ضراب حيدر عالمي حسينا ۽ هوءِ ڇوڪري...

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    عالمي حسينا ۽ هوءِ ڇوڪري...

    ضراب حيدر



    هُن جي حُسنا ڪين جو ڪهڙو بيان ڪجي، هوءَ پل اَپل ۾ روئي ۽ پل اَپل ۾ کلي پوندي هئي.

    زندگيءَ جو ڏانءُ وٿس ائين هو، اهڙو هو، جهڙو موهن جي دڙي کي تهذيب ڏنو، خبرناهي ڪيڏا زمانه سندس نيڻن ۾ ٻڏندا ترندا هئا، هُن وقت ۽ زماني جي وحشتناڪ نگاهن کي پنهنجي حياءُ ۽ سڀاءُ سان ائين ڍڪي ڇڏيو هو، جيئن پهاڙن کي برف ڍڪي سفيد ڪري ڇڏيندي آهي.

    هوءَ آبشارن جهڙي شافف ڇوڪري زماني جي مير ۾ ڪڏهن ۾ کوئجي نه سگهي هئي، مون کيس عالم حسينا جو نالو ڏيڻ چاهيو هو، هوءَ چوندي هئي ته، ”حسن ته صرف ڪائنات کي آهي، حُسن ته صرف ڪائنات جو آهي، آئينن اڳيان بيهندڙ ماڻهو حسن يا سهڻا نه هوندا آهن، سونهن ته ليئي يا جهلڪ پائڻ ۾ آهي، جيڪا اندر جي ايوانن ۾ پا تي ويندي آهي، ظاهر ته ڪوڙ ۽ دوکو آهي، هر رنگ ان ڳجهه ۾ آهي، جنهن کي ڳولهي ۽ لهي نه سگهبو آهي“ هوءَ روزانو درياهه جي ڪناري کان لنگهندي هئي، پر هن ڪڏهن به درياهه جي وسعت ۽ گهرائي کي نه ڏٺو هو، شايد هن پنهنجو پاڻ کي نديءَ کان گهرو ۽ وسيع ڄاتو هو، يا وري شايد هوءَ ان ندي کان به پويتر هئي يا وري کيس غرور هو، پنهنجي ان سنڌرتا تي جيڪا ڪنهن به ندي جيان وهي نه سگهي هئي، هن وٽ هڪڙو رکاءُ هو، هڪڙو ٺهراءَ هو سمنڊ جيان، هوءَ گهري ۽ سانت هئي، جنهن کي صرف چانڊوڪيون ئي مست ڪري سگهنديون هيون، شايد ان ڪري ئي جو کيس چانڊوڪين سان پيار هو، هوءَ چڪورا جيان ڪنهن به چنڊ جي چاهيندڙ نه هئي، بس تتل ڏينهن جي جفاڪشين سبب هن کي چانڊوڪيون وڻنديون هيون.

    هوءَ حسيناڪ ڇوڪري سدائين ڀمڀورين ۽ پوپٽن جا رنگ پنهنجي هٿن تي ائين ٺاهيندي هئي، جيئن معصوم ٻار اسڪولي تختين ۽ سليٽن تي ڦڏيون سڏيون لڪيرون پائيندا آهن، هوءَ معصوم سهڻي ڇوڪري سنڌ جي وسيح ميدانن وانگر ايڏي ته زندهه دل هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن سندس انسان هجڻ تي به گمان ٿيندو هو، خبرناهي ان جو سڀاءَ ايڏو نماڻو ۽ دلفريب ڇو هو، جو ساڻس ڳالهائيندڙ ماڻهو لحضي ۾ ڪافر ٿي پوندا هئا.

    مون ڪيترن زمانن تائين کيس ديوي سمجهيو هو، ها، هوءَ مونکي ڪنهن مندر جي سنگهاسن تي ويٺل مرڪندڙ ديوي لڳندي هئي، جنهن جي مرڪ ئي سمورو ڪرم ۽ ڀرم هوندي آهي، مندر جي ديوي جنهن مان نه ڪنهن کي ڪو فيض حاصل ٿي سگهي ٿو نه ئي وري ڪو نقصان، پر هوءَ باوجود پٿريلي طبيعت جي ڪنهن به پٿر جو ڪو مجسمو ڪو نه هئي، ها پر هوءَ مجسمو هئي ته حياءُ ۽ شرم جو جنهن ڪري مون کيس عالم حسينا جو اعزاز ڏيڻ چاهيو هو، مون کيس عالمي حسينا ڪوٺڻ گهريو هو.

    دنيا ۾ اڄڪلهه جيڪي عالمي حسينائن جا مقابلا هلن ٿا انهن جا معيار کڻي ڪهڙا هجن، پر اها ڳالهه ته عالم آشڪار ظاهر آهي ته عالمي حسينا بڻجڻ لاءِ حسن ساهه گڏوگڏ ٺاهه ٺوهه ۽ غريانيت به تمام ضروري هوندي آهي، مطلب ته عالمي حسينا بڻجڻ لاءِ ڪردار جي ڪا به حد مقرر ٿيل نه هوندي آهي، عالمي حسينا ٺاهه ٺوهه ڳالهه جي فن سان گڏوگڏ پنهنجي عريانيت جي ڪيتري نمائش ڪري سگهي ٿي، ان کي معيار طور کنيو ويندو آهي.

    ڪجهه وقت اڳ ۾ يوڪرائن ۾ هڪڙي 19 سالن جي ڪنيا ڪائلا ڪورين کي صرف ان ڪري سنگسار ڪري ماريو ويو هو ته هوءَ عالمي حسن جي مقابلي ۾ شريڪ ٿي هئي، اها خبر سموري عالمي ميڊيا ڦهلائي هئي، جڏهن ته اتان جي هڪ پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته ان ڇوڪريءَ کي ڪنهن به حوالي سان مذهبي انتها پسنديءَ جي بنياد تي سنگسار ته ڪيو ويو هو، پر سندس هم ڪلاس ڇوڪرن ساڙ ۽ حسد جي بنياد تي ساڻس ڏاڍائي ڪئي هئي ۽ پوءِ پٿرن سان کيس ماري ڇڏيو هو.

    اهڙي دردناڪ واقعي جون ڪيتريون ئي تصويرون نيٽ تي پڻ رکيون ويون هيون، يوڪرائن ٽٽي ويل رومين جو هڪڙو ترقي يافته خطو آهي، جنهن ۾ ايڏي وڏي مذهبي انتهاپسندي جو گمان نه ٿو ٿيئي. ظاهر آهي هوءَ ڇوڪري جيڪا سنگسار ڪئي وئي، اها مسلمان ضرور هئي، پر کيس مذهبي بنياد پرستيءَ تي ڪنهن به صورت سنگسار نه ڪيو ويو، ڇوته عريانيت جيڪا اسان جي ڪيترن مهذب اسلامي معاشرن جو حصو بڻجي چڪي آهي، ان ۾ عراق، افغانستان کان ويندي عرب ملڪن ۾ اهڙو ڪوبه سنگسار ڪرڻ وارو واقعو سامهون نه آيو آهي، عريانيت جا ظاهري توڙي باطني ڪيترائي بازار انهن ملڪن سميت اسان جي ملڪ ۾ به گرم آهن.

    مون جڏهن هن کي عالمي حسينا جو اعزاز ڏيڻ چاهيو هو، يا کيس عالمي حسينا سڏڻ چاهيو هو ته مون وٽ ان جا معيار اُن جا لوازمات بنهه ٻيا هئا، جيڪي عالمي حسن واري چونڊ جي معيارن سان ڪنهن به ريت ملندڙ جلندڙ نه هئا، مون سندس ظاهري حسن سان گڏوگڏ ان باطني حسن کي به ڏٺو هو، جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ عورت جو زيور آهي، جيتوڻيڪ هينئر تائين عورت کي صرف نسواني حسن جي حوالي سان پرکيو ۽ ڄاتو وڃي ٿو، پر سيرت کي گهڻي قدر ڳڻيو نه ٿو وڃي، اهو اسان جي معاشرن جو تمام وڏو الميو آهي، جتي ڪٿي ”نگاهي مصر ڪا بازار ديکهو“ وارو جهان آهي، هونئن ته حسن ۽ سونهن جو قصو حضرت يوسف عليه السلام جو به مشهور آهي، جتي مصر جي حسن جي ديوي زليخان به پنهنجي جوهر کي جهڪو ڀانيو هو ۽ اهو ئي ڪارڻ هو ته حسن جي ديوي مصر جي شهزادي زليخان يوسف تي موهجڻ ۽ سندس عشق ۾ کوئجڻ کان پوءِ سندس ويري بڻجي پئي. اهو ساڙ ۽ حسد جيتوڻيڪ يوسف جي ظاهري حسن سان هو ئي، پر سندس ان ڪردار سان به هو جيڪو سموري ملڪ مصر کي مات ڏيو بيٺو هو، مصر جي بازار ۾ چند ڪوڙين عيوض نيلام ٿيندڙ حضرت يوسف عه غلام طور پوتي فار جيڪو زليخان جو عمر رسيده مڙس هو، يوسف عه جيڪو تمام ننڍڙي وهيءَ ۾ زليخان آڏو پلجي وڏو ٿيو هو ۽ هر ميدان ۾ اهڙو ثابت قدم ۽ اعليٰ ڪردار رهيو، جو باوجود مصر جي ديوتائن واري نگريءَ ۾ الله جي ايڪتا جو برملا اعلان ڪندي به مٿس ڪا ڏکي نه گذري نه صرف ايترو، پر هو پنهنجي ڪردار جي آڌار ملڪ مصر جو بادشاهه به بڻجي ويو هو ۽ ڪنهن به ريت زليخان جي انهن آزوئن جو پور نه ڪيائين، جيڪي هن هڪ غلام کان خريدڻ چاهيون، غلام هوندي به حضرت يوسف عليه السلام جو ڪردار ۽ حسن مثالي رهيو.

    ڪڏهن ڪڏهن سندس ئي چيل جملا مونکي ياد ايندا آهن ته ” حُسن ته ڪائناتي ۾ آهي، حُسن ته ڪائنات جو آهي“ اهو ڪائناتي حُسن جيڪو هر دل هر هردي لاءِ ائين يڪسان آهي، جيئن فطرت جارنگ هر ڪنهن لاءِ يڪسان آحن، هن ڪائنات جو رڌم ۽ ڪائنات جي لازوال مُرڪ خبر ناهي ڪيترين دلين جو مرهم آهي، مون کيس عالمي حسينا ان لاءِ به سَڏڻ چاهيو هو ته هُن جي هر نهار ۾ مسيحائڻ جون صفتون سمايل آهن، هوءَ جيڪا پنهنجي ذات جي نفي ان حوالي سان ڪندي آهي، جيئن آئينا پنهنجي نفي ڪندا آهن.

    دنيا جهان جو درد ۽ ساڻس همدردي رکندڙ هوءَ ڇوڪري، باوجود خوبصورتيءَ جي ڪڏهن به بانور ڪندي نظر نه آئي آهي، آئون جيتوڻيڪ کيس مغرور سمجهندو رهيو هئس، پڇر ائين بنهه ڪو نه هوم سندس حياءُ ۽ شرم مونکي غرور محسوس ٿيندو هو، ايئن ئي جيئن ذليخان کي يوسف مغرور ڀاسندو هو.

    آئون جيڪو سمورو ڏينهن لفظن جون تغاريون کڻي، پنهنجي ذهن کي ڀلي گوبر ڏاند جيان، بي قدرن جي گهاڻي ۾ وهائيندو رهندو آهيان، سو ڪڏهن ڪڏهن بنهه اٻاڻڪو ٿي پوندو آهيان ۽ ڏاڍو ٿڪجي پوندو آهيان ۽ ڪيترين راتين تائين مونکي انهن ٿڪن جا وٽ ننڊ ۾ مروڙيندا رهندا آهن، منهنجي اکين ۽ نهارن ۾ جڏهن اُهي ٿڪ چغليون کائڻ لڳندا آهن ته هوءَ مُرڪي نهاريندي چوندي آهي ته:

    ”توهان پريشان ٿا لڳو؟! مونکي ڏسو نه ....!!، آئون ڪو آهيان پريشان“ هُن جي مُرڪ مون کي وري خبر ناهي ڪيترن سالن صدين تائين تازو ڪري امرتا بخشي ڇڏيندي آهي ۽ مونکي لطيف سائين جون اهي سٽون من ۾ واڪا ڪندي ملنديون آهن ته :

    ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي،

    جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملهار،

    ” کڻ اکيون کِل يار، ته وڃن سور سندا ڪري...“

    مون کيس عالمي حسينا سڏيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ منهنجون محنتون ۽ عقيدتون شامل هجن، منهنجي نگاهه جيڪا نينهن جي خمار سان ڀريل آهي، ان هُن کي هن جهان جي سهڻي صحرائي ۾ لاهي ڏٺو هجي، ڇوته محبوب ته هر ڪنهن کي بي مثل ئي لڳندو آهي، پر هوءَ ڇوڪري جيڪا ڪنهن به شارٽ ڪٽ جي قائل ڪونهي، نه ئي وٺس ڪي ادائون آهن، جن کي اڪثر عورتون اپنائيندي ڪو مقام حاصل ڪنديون آهن، هوءَ سهڻي سيبتي هڪڙي روايتي سنڌي ڇوڪري ادائن مان ڇا ڄاڻي!؟

    هوءَ ته ان عالمي حسينا جو تسلسل آهي، جنهن کي مرشد لطيف سرڪار مارئي ڪري ڳايو ۽ ساريو آهي، هوءَ جيڪا دنيا جي بلند هماليه جيڏن خوابن ۽ سپنن جي طلبگار ڪونهي، هوءَ ڪارونجهر جهڙي سٻاجهي، هالار جهڙي اڏول ڇوڪري ۽ سدائين اهو ئي چوندي آهي ته:

    ”ميرو ئي محبوب، اسان ماروءَ مَن ۾“

    مون کي خبر آهي ته هن جو مَن نه ڪنهن مندر جو ايوان آهي نه وري ڪنهن مسجد جو دربان آهي، هوءَ ته بس ساڌ ٻيلي ڪناري سانت سنڌوءَ جي لهرن جي ساکي آهي، جتان سنڌوءَ جون لهرون عقيدت جا گل کڻي پنهنجي محبوب سمونڊ ڏانهن وڌنديون آهن، سمونڊ جيڪو سنڌوءَ جي سونهن جو ازلي ويري رهيو آهي، ايئن ئي جيئن زليخان، حضرت يوسف عليه السلام جي سونهن جي ويري بڻي هئي، ايئن ئي جيئن يوڪرائن جا نادان کريل ڇوڪرا ڪائلا ڪورين جا ويري بڻيا هئا.

    گذريل سال جڏهن سنڌ کي ٻوڏ ٻوڙيو هو ته هن جي دل به ٻڏي ويئي هئي، بي سهارا ۽ لاوارث ماروئڙن جي حال ۾، جيڪو اڃا تائين بي حال آهي. آئون جڏهن هن جي ڪتابي چهري ۾ نهاريندو آهيان ته مون کي ڀٽ شاهه جو پڙ نظر ايندو آهي، آئون جڏهن به سندس نهٽن نيڻن ۾ گهوريندو آهيان ته مون کي ڪينجهر جي ڪنڌي تي نوريءَ جو نياز نظر ايندو آهي ۽ آئون جڏهن به ساڻس مخاطب ٿيندو آهيان ته منهنجا سمورا سوال پنهنجو پاڻ جواب بڻجي ويندا آهن،

    مون دادوءَ جهڙي دل رکندڙ، ميهڙ جهڙي مهربان، ٿر جهڙي ٿانيڪي، لاڙ جي لاجواب، اتر جهڙي اڪيلي ۽ حيدرآباد جهڙي حسين ڇوڪريءَ کي عالمِ حسينا ان لاءِ به سڏيو آهي، جو ڪو به جڏهن سندس سامهون ايندو آهي ته کيس پنهنجو پاڻ سنڌي صورت خطي جي اکرن جهڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ الف کان ي تائين ڪابه ڪَسارپ نه هوندي آهي ۽ هُن ڇوڪري جي سموري وجود جي پٽي (تختي) سنڌ جو اهڙو ته نقشو نظر ايندي آهي. جيڪو دنيا جي گلوب تي سونهن ۽ سچ جي علامت آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو