ضراب حيدر انب کَٽو آهي...!!

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    انب کَٽو آهي...!!

    ضراب حيدر

    ڪنهن کي آئينو ڏيکارجي!؟

    لڳي ٿو ته ماڻهو نابين ٿي پيا آهن،

    جڏهن کان مڪتب لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي پڙهڻ لڳا هئاسين، تڏهن کان زندگي سبقن جيان سهڻي ۽ دنيا ڪتابن جيان وسيع محسوس ٿي هئي.

    الف سان اک به ڏٺيسين ته الف سان انب به کاڌوسين ۽ وري الف کي مد لڳائي آئينه به پروڙياسين.....

    اُهي آئينا، درسنيون ۽ ٽِڪون سدائين ٽڪ بڻيل هونديون هيون، جن ۾ نهارڻ سان من جي آروپار نهار وڃي صاحب کي ڏسندي هئي، اهو صاحب جنهن جي صاحبيءَ ۾ اسانجي پِتڪڙي وجود واري صاحب جو سڀاءُ محسوس ٿيندو هو.

    اڄڪلهه هڪڙو ميسيج موبائيل جي اسڪرين تي هر ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ملي ٿو ته ”امان مون کي اسڪولي بستو واپس ڏي، ڇو ته زندگيءَ جو بار مون کان کنيو نه ٿو ٿي.“

    سوچيان ٿو ته زندگي ڪيڏي نازڪ، نفيس ۽ دلرُبا آهي، جيڪا بار بنهه ڪونهي..!! ۽ جيڪڏهن ڪو بار محسوس ٿئي ٿي ته ان جا ڪارڻ به انيڪ آهن، زندگي بار يا ٻوجھه تڏهن ئي بڻجي ٿي، جڏهن احساس منجھانئس نڪري وڃن ٿا.

    مطلب ته الف سان اک ته آهي، پر اها نابين آهي، نهار کان وانجھيل آهي، ان ڪري آئينن ۽ من جي آروپار ڏسي نه ٿو سگھجي. الف سان انب به آهي، پر اُهو کٽو آهي. انب کٽو ڇو آهي، اهڙو ڪوبه سوال اسان کي ڪرڻو ڪونهي ته انب کٽو ڇو آهي؟ بس حڪم صادر ٿيل آهي، تنهنڪري انب کٽو آهي....!!! ان جو مثال ائين به وٺي سگھجي ٿو ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي وڏا وڏا پروگرام، سيمينار ڪيا ويندا آهن، وڏا وڏا طعام ۽ کاڌا کارايا ويندا آهن، سموري دنيا ڇُٽيءَ تي هوندي آهي، پر مزدور پنهنجي هڪ ويلي کائڻ لاءِ مزدوريءَ تي هوندو آهي. هر ڪار وهنوار بند هوندو آهي، پر هوڪا ڏيندڙ ريڙها، ٿالهه ۾ وڪجندڙ ڇولا ۽ فيڪٽرين جون چِمنيون ساڳئي معمول سان دونهون ڪڍنديون رهنديون آهن.

    ائين ئي پريمن جي عالمي ڏينهن تي ڪاروڪاري ۽ آهه و زاري جاري هوندي آهي، مائرن جي عالمي ڏينهن تي ڪا ماءُ ڦُٽ پاٿ تي اخبار ۾ خيرات جو کاڌو کائيندي آهي يا وري گھر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڇڳل کٽ تي چُڙِهي چُڙِهي ساهه ڏيندي آهي...

    الف سان انب ته آهي، پر اهو کٽو آهي

    الف سان اک ته آهي، پر اُها نابين آهي.

    آئينا ڏيکارجن ته ڪنهن کي ڏيکارجن، دنيا جي سماجي ڍانچي ۾ جيڪي به معيار مقرر ڪيا ويا آهن، اُهي هڪ خاص حلقي ۽ هڪ خاص طبقي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن جو ڪتابي زندگيءَ سان ذري جو به واسطو ڪونهي. درسي سبق صرف بستن (ٿيلهن) تائين محدود آهن، اُهي نه انهن بستن مان نڪري انسان جي تقدير سنواري سگھيا آهن، نه وري ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ نصاب، هڪ منشور بڻجي ڪا روشني ڦهلائي سگھيا آهن، سبق، نصاب توڙي صحيفا بس هڪڙو ورد ئي رهيا آهن، پر ڪڏهن به وارد بڻجي نه سگھيا آهن.

    دوئي نه الف ۾ آهي، نه وري الله سان......

    ائين ئي الف سان اک واري نهار ۾ به دوئي نه هُجڻ گھرجي، اک اُهائي هجڻ گھرجي، جيڪا هڪ هجي، جيڏانهن ڪري پرک تيڏانهن صاحب ئي سامهون هجي.

    پر افسوس جو الف سان اک ۾ نه ڪو آنند آهي نه وري ڪو قياس، اک ايڪ قصر جي بدران در لک جي تمنائي ٿي پئي آهي، جيڪا نه پاڻ راهب رهي آهي، نه وري منجھس ڪو صاحب وسي ٿو، تنهنڪري ئي دوئي دل مان ڪر کڻي آڪڙي بيٺي آهي، اها ئي دوئي آهي اُها ئي دوئي آهي، جو الف سان انب ته آهي، پر اُهو هڪڙن لاءِ مٺو آهي ۽ ٻين لاءِ کٽو آهي. انب مٺو انهن لاءِ آهي، جيڪي مٿي آهن مٿاوان آهن، انب کٽو تِن لاءِ آهي، جيڪي سدائين کُٽل آهن، (اُهي کُٽل اِن لاءِ آهن، جو انهن جو ڪوبه سماجي مرتبو/دٻدٻو ڪونهي)

    سماج ڪهڙو بـ هجي اوچ نيچ جا مت ڀيد ٿوري گھڻي فرق سان هر جاءِ تي موجود آهن، اسان وٽ الف سان انب کٽو آهي تـ انگريزي ۾ اي سان ايپل (صوف) مهانگو آهي، سو جيڪو وٺي کائي سگھي؟!!، اسان وٽ رڳو اُن جي اُبتڙ آهي تـ انب مهانگو ڪونهي اُهو رڳو کَٽو آهي.

    مِٺي انب کي کٽي هجڻ جي صفت ڏيڻ پويان اسانجي ڦورو طبقي جي نفسيات پِنهان آهي، جنهن موجب هيڻي ۽ محنتي ماڻهو کي هر فائدي ۽ لاڀ کان پري رکڻو آهي. پوکيندڙ ۽ لُڻيندڙ ۾ واضع فرق اِهو رکيو ويو آهي ۽ اِهو حرفِ آخر طئـ ڪيو ويو آهي تـ پوکيندڙ سموري عمر پوکيندو ئي رهندو، لُڻڻ جو حق کيس تا عمر حاصل نـ رهندو ۽ جي حق جي ڳالھ ڪندو تـ اُهو گُناھ ِ ڪبيرا آهي. ايئن ئي لُڻيندڙ لاءِ بـ طئـ ٿيل آهي تـ هو ڀل تِر جيتري بـ محنت نـ ڪري پر هو تا قيامت نسل در نسل لُڻيندڙ ئي رهندو، محنت ڪرڻ يا پوکڻ اُن لاءِ ڏوھ آهي. ( برهمڻ ۽ شوڌر وارو رواج نئين اٽڪل ۽ سٽاءُ سان اسنجي سماج ۾ موجود آهي جنهن کي سياست، ڪاموراشاهي ۽ سرمائيداري وڌيڪ هٿي ڏياري آهي)

    هونئن تـ جتي ڪٿي عجيب ۽ نـ وڻندڙ ماڻهن سان پالو پوندو آهي، پر هڪ اداري ۾ بنھ عجيب ماڻهو سان پالو پيو هو، جنهن شايد سالن کان آئينو نـ ڏٺو هو، هو روزانو اڻ ڌوتل مُنهن سُڄائي اچي سامهون ويهندو هو ۽ هٿن پيرن سان پيو مال ميڙيندو هو. هُن زندگي ۾ ڪجھ وڃائن سِکيو ئي ڪونـ هو تنهنڪري ميڙڻ توڙي ڪمائڻ ۾ ماهر هو، اهو ئي سبب هو جو سندس خاص اهليت جي بُنياد تي کيس اسان مٿان چوڪيداري لاءِ رکيو ويو هو، الائي ڇو جن ماڻهن کي ڪجھ بـ نـ ايندو آهي اُنهن کي چوڪيداري جا وڏا عُهدا ملندا آهن؟! ها تـ اُن شخص جي الف سان اک واري نِهار تـ نابين هئي پر اسان جي چُر پُر جانچڻ ۾ وڏي باريڪ بين هئس، هو جيڪو ڪک کي کڻي ٻيڻو نـ ڪرڻ جا بـ لکين ڪمائيندو هو سو اسانجي لکن جي آسن اميدن مٿان جهڙو پاڻي هو. هُن جي اوٻاسي بـ لک لهندي هئي جڏهن تـ اسانجو ڪنهن کي مُرڪي نِهارڻ بـ ڏنڊ بڻجي پوندو هو.

    اسان جي سماج ۾ ڪامورا شاهي جي بيت الخُلا يا واش روم تائين وڃڻ جيانِ به هُن جي اوٻاسي درڪي جا بـ وڏا ٽي. اي. ڊي. اي ٺهندا هئا، پر اسان جيڪڏهن پنهنجي حسرتن ۽ محرومين تي به ڪو ٿڌو ساهه ڀريندا هئاسين ته ڏهاڙي چَٽ ٿي ويندي هئي. سو اُن شخص ئي واتان جڏهن مون ٻڌو ته

    ”انب کٽو آهي“ ته مون کي گھڻيون معنائون سمجھه ۾ اچي ويون هيون.

    هو هر وقت روزانو ويٺو انب کائيندو هو، اسين جيڪڏهن حسرتن وچان اُن کي ڏسندا هئاسين ته هو هڪ ڪاوڙيلي نهار سان اسان ڏانهن نهاري چوندو هو،

    ”ڇا ٿا ڏسو، پنهنجو ڪم ڪريو، انب کٽو آهي..“

    ها سچ پچ کُٽل ماڻهن لاءِ انب کَٽو ئي آهي، ڇو جو کُٽل ماڻهو ڀل ڏهيءَ ۾ ڪيڏي به کنڊ ملائي کائن ته اُها مٺي ٿي نه سگھندي آهي.

    ڪوئي ڀل مون سان سُهمت نه هجي، پر مون محسوس ڪيو آهي ته کُٽل ماڻهو جن سبقن ۽ ڪتابن کي پنهنجو نصاب ۽ منشور بڻايو آهي، سي ڏهيءَ جي پاٽِ ۾ ڀل ڪيڏيون به ٽٻيون هڻن، اُهي اڇا اجرا ٿي نٿا سگھن، زندگيءَ جي ڌونئري کي ڪيڏو به ولوڙين، پر مکڻ ڪڍي نه ٿا سگھن. مون کي انهن عجيب و غريب چوڪيدارن (باسن) جن کي صرف نظرداريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪي سهيڙڻ بدران ميڙڻ ۽ وڃائڻ بدران ڪمائڻ ۾ ڪماليت رکندا آهن، جا اُهي جملا وڏي تشريح ۽ تفسير سان سمجھه ۾ اچي ويا آهن ته انب کٽو آهي/انب کٽا آهن.

    يعني سچائيءَ ۽ محنت جو ثمر هِن دؤر ۾ کَٽو آهي ۽ اُهو تيستائين کٽو رهندو، جيستائين الف سان اک واري نهار ۾ دوئي رهندي، آئينا رڳو نابينن جي هٿن ۾ هوندا ۽ نقطي کان آزاد الف، الف ننگو سواليه نشان بڻيل هوندو، جيڪو الله وارو آنند وِڃائي ويٺو آهي. جيڪو نُقطي کان آزاد هوندي بـ سوين هٿرادو نُقطن ۾ اڙِيو سان اڙِيو بيٺو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو