ضراب حيدر اکين ۾ سنڌ وسائيندڙ عاشق ماڻهو.....(بشير خان قريشي)

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    اکين ۾ سنڌ وسائيندڙ عاشق ماڻهو.....
    (بشير خان قريشي)


    ضراب حيدر


    موت برحق آهي. ۽ هر ڪنهن تي هڪ ڏينهن اچڻو آهي.ڪير آهي جيڪو هن دنيا ۾ سدائين لاءِ زندهه رهيو آهي؟؟ ها! هر جسم کي موت اچڻو آهي ۽ هرنفس کي ان جو ذائقو چکڻو آهي. لطيف سائين جي چواڻي ته

    فانيءَ في هاني دنيا دم نه هيڪڙو
    لٽي لوڙه لتن سين جوڙيندءِ جاني
    ڪوڏر ۽ ڪاني آهي سر سڀ ڪنهن

    ”شاهه رح“
    ۽ اها به حقيقت آهي ته هن سنسار مان ڪيترائي اڪابر داناءُ، اولياءُ رهنما لاڏاڻو ڪري ويا . پر ڪار جهان آهي سو هلي پيو، ڇو ته ڪارِجهان کي انت تائين بهرحال هلڻو آهي، جيئن غالب چيو ته:

    غالب خسته ڪه بغير ڪونه سي ڪام بند هين
    روئي زار زار ڪيا، ڪيجيئي هاءِ هاءِ ڪيون؟


    پر! هڪ ڳالهه هڪ مثال اڄ به دنيا ۾ قائم آهي جيڪو هڪڙي تسلسل سان هلندو اچي ته ماڻهو مرڻو آهي ۽ اهو مري وڃي ٿو. لکين ڪروڙين اربين انسان ۽ ماڻهو هن دنيا ۾ آيا ۽ مٽي ٿي ويا. بس ڪي چند ڪي ٿورائي انسان اهڙا هوندا آهن، جيڪي مرڻ کانپوءِ به زندهه رهندا آهن. مرڻ کانپوءِ زنده رهڻ وارو تصور ڪو ايترو سولو ۽ آسان ڪونهي، ڇو ته دنيا ۾ لکين ڪروڙين انسان زنده هوندي به ڄڻ زنده نه هوندا آهن، مطلب ته اهي مادي طور هلندا چُرندا گهمندا ڦرندا آهن، پر عام لوڪ ۾ انهن جي نه ڪا واکاڻ هوندي آهي نه وري ڪا سڃاڻپ هوندي آهي،

    آدم جيڪو روز ازل کان هڪ سڃاڻپ يا هڪ مقام جي ڳولها ۾ رهي ٿو، جنهن جا مختلف طريقا ذريعا ۽ نظريا رهيا آهن پر اهو طئه آهي ته جيڪو ماڻهو جيڪو انسان، ماڻهن جي وچ ۾ رهي ماڻهن جي دلين ۾ وسي وڃي ٿو، اهو موت سان ڪڏهن به مري نٿو سگهي.
    طئه آهي ته انا، يا خود پرستيءَ ۾ ڪڏهن به ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ڳولهي نٿو سگهي ۽ اهو به طئه آهي ماڻهن جي دلين ۾ لهي وڃڻ واري صفت هڪڙي الهامي صفت آهي، جيڪا انبيائن کي اوليائن ۽ فقيرن کي نصيب ٿيندي آهي.
    آئون فقير کي انهن صفت وارن ماڻهن ۾ ان لاءِ شامل ٿو ڪريان ته فقيريءَ وارو صفت ڪا عام صفت ڪونهي، اها رمز الاهي آهي جنهن کي پروڙڻ لاءِ به ڪن حقيقتن کي سامهون رکڻو ٿو پوي، غالب جي سوانح عمري ۾ ڪٿي پڙهيو هئم ته جڏهن هو اڃان ننڍڙو ٻار هو ۽ دهليءَ جي ڪنهن گهٽيءَ ۾ کيڏي رهيو هو ته کيڏندي اوچتو سندس ٽڪر ڪنهن عمر دراز ماڻهوءَ سان ٿي پيو، جنهن تي اُن ماڻهو کيس ڇڙٻ ڏيندي چيوته:

    ”اوئي ڇوڪرا، ڏسين ڪو نه ٿو انڌو آهين ڇا، برزگن جو به خيال نه اٿئي؟

    جنهن تي مرزا غالب ٻاراڻي وهيءَ ۾ کيس هڪڙو لاجواب جواب ڏئي، لاجواب ڪري ڇڏيو هو ته ” اي ميان، تون پوڙهو ضرور آهين پر اڃان برزگ نه ٿيو آهين، ڇو ته برزگن جي زبان ايئن نه ڳالهائيندي آهي جيئن تنهنجي زبان پئي ڳالهائي“
    منهنجي خيال ۾ اها هڪڙي سٽ اهو هڪڙو جملو برزگيءَ جي سموري تشريع ڪريو ڇڏي، ظاهر آهي، بزرگي فقيريءَ جي رياضت آهي، جنهن کي ماڻڻ لاءِ گهڻو ڪجهه تياڳڻو پوي ٿو .
    سو آئون اڄ ان ماڻهو ان شخص جي ڳالهه ڪرڻ ٿو گهران جيڪو ڪارڪن، هڪ فقير ۽ هڪ برزگ قداوار شخصيت هو/آهي، اها شخصيت بشير خان قريشي جي آهي. جيئن ته بزرگي عمر سان واڳيل ڪونهي، ماڻهوءَ جي عاجزي ۽ اخلاق ئي کيس بزرگ بڻائيندو آهي، بشير خان قريشي سچ پچ هڪڙو عاجزي رکندڙ يا اخلاق وارو باڪردار شخص هو، جنهن جو هر عمل ۽ ڪارڪردگي صرف سنڌ ۽ سنڌ جي ڀلائي لاءِ هئي.
    ڪير آهي جيڪو بشير خان سان سينو ساهي، مطلب ته ڪنهن ۾ نه اها سچي ڪارڪن واري خوبي آهي نه وري ڪنهن ۾اها فقيريءَ واري خصلت آهي نه ئي وري ڪنهن ۾ اهو برزگيءَ وارو ڪردار آهي، جيڪو بشير خان قريشيءَ جي شخصيت ۾ ملندو.
    منهنجي زندگيءَ جو بشير خان اهو پهريون شخص، پهريون ليڊر ۽ رهنما آهي جنهن لاءِ ڪيترين گهڙين تائين آئون اوڇنگارون ڏئي روئيندو رهيو آهيان، آئون مسلسل سندس بابت سوچيندي ۽ سندس ائين اوچتي لاڏاڻي تي ويچاريندو رهيس، منهنجي هن وقت تائين ڪنهن به سياسي يا قومي پارٽيءَ سان ڪا به اٽيچمينٽ ناهي رهي، بسآئون سنڌ ڌرتي سان پنهنجي انداز ۽ فڪر سان محبت ڪندو آهيان ۽ انهن ماڻهن سان به بي حد محبت ڪندو آهيان جيڪي سنڌ ڌرتي سان محبت ڪن ٿا
    منهنجون بشير خان قريشيءَ سان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سراسري ملاقاتون هيون، مون منجهس ڪڏهن به ليڊرن يا اڳواڻن وارو رويو نه ڏٺو هو، هو شخص مونکي وڏي ڏِيا وارو شخص لڳندو هو، هڪ ڀيرو سال 1 1 0 2 ع ۾ هو مونکي نوريآباد جي اسٽاپ تي مليو هو، جڏهن آئون ۽ طارق قريشي ڪراچي وڃي رهيا هئاسين ۽ هو خيرپور ڏانهن ڌرڻي لاءِ وڃي رهيو هو.
    مون ساڻس هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو، بس کيس مسلسل ڏسندو رهيو هوس، مونکي الاهي ته ڇو ان وقت کيس نهاريندي مرشد لطيف سرڪار جا اهي جملا ياد پئجي رهيا هئا ته:

    ” پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي“

    منهنجي شعور يا لاشعور جي اها خبر ناهي ڪهڙي محسوسات هئي يا وري شايد منهنجي ڇهين حس هئي جنهن بشير خان قريشي کي ان وقت اهڙي رنگ ۾ ڄاتو هو،
    اهو بهرحال سچ به آهي ته بشير قريشيءَ جو پساهه کڻڻ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ئي هو، باقي ته هو ماڻهو ڄڻ پاڻ کي ماري چُڪو هو، شاهه حبيب (لطيف سرڪار جي والد صاحب) جي چواڻي وانگي ته:

    ”لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا ڍڪجي“

    ها سنڌ امڙ جي ڏکن دردن ۽ عشق ته کيس صفا ماري ڇڏيو هو، سندس ذات ۽ انا جا سمورا ڇيد ۽ سرحدون ڪڏهوڪو ختم ٿي ڀسم ٿي ويون هيون. ۽ سندس وجود تي سنڌ جي عشق جو اهڙو ته واءُ وريو هو، جو ان ۾ هُن جي پنهنجي هستي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي هئي، پر ايئن لڳندو هو ڄڻ ته سندس سموري وجود ۽ انگن عضون کي سنڌ ڌرتي جو عشق ڍڪي چڪو هو،
    ڌرتيءَ سان عشق جو اهڙو انوکو مثال ڀلا ڪٿان لهجي!؟ جيتوڻيڪ سنڌ امڙ لاءِ دودي کان وٺي دولهه درياهه تائين لطيف سرڪار کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين ڪيترائي پتنگ ۽ پروانا آيا، جن سڙي مٿي سچ، پنهنجو سر ساهه قربان ڪيو، پر بشير خان قريشيءَ انهي روايت کي پنهنجي خون جگر جو عرق ڏئي تازو ڪيو.
    هن سادي ۽ عام فهم ماڻهوءَ جي ٻولن ۾ محبت ۽ عشق لاءِ ڪي وڏا دليل، جملا يا فلاسافيون نه هونديون، پر هن جي گفتار مان سدائين ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ هو مرشد لطيف جون سٽون ورجائيندو هجي ته:

    ”سو مو سڀ ڄمار اورڻ، اهو ئي ٿيو“

    هن جو روئڻ جيڪو شايد ڪنهن به نه ڏٺو هجي پر مون سندس اکين ۾ جهاتيون پائي انهن لُڙڪن کي پروڙيو هو، جيڪي سندس وجود ۽ هستي کي جهوريندا ۽ لوڙهيندا رهندا هئا، اهي لڙڪ سنڌ جي هاڻوڪين حالتن لاءِ اندر ئي اندر ۾ ٽمندا رهندا هئا، هُن جي مُرڪن کان وٺي هر ٻول هر سوچ ننڊ ۽ جاڳ ۾ سنڌ جو عشق سمايل هو، جنهن کي اورڻ لاءِ هن پنهنجي سموري حياتي وقف ڪري ڇڏي هئي، مون ڪيترا ڀيرا اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته اهو ڪهڙو لمحو هو، جڏهن کيس منجهان مهر سڏ ٿيو هو۽ هن انهيءَ سڏ کي سموري عمر اوريندي ورنائيندي گذاري ڇڏيو، شايد ازل کان کيس سنڌ سونهاريءَ سڏيو ۽ پڪاريو هو ته ” بشير! منهنجي پت رکجانءَ، منهنجو مان مٿانهون ڪجانءَ“. ۽ هن ان سڏ کي مان ڏيندي ورجائيندي اهڙو حق نڀايو جو سندس وڇوڙي تي سموري سنڌ اوڇنگارون ڏيئي رني. سنڌ جي هر وستي هر واهڻ ۾ ڪهڙي اها اک هئي، جنهن بشير خان لاءِ لڙڪ نه لاڙيا هجن!؟ بشير خان لاءِ سچ پچ هر ماڻهو توڙي سنڌ سوڳوار رهي.
    ازل کان ابد تائين سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن جو درد کڻي هلندڙ بشير خان قريشي، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو سپوت هو، جنهن جون اکيون ڳالهائينديون هيون،
    سندس اکين ۾ جتي درد (ڌرتي جو درد) وسندو هو، اتي سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ جا سپنا ۽ خواب به ڌمالون هڻندا هئا، نه صرف ايترو پر مون سندس اکين ۾ سنڌ جو اهڙو ته خوبصورت ۽ سهڻو نقشو ڏٺو هو، جنهن ۾ درد ۽ بدحالي نالي جو ڪا به شيءَ ڪو نه هئي،
    مونکي ياد آهي جڏهن آئون مهراڻ ٽي وي تي پروگرام مينجر هوس ته مهراڻ ٽي وي جي هڪڙي پروگرام ”دل جي ڳالهه“ ۾ بشير خان قريشيءَ جو ذاتي انٽرويو ڪيو ويو هو، دل جي ڳالهه پروگرام ۾ جتي انٽرويو سان گڏ ٻين پاسن کي کنيو ويندو هو، اُتي ذاتي زندگيءَ بابت پڇا کي وڌيڪ اهميت رهندي هئي.
    انٽرويو ڪندڙ ميزبان سعديه ميمڻ جڏهن کائونس بار بار اهو پڇيو پئي ته ”ڪجهه به هجي انسان زندگيءَ ۾ ڪنهن سان محبت ضرور ڪندو آهي، توهان ڪنهن سان محبت ڪئي؟“
    جنهن تي بشير خان قريشيءَ اهو ئي چيو ته ”مون صرف سنڌ سان محبت ڪئي آهي“.
    پروگرام جي ميزبان مختلف طريقن سان وري وري کائنس اهو چورائڻ پئي گهريو ته ڪنهن به ريت بشير خان قريشي ذاتي محبت يا افيئر جو ڪو ذڪر ڪري وِجهي، ايتريقدر جو ننڍپڻ جي ڪنهن وڻندڙ هستيءَ جو ذڪر ڪري، پر بشير خان قريشيءَ سادگيءَ ۾ صرف ايترو ئي چيو ته ”محبت ته بس ڌرتيءَ سان ئي ٿيندي آهي؟“
    آئون ڄاڻان ٿو ته بشير خان جا اهي جملا تاريخ ساز آهن ڇو ته سندس چوڻ جو مقصد اهوئي هو ته انهن شين يا ڳالهين سان ڪهڙي محبت يا عشق ڪجي، جيڪي عارضي ۽ ختم ٿيندڙ هجن، محبت ته سدا حيات وجودن سان ڪبي آهي، جيڪي ڪڏهن به ختم نه ٿين، ڪڏهن به نه مٽجن، سندس انهي عام ۽ ننڍڙي جملي ۾ جتي محبت ۽ عشق جي هڪڙي وڏي ۽ نئين تشريع هئي، اُتي سندس جملا انهي سداحيات سنڌ جو وجود ۽ نقشو به ٻڌائي رهيا هئا، جن کي تاريخ جو ڪوبه دور نه جدا ڪري سگهي ٿو، نه ئي وري ورهائي ڀاڱا ڀاڱا ڪري سگهي ٿو.
    بشير خان قريشي جيڪو هڪ فقير ۽ هڪ برگ هستيءَ وارو شخص هو ان کي جيڪو به دان مليو انهي ازلي سڏ تي مليو هو جيڪو سڏ سنڌ جو سڏ هو ۽ هن اهو سڏ ورنائي اوري پنهنجي ذات کي انهيءَ ۾ گم ڪري هميشه لاءِ ڀسم ڪري ڇڏيو هو،
    بشير خان قريشي سچو پچو سنڌ جو همير ۽ خمير هو، جنهن جي جز، طبيعت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ بس رڳو سنڌ وسندي هئي.
    ايئن چوڻ ۾ ڪوبه هرج نه ٿيندو ته عام لوڪ جيان بشير قريشيءَ جي رڳن ۾ خون بدران ڄڻ سنڌوءَ جو پاڻي ۽ سنڌ هڏ ست ۾ سنڌوءَ جي مٽي وسندي هئي، شل سدا اها مٽي، اها خوشبوءِ وسندي رهي، جنهن جي ڪُک مان بشير خان قريشي جنم ورتو ۽ جنهن جي ڪُک ۾ وڃي آرامي ٿيو.
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو