ضراب حيدر امان! مان ڏاڍو اڪيلو ٿي ويو هان...

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    امان! مان ڏاڍو اڪيلو ٿي ويو هان...

    ضراب حيدر


    امان او امان...

    توتان گهور وڃان.
    امان توکي پُڪارڻ يا سڏن لاءِ مون وٽ اِن کان وڌيڪ ڪو مقدس لفظ ڪونهي...
    الائي ڇو امان مون جڏهن به توکي پُڪاريو، سڏيو آهي ته مونکي اُساٽ ۾ به ڇانوري جو احساس ٿيو آهي. تڪليف ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ سدائين منهنجي زبان تي يا ته خُدا جو نالو آيو آهي يا وري تنهنجو نالو، امان...!! خبر ناهي ڇو؟
    شايد اِن ڪري به جو منهنجي ساهه ۽ شهه رڳ ۾ تون اُن پالڻهار اُن تخليقڪار سان گڏ ڌڙڪَندي ويجهي رهين ٿي جنهن جي خلقت واري صفت ڪائنات ۾ صرف توکي ئي عطا ٿي آهي. مون مايوسين ۽ نااُميدين ۾ جڏهن به تنهنجي ملائڪن جهڙي چهري ۾ نهاريو آهي ته مونکي اهڙي آٿت اهڙي اتساهه جو احساس ٿيو آهي جيڪو بنا ڪنهن شڪل شبيهه جي بنا ڪنهن دائري لڪير جي ڪائنات محسوس ٿيندو آهي.

    او امان، توتان گهور وڃان،

    تون مونکي سدائين قدرت جا پَرَ (Wings) لڳندي آهين جنهن ۾ سموري ڪائنات لِڪي ڍڪجي ويندي آهي، تو ئي ته آهين امان جنهن سدائين منهنجي مَنداين ۽ ڍلائين تي پَر رکيا آهن، ائين ئي جيئن

    ”ساڄن! سڀئي ڍڪِيون ڍول ڍِلائِيون.“

    سوچيان ٿو، مون جهڙو گناهگار عيبدار تنهنجي نگاهه ۾ ايڏو اڇو اُجرو آهي ته اُن بارگاهه ۾ ڪيڏو نه صاف هوندو جنهن تون ۾ پنهنجون ڏيا رحم ۽ قياس واريون صفتون ڀريون آهن. اِهوئي تـ ڪارڻ آهي امان جو مونکي تو وارو ٻڌايل خُدا ساھ کان بـ ويجهو محسوس ٿيندو رهيو آهي جنهن تنهنجي گَرڀَ ۾ به مونکي تڳايو ۽ جياپو ڏنو.
    امان او امان، آئون جڏهن عدم جي خواب ۾ هوس، امان آئون جڏهن تنهنجي گرڀ جي پناهه ۾ هوس ۽ جڏهن عالم ارواح جو حصو بڻجندسُ، تڏهن به ته تنهنجو ئي هوندس تنهنجي ئي نالي سان سڏيو پُڪاريو ويندس.

    ها، امان مان تنهنجو ئي ته آهيان!!
    ۽ تون منهنجي ئي ته آهين...!؟

    ڪيڏي نه ظالم آهي هيءَ دنيا امان، جيڪا توکي مونکان ڇِني ڌار ڪري رهي آهي.
    ها امان، ننڍڙو هوندو هئس ته مونکي الله جو احساس يا گُمان ئي نه هوندو هو، منهنجي ننڍپڻ جو خدا تون ئي ته آهين امان!؟ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ هن وقت به منهنجي پناهه تون ئي ته آهين.

    امان او امان...

    ڪيڏو نه تنهنجو احسان آهي جو تون جنت جي پاڪيزين کان وٺي انسان جي خلقت ۽ ڪارِ جهان جي هُجوم تائين مونکي ڄڻيو، پاليو، نپايو ۽ بچايو آهي. تون نـ هُجين ها تـ منهنجو وجود ڀلا اڄ ڪٿي هُجي ها؟
    مڃان ٿو ته سموري ڪائنات ۾ هر جاندار جي دل ساڳئي آهي، هر انسان جي دل ساڳئي نموني ڌڙڪي ٿي، پر امان تنهنجي دل کي ڪنهن سان به ڀيٽي نٿو سگهان ڇو جو تنهنجي دل جنهن ۾ هيءَ ڪائنات وسي ٿي سا ضرور ڪو معجزو آهي يا وري سچ پچ قدرت آهي، جنهن جي هر ڌڙڪن ۾ پيار جا اُٿاهه ساگر ڇوليون هڻي رهيا آهن.
    انساني تاريخ، انسان کي جيڪو رنگ نسل، قوم ۽ قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو، سوچيان ٿو اُتي تون ۽ تنهنجي دل ڇو نه ورهائجي ۽ بدلجي سگهي آهي؟ هانءَ امان...؟

    آفريڪا جي ڏُکاريل پٽن کان وٺي آمريڪا جي سُڪاريل ملڪ تائين، امان تون ساڳئي آهين. تنهنجي دِل فِرعون جي احرامن ۾ هوندي به سدائين آسيه بڻيل رهي آهي، امان تون نِمرود جهڙي ظالم جي بادشاهيءَ ۾ به سدائين گُل گلزار بڻيل رهينءَ آهين، تون صدين جي سفر باوجود اَمَان (پناهه) ئي تـ آهين اُن انسانيت جي لاءِ جنهن تنهنجي دل کي خُوب ڏکايو آهي پر تنهنجي پيار پاٻوهه ۾ اڄ سوڌو رتيءَ جيترو به فرق ناهي آيو...

    امان او امان،

    اڄ به هيءَ دنيا مونکي توکان ڍڪي ڌار ڪري رهي آهي، ڪالهه جڏهن اسين ننڍڙا هوندا هئاسين ته توکي وري وري اچي ڀاڪِيون پائيندا هئاسين ڀينر ڀائر پاڻ ۾ وِڙهندا هئاسين ۽ چوندا هئاسين تـ

    ”امان منهنجي آهي...“

    اڄ جڏهن اسين اُڏامڻ جهڙا ٿي وڏيون وڏيون پروازون ڄاڻي ويا آهيون، وڏا عالم عقابر، وڏا شاهوڪار ۽ مدبر ٿي ويا آهيون ته پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون ته

    ”امان تنهنجي آهي“

    امان مونکي قسم آهي تنهنجي انهن پاڪ قدمن جو جيڪي مون لاءِ، مونکان اڳ ۾ ۽ مونکان پوءِ جي نسلن لاءِ جنت بڻيل آهن، ”امان مان تنهنجو ئي آهيان، امان تون منهنجي آهين نه...؟“

    مڃان ٿو، هن دنيا ۽ پيٽ جي دوزخ مونکان تنهنجي پيرن ۾ وسندڙ جنت کسي ورتي آهي، آئون تنهنجي هڪ رات جي اوجاڳي جو قرض چُڪائي نٿو سگهان، تنهنجي ٿڃ جي هڪ قطري جو بـ احسان لاهي نٿو سگهان نه وري تنهنجي گرڀَ ۾ ڀڳل آرس واري ساعت جو سور ۽ عذاب لاهي ٿو سگهان. پوءِ به امان تون منهنجي آهين، مان تنهنجو ئي آهيان. آئون جيڪو، ڪجهه به ناهيان، منهنجي ڪا به سڃاڻپ ڪونهي. آئون جيڪو ازل کان ابد تائين تنهنجي نالي پُٺيان سڏيو ۽ پُڪاريو ويس/ ويندسُ، سو ضرور زماني جي واءُ ۾ ڀٽڪي ڀُلجي ويو آهيان. امان مونکي خبر آهي ته هن ڌرتيءَ جي اتر قطب کان ويندي ڏکڻ قطب تائين تون هر روز گهر جي اڱڻ ۾ اُداس ويٺي حسرت وچان ضرور اِهو سوچيندي هوندينءَ ته ”ڪاش! تنهنجا ٻار جوان نه ٿين ها...“

    ها امان تون هي وڏن شهرن جي وڏن چؤراهن تي ”اولڊ پيوپِل هائوسز“ ڏسي ضرور اِهو سوچيندي هوندينءَ تـ ڪاش تنهنجا نِپايل جيتامڙا وڌي نانگ نـ ٿين ها!

    تون جيڪا پنهنجي اُنهن ننڍڙن پِتڪڙن ميرن ڪوجهن ٻارن جي ادائن م پنهنجو پاڻ ڳولهيندين هئين، اڄ اُنهن جي جوان ٿيڻ تي وِڃايل ۽ هيڪل وياڪل آهين، امان تِن کي ڪڏهن به وڏو يا جوان نه ڀائِجان، ها امان سچ ٿو چوان، جي اُهي وڏا ٿي ويا هجن ها ته ڪو ٿورئي توکي ائين بي ڌيانيءَ ۽ اڪيلائي جو شڪار ڪن ها. ( ڇو تـ امان ماڻهو پيسي يا عُهدن سان وڏا ٿورئي ٿي ويندا آهن، ماڻهو تـ وڏا صرف ماڻهپي سان ٿيندا آهن جيڪو اسان مان ڪڏهوڪو نِڪري ويو آهي)

    امان او امان...

    منهنجي مٺڙي آيل، تون پاڪ حديثن کان وٺي لطيفي آيتن ۾ مون لاءِ مقدس آهين. اڄ دنيا جي واءُ ۽ زماني جي پريشانين وري مونتي گهيرو ڪيو آهي، امان آئون زماني جي واءُ کان ڏاڍو خوفزده ٿي ويو آهيان، منهنجي گُجي صفا سُڪي وئي آهي ۽ منهنجو ساهه ڳيري جيان نڪري رهيو آهي امڙ اوري آءُ ته توکي سَٽَ سُڻايان سور جي، مون توکان پري رهي هڪ ساهه به سُک جو ناهي ماڻيو،

    امان او امان، منهنجي پڌر تي مڃان ٿو قسمين قسمين جا گُل ۽ مُکڙيون ٽِڙيون آهن پر امان توجهڙي خوشبو آئون ڪٿان لهان، امان او امان مون پنهنجي بل_بوتي تي وڏا وڏا باغ، وڻ، بنگلا ۽ ڇِتيون اڏائي ڇڏيون آهن. پر امان، مونکي ڪٿان به اُن ڇانوري جو احساس نٿو ٿئي جيڪو تنهنجي جهوليءَ ۾ سُمهندي هڪ پل هڪ ساعت ۾ ٿيندو هو.

    امان مان هر نئين ڏينهن جيتوڻيڪ توکي هڪ بند لِفافو موڪليندو آهيان جيڪو تنهنجي سمورين ضرورتِن جي پوراءُ لاءِ ڪافي هوندو آهي پر مونکي خبر آهي تـ منهنجي اُن لفافي کان وڌيڪ توکي منهنجي ضرورت آهي. اِهو احساس تـ مونکي بـ آهي تـ تون منهنجو اُهو پيسن سان ڀريل لِفافو ڏسي روئي پوندي هوندين ۽ منهنجو ننڍپِڻ ياد ڪندي هوندين جڏهن آئون اسڪول مان موٽندي رِسيس ۾ ورتل شيءِ مان ڳُڙداني ۽ کيچو تولاءِ بچائي بستي ۾ کڻي ايندو هوس ۽ توکي ڀاڪِي پائي اُها شيءِ ڪڍي توکي پنهنجي پِتڪڙن هٿن سان کارائيندو هوس تون منهنجا جيڪي پتڪڙا هٿ هِجرِاسود وانگي اکين تي رکي چُميا هئا امان، اڄ اُهي هٿ ڪيڏا نـ اڀاڳا ٿي پيا آهي جو الائي ڪهڙي ڪِرت ۾ جُنبي ويا آهن جو تنهنجي چرنن (پيرن) کي بـ ڇُهڻ جي کين فُرصت ڪونهي.

    امان توکي خبر آهي ته مان ڪيڏو وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان!؟ آئون روزانو وڏي لينڊ ڪروز ۾ چڙهي پنهنجي آفيس ويندو آهيان، جتي گاڏيءَ جو در پڻ پٽيوالا کوليندا آهن پر امان انهن ايئرڪنڊيشنر، لينڊ ڪروزن ۾ به مونکي پنهنجي سيڪيورٽيءَ جو احساس نه ٿيندو آهي جيڪو تنهنجي ڪَڇَ ۾ ٿيندو هو. تون جڏهن پنهنجي ڪَڇَ تي کڻي پنهنجي ئي ڪُلهي ۾ منهنجي اسڪول جو بستو وجهي مونکي اسڪول ڇڏي ايندي هئين ته مونکي ڪائنات ڄڻ ته تحفظ محسوس ٿيندي هئي. امان توکي شايد خبر ئي ڪونهي ته روزانو منهنجي ڪپڙن جا سٿا ڌوٻيءَ وٽان ڌوپجي ڪلف ۽ اِستري ٿي ايندا آهن ۽ آئون روزانو اُهي ڪپڙا پائي وڏا ڪاسٽلي پروفيوم مٿن ڇڻڪاري ڦوهاري گهران ٻاهر نڪرندو آهيان پر الائي ڇو اُهي ڪپڙا مونکي ڪوڙا مصنوعي ۽ اگهاڙا لڳندا آهن ۽ لڳايل سمورا پروفيوم اوسِني بوءِ محسوس ٿيندا آهن، امان، آئون جڏهن ننڍي هوندي روئيندي وهنجندو هوس ۽ تون اڻ اِستري ٿيل ڪپڙا مونکي پارائي، ڪڏهن ڪنهن قميص يا ڪفَ جا بٽڻ ٽانڪي، راند ۾ ڪو ڦاٽل پانچو سِبي پارائيندي ڀاڪي پائي چمي ڏيندي هئين ته آئون خوشبوئن سان مطعر ٿي ويندو هوس. سڄو سڄو ڏينهن تنهنجي خوشبوءِ ۽ تنهنجي پاٻوهه جو احساس وجود مان نه نِڪرندو هو...

    امان... پر اڄ آئون ڏاڍو اڪيلو ٿي ويو آهيان آئون جنهن دنيا جي پويان پَيس اُن دنيا مون کي ڏاڍو اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. رات جو گورين جا ٻُڪ کائي ٿو سمهان ته به نند نٿي اچي، جڏهن ته ننڍپڻ ۾ تنهنجي ڏنل لوليءَ تي اهڙي ته سڪون جي ننڊ سمهندو هوس جهڙي ننڊ قبر ۾ لاٿل لاش سمهندو آهي.

    امان مان تنهنجي اُن هيڪلائي جي درد کي ڄاڻان ٿو مونکي اِهو بـ احساس آهي تـ منهنجي اڄوڪي اڪيلائي تنهنجي اُن اڪيلائي جو پرتوَ آهي جيڪا تو ڪڏهن پنهنجي خُدا سان بـ شيئر ناهي ڪئي، تنهنجي لُڙڪن تي ضرور فطرت مونتي ڏمرڻ چاهيو هوندو پر تنهنجي دعائن فطرت کي بـ ريجھائي مڃائي ورتو هوندو.

    امان او امان! تون آهين تـ مون لاءِ دعائن جا سمورا در کُليل آهن، سالن کانپوءِ اڄ اِها ڳالھ سمجھ ۾ آئي اٿم ڪير ڪيڏو بـ امير يا وڏو ماڻهو ڇو نـ هُجي ماءُ جي وِڇڙي وڃڻ کانپوءِ يتيم ڇو ٿي پوندو آهي؟ شايد اِن لاءِ جو مٿس دعائن جا سمورا دروازا بند ٿي ويندا آهن، دعائون جيڪي اسان جي ٻُڪن ۾ اُميدن ۽ آسرن جيان چِٽيل ۽ ڇاپيل هونديون آهن، اسان جي دلين ۽ ضمير ۾ آئيندي جي روشن ڪِرڻي سان سلهاڙيل هونديون آهن ۽ اسان جي تقديرن کي بدلائينديون آهن.

    امان او امان، تنهنجي هوندي مونکي الائي ڇو ڪا دُعا گُهرڻ جي ضرورت محسوس ناهي ٿي! ڇو تـ مون پنهنجا ٻُڪ جهلي جڏهن بـ ڪا دُعا گُهرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تـ مونکي پنهنجي ٻُڪن ۾ تنهنجو چهرو نظر آيو آهي ۽ مون کِلندي روئيندي پنهنجي ٻُڪن ۾ جڏهن بـ تنهنجي چهري کي غور سان ڏٺو آهي تـ سچ ڄاڻ مون پنهنجي پرين، پنهنجي خُدا، پنهنجي الله کي ئي پَسيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو