، هر ڏسا ۾ صرف خون آهي.... وحشت آهي، دهشت آهي.....

    مذهب ماڻهوءَ جي سڌاري ۽ محافظت لاءِ مڙهيا ويا، سي ماڻهوءَ پنهنجي انا جي اُتر (بدلي) ۾ اڇلائي ڇڏيا آهن، وڏي ڳالهه ته مذهب، اخلاقيات ته ٺهيو، ماڻهو پنهنجي ماڻهپي مان نڪري پنهنجي خصلتن کي خلاص ڪري خساري وارو دڳ وٺي رهيا آهن، جنهن جو انت بس الله ئي ڄاڻي ٿو.

    دل جيڪا آئينو آهي، اُن تي جيڪي به آلودگيون، ان تي جيڪي به تهه چڙهي ويا آهن، سي انهيءَ هٿ جي تريءَ سان به ته صاف ڪري سگھجن ٿا، جنهن هٿ جي آڱر سان اشارا ۽ نشاندهيون ڪري، ٽئگر هلائي، ٽاڪوڙا ڪيا وڃن ٿا. هٿ جيڪي دعائن لاءَ خلقيا ويا آهن سي خطائن جو باعث ڇو ٿا بنجن؟ حيرت جو مقام آهي.

    جن هٿن کي قدرت قلم ۽ تلوار سليقي سان عطا ڪئي، انهن هٿن قلم ۽ تلوار کي طريقو بڻائي ڇڏيو. اهو طريقو جيڪڏهن حقيقت جي طريقت به بڻجي ها ته ڳالهه ٻارنهن آنا صحيح هئي، پر اُهو سمورو طريقو ابليس جي ابلاغ ۽ شيطان جي شِر جي ور چڙهي حيوانيت جي هلت (طريقت) بڻجي پيو، جنهنڪري نتيجو اِهو نڪتو آهي ته دنيا جي جنهن ڪنڊ، جنهن ڳلي، جنهن وستي، جنهن واهڻ ۾ نهارجي ٿو ته،

    ”آدم بوءِ..... آدم بوءِ.....“ اچي ٿي.

    اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هيِءَ ننڍڙي دنيا، سهڻي گل وگلزار ڌرتي ٽامو بڻجي پئي آهي. جن اکين ۾ نهارجي ٿو ته وحشت ۽ خون نظر اچي ٿو، عبادتون ۽ عقيده دل جي درپن تان پنهنجا عڪس ميساري چڪا آهن، اکيون جيڪي اتساهه ۽ ايمان هونديون هيون، سي قابيل ۽ قتلام بڻجي پيون آهن. سو ڪنهن سان به جھيڙو ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ سان جھيڙو ڪجي ته اهو بهتر آهي.

    پنهنجي اندر جو آئينو، دل جو درپن صاف ڪري جڏهن پنهنجو پاڻ سان جھيڙو جوٽبو ته ڪنهن ٻئي طرف آڱر سان اشارو ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪونه ٿيندي، نه وري ڪنهن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي. پنهنجي ئي جنگ ۾ ماڻهو جُنبي، جَڙي اهڙو ته ميدان صاف ڪري رکندو جو لطيف سائين جون هي سِٽون هڪ عالمگير معنى سان سامهون اچي وينديون.

    ’مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي‘
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو