ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ هڪ موسم جي ڏک کي پنهنجي زندگيءَ جي سمورين موسمن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيو هڪ ئي جڳهه تان مختلف موسمن ۾ ورتل چار تصويرن کي غور سان ڏسو
زندگيءَ جو سبق هڪ ماڻهونءَ کي چار پٽ هئا، سندس خيال آيو ته پنهنجن پٽن کي قدرت جو قانون سمجهائي ... سو هن سڀني کي ڌار ڌار موسمن ۾ ناشپتيءَ جي وڻ جي مشاهدي لاءَ موڪليو ... پهريون پٽ سياري جي موسم ۾ ، ٻيو بهار ۾، ٽيون اونهاري ۾ ۽ چوٿون سرءَ ۾ ويو... جڏهن سڀ موٽي آيا ته کين پيءُ سڏايو ۽ سوال ڪيو ته هنن ڇا مشاهدو ڪيو؟ ... پهرين پٽ چيو ته وڻ بڇڙو، بي ڍنگو، سڙيل ۽ چٻو ڦڏو آهي، ٻي چيو ته وڻ سائو ۽ ڦلدار هو، ٽين پٽ ٻنهي کان اختلاف ڪندي چيو ته اهڙو سهڻو وڻ مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي، وڻ تي تمام سهڻا گل هئا جن جي خوشبو روح کي خوشي ۽ ساوڪ اکين کي تازگي ڏيندڙ هئي، چوٿين چئني سان اختلاف ڪندي چيو، وڻ ته ميوي سان ڀريل هو ۽ مڪمل تازگيءَ سان زندگيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو ... تنهن تي پيءُ کين چيو ” اوهين سڀ صحيح آهيو جو اوهان سڀ ان وڻ جو مشاهدو ڌار ڌار موسمن ۾ ڪيو آهي ... ۽ اوهان صرف هڪ موسم جي ڏسڻ سان ان وڻ جي زندگيءَ جو ڪاٿو يا ساڻس انصاف ڪري نٿا سگهو ... ساڳيءَ طرح ڪنهن به ماڻهونءَ جي زندگي ۾ آيل خوشي يا ڏک جو ڪاٿو انجي آخرت مان ئي ڪري سگهجي ٿو جڏهن هو زندگيءَ جون سڀ موسمون گذاري وڃي“ جيڪڏهن اوهان سياري جي ٿڌ جي تڪليف ۾ ڏئي وٺي بيهندا ته پوءِِ زندگيءَ ۾ ايندڙ بهار جي خوشين ، اونهاري جي خوبصورتي ۽ سرءُ جي پتجهڙ کي وڃائي ويهندا .... حاصل مقصد؛ پنهنجي هڪ ڏک کي پنهنجي باقي حياتيءَ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيو ... ڪنهن هڪ تڪليف سان سموري زندگيءَ جو ڪاٿو نه ڪريو ... ۽ پڪ ڄاڻو ته انڌيري کانپوءِ روشني ضرور ٿيندي ۽ ڏک جي پويان خوشي ضرور ايندي ... رات جي اونده صبح جي اچڻ جو پيغام هوندو آهي ... ياد رکو! خالق حقيقي ڪمال مهارت سان هر شئي کي مختلف وقتن ۾ مختلف حالتن مان گذاري ٿو ...
ادا فقير سائين ۽ ڀائڙا وحيد جي اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ، هي به اهڙي ئي قسم جو ليک آهي، گهوڙن جا ٻه قسم آهن، هڪ ٽٽون ۽ ٻيو تازي ... چوڻي آهي ته ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو ... اسين انسان به ڪجه اهڙن ئي قسمن ۾ آهيون ڪي ته اشاري سان ئي سمجهي ويندا آهن ۽ ڪي ته سڄي قصي ٻڌڻ کانپوءِ پڇندا آهن ته زليخا مرد هئي يا عورت !!! اڄ ئي ادا علي علي جو موڪليل سائين شمشير جو موڪليل هي شعر ان موضوع سان پڻ مطابقت رکي پيو ... ميخانهءِ جھان ۾ لٽائي شراب زيست، اي دوست! زندگيءَ جي بهارن جي ڳالھ ڪر. pasand
مهرباني ادا نثار ابڙو، مُنهنجي خيال ۾ اها ئي زندگي آهي، سڄو سارو انسان اشرف الخلوقات انهيءَ پروسيس مان گُذري ٿو، چئني موسمن مان ماڻهو گُذري ٿو، گرمي ۾ سرديءَ جي ڳالهه ڪري ٿو،ائين وري جڏهن سيارو پنهنجي ڦوهه جواني ۾ هوندوآهي ته اونهاري کي پيو واجهائيندو آهي، اهڙي، طرح بهار خزان، ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن، مٺا نثار ابڙا مونکي ته پنجين موسم پيار جي وڻندي آهي، پيار ۾ ڏُک ڏاکڙا ملندا آهن، تڏهن به عاشق ويچارو پيو گد گد ٿيندو آهي، پيار ڪرڻ واري کي نه سرديءَ جي پرواهه ۽ نڪو گرميءَ جي اون، بس مُنهنجي اها دلي دعا آهي، ته پيار ڪرڻ جي موسم هر پيار جي پانديئڙي جي دل مٿان ڇانيل هُجي، ۽ اسان جهڙا ۽ توهان جهڙا ان موسم جي هُڳاءُ ۽ ٿڌاڻ حاصل ڪندا رهن. توهان جي مهرباني جو توهان اهڙي بهترين حڪايت اسان سان شيئر ڪئي.
سائين نثار ابڙو صاحب۔۔ توهان پنهنجي خوبصورت لکڻي کي تصويرون لڳائي اصل موهي ڇڏيو۔۔۔۔ ڳالهه جيڪڏهن موسم جي آهي ته ٻالڪپڻ ۾ ته هر موسم لاجواب هوندي آهي نه ڏک جو پتو نه سُور جي خبر بس هر موسم رنگين ۔۔۔۔ جواني جي موسم جي خبر ته سائين نثار احمد ناز جن جي خوبصورت لفظن سان ظاهر آهي۔۔ عمر جا باقي سال ته دل جي موسم تي هوندا آهن ڪڏهن ته سرء ۾ به جهومڻ تي دل چوندي آهي ۽ ڪڏهن بهار جي رنگيني ۾ اداسي ڇانيل هوندي آهي۔۔۔ توهان جي ٻڌايل موسمن ۾ هڪ اضافو سائين نثار جن ”پيار جي موسم“ جو ڪيو ۽ هڪ اضافو مون ”دل جي موسم“ جو ڪيو۔۔۔ پر سچ ۽ اصل نچوڙ ته توهان جي آخري لفظن ۾ آهي۔۔۔ اهڙي ڀلوڙ لکڻي کي مان سڀئي سٽار لڳائي فل ريٽنگ ڏيندس
ماندي ٿيءُ نه مارئي ادا ناز ۽ ڀاءُ رشيد حق موجود سهڻا سائين ... چئو ته اوهان به صحيح ٿا، انسان جي زندگيءَ جو هر پل هڪ نئين موسم کان گذري ٿو ... ”سامان سئو سالن جو پل جي خبر نه“ جي مصداق انسان ويچارو هلندو ئي رهي ٿو، پر اصل ۾ ڪامياب ۽ سهڻي زندگي گهارڻ نه فقط سماجي ضرورت پر حڪم الاهي پڻ آهي ... ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته؛ ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن“ ڪن انسانن جي در تي خوشقسمتي کڙڪا ڪري ڪري واپس هلي ويندي آهي، پر مجال جو همراه کي ڳالهه سمجه ۾ اچي ... ڪجه ڏينهن اڳ هڪ فلم ۾ هڪ مقالمو ٻڌم ته ” خوشقسمتي هڪ دفعو در کڙڪائي هلي ويندي آهي بدقسمتي تيستائين در کڙڪائيندي رهندي آهي جيستائين در کلي نه وڃي“ سو ادا اسانجو ڪم آهي پاڻ ۽ پنهنجي سماج کي انهن بڇڙين بلائن کان خبردار ڪندا رهون ته جيئن ” کس ڪم جهان پاڪ“ واري ڳالهه سگهاري ٿئي ... ڀلو ٿئي سنڌ دوستن جو ... باقي ته واڳ ڌڻيءَ وس ماندي ٿيءُ نه مارئي، تنهنجو الله به آهي سئو ڏينهن جا ڏکڙا، هڪ لحظي منجه لاهي جي پرچي ته پٽ ڀري، جي رسي ته به ڏي ... وڌيڪ ته اوهان پاڻ سياڻا آهيو ... سدائين گڏ نثار ابڙو
پنج تارن جو ملهه ادا رشيد حق موجود يار هڪ ڳالهه ته اوهان جو هن ليک کي پنج تارن جو ملهه ڏيڻ جو مطلب ته ڳالهه مندائتي ۽ ڪارائتي آهي ... مهربانيون .... پنجن تارن واري مُلهَه ڏيڻ جون ... سدائين گڏ نثار ابڙو
ادا، نثار توهانجي هن لکڻي جي لاءِ هن ناچيز وٽ لفظ ناهن جو انهي جي تعريف ڪري، اهڙي لکڻي جي لاءِ هن ناچيز وٽ اهي تعريف ڪرڻ وارا لفظ ئي ناهن۔
مهرباني ڀاءُ عبدالوهاب اوهان دوستن جي ذريعي ويٺا چڱائيءَ جي پرچار ڪيو ... من ڪو سڻائو واءُ گهلي ۽ اسين سنڌي ڪنهن صحيح ۽ سچ جي راهه تي هلي پئون ... تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي
سائين نثار ابڙو صاحب، اوهان جا ٿورائتا آهيون جو اوهان ايڏي وڏي ڳالهه اسان کي سمجهائي اها به هڪ تصويري انداز ۾ جنهن سان نه رڳو موسمن جي خبر پئي آهي پر هڪ نصحيت به آهي۔۔۔۔ باقي اوهان جي ڏنل تحرير جي جواب ۾ ٻين ساٿين جا جواب ڏسي ڪري تمام خوشي ٿي۔۔۔ جو اسان کي هڪ پنجين موسم جي به ڄاڻ حاصل ٿي، جيڪا سائين نثار احمد ناز صاحب کان متعارف ٿي، مان ته ائين پيو سمجهان ته سائين نثار صاحب انهي پنجين موسم جو پوڄاري آهي، انهي سان گڏوگڏ مون کي محترم سائين مرحوم استاد بخاري جو شعر پيو ياد اچي۔ اسان جو مذهب ڌار، دنيا جي دستور کان، استاد اندر سانڍيو سونهن ڀريو سنسار، جنهن جو نالو پيار، تنهن جي پوڄا پئي ڪبي۔
ادا زاهد حق موجود؛ خوشي ان ڳالهه جي ته گهڻي عرصي کانپوءِ اوهان سان مخاطب پيو ٿجي ... مهربانيون اوهانجون ليک پسند ڪرڻ جون ... باقي جي دوست پيار جا پوڄاري آهن يا پيار جي موسم ۾ ئي رهنٿا سي خوشنصيب آهن ... اهو ته ايئن آهي نه جيئن ڪو تتل اس مان ڀڄي وڃي سرنهن جي گهاٽي وڻ هيٺان پناه وٺي ... سو دوستن کي گهاٽي وڻ جي ڇانوَ نصيب ۾ آهي ته اسانجي دعا آهي ته هو هميشه ان ڇانوَ ۾ رهن ... پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ کپي ته ان ڇانوري لاءِ جان جسي جي قرباني ضروري آهي ... دوستن کي راءِ ڏياچ کي نه وسارڻ گهرجي ... الله ذوالجلال اسانکي پنهنجي پناه ۾ رکي
جواب: نصيحت ڀريا نسخا اڄ ڪي پنا ڳولهيندي ادي رشيد جي هن جواب تي نظر پئي ته” پيار جي موسم“ ۽ ”دل جي موسم“ ڏانهن سوچ هلي وئي ۔۔۔ ان سوچ دوران اهو ياد آيو ته اصل ۾ پيار جو تعلق دل سان ۽ دل جو تعلق پيار سان، ٻنهي جي وچ ۾ عقل ته آهي ڪونه سو عقل جي موسم ممڪن الڳ هجي ۔۔۔ خئير پيار جي موسم هڪ اهڙي موسم آهي جنهن ۾ خزان به بهار ٿيو پوي ۔۔۔ ڏکن جي موسم به خوشين جو خزانو ٿيو پوي ۔۔۔ ۽ لطيف سڳوري ته ايترو چئي سڄي ڳالهه کي وڪوڙي ڇڏيو آهي ته ۔۔۔ عاشق زهر پياڪ وه ڏسي وهسن گهڻو۔ ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ، توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين۔ سو دوست: اڄ الائجي ڇو پاڻ تي به پيار جي موسم جا ڪڪر وسي رهيا آهن ۔۔۔ تتل اس ۾ به مينهن جو مزو اچي رهيو آهي ۔۔۔ محبوب ويجهو ناهي پر دل جي سڀني خانن ۾ ايئن ڦري رهيو آهي جيئن ماٽي منجهه مهي ۔۔۔ دوست رشيد! اوهانجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي پر دير سان ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ shal judy hujeen
جواب: نصيحت ڀريا نسخا سائين قبلا اوهان جي هر تحرير دلربا هوندي آهي اوهان جي مهرباني جو هي تحرير جيڪا اسان جي اکين کان اوجهل هئي اوهان ان تي ڪلڪ ڪري اسان کي پڙهڻ جو موقعو ڏنو اوهان جيڪو ڪجهه لکيو جيڪي دوستن رايا ڏنا سڀ سون آهن بس موسم بدلبيون پيون اگر محبت جو مچ ٻرندو رهندو ته موسمن جي مونجهه نه منجهائيندي اوهان جي محبتن اندر ۾ مچ مچائي ڇڏيا آهن دل اوهان کي ڀاڪر پائڻ لاء ڪڍندي آهي ليڪن اڃا شايد ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پوندو شال خوش هجو خوشيون ونڊيندا رهو۔۔
جواب: نصيحت ڀريا نسخا ادا رحيم بخش مٺا سائين، هڪ ڳالهه ٻڌايانوَ ته هر 27 رمضان تي موڪل وٺي سنڌ ڇو ايندو آهيان؟ انڪري ته سچل ڳوٺ ۾ عيد نماز پڙهندي الائجي ڪيترن دوستن کي ڀاڪر پائي، چميون ڏئي ايترو ته خوش ٿيندو آهيان جو سال جو وڇوڙو ختم ٿي ويندو آهي ۽ سڀ غم خوشي ۾ بدلجي ويندا آهن ۔۔۔ اوهان سميت سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي ڀاڪرن پائڻ جو شوق ته مان به پاڻ سان کڻي گهمان پيو پر الله مالڪ آهي ۔۔۔ نيٺ ته وصال ٿيندو ۔۔۔ يارن سان ڀاڪر پائبا ۽ ڏک سور به سلبا ۔۔۔ خوشي مان ٽهڪڙا به ڏبا ۔۔۔ بس دعا ڪندا ڪريو ته زندگي ساٿ نڀائي جو موت برحق آهي ۽ پل جي خبر ناهي ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي به پنهنجي سموري ساٿ سميت خوش ۽ آباد رکي ۔۔۔ آمين shal judy hujeen
جواب: چار موسمون ... ڏکن پويان سک دوستو! هونءَ ته انسان ڪنهن حال ۾ به راضي ناهي هوندو، سيءُ ٿيندو ته گرميءَ جي خواهش ۽ جي گرمي هوندي ته ٿڌ جي خواهش ڪندو آهي ۔۔۔ ڪي الله وارا انسان ئي هوندا اهن جيڪي هر موسم ۾ ڏکن ۾ يا سکن ۾ صبر ۽ شڪر جو دامن نه ڇڏيندا آهن ۽ هر حالت جي اهميت کي سمجهندي رب جي در سربسجود ٿيندا آهن ۔۔۔
جواب: چار موسمون ... ڏکن پويان سک سائين نثار ابڙا صاحب توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي جيڪا مون اڄ پڙهي آهي ان ۾ تمام سٺيون ڳالهيون ونڊ ٿيل آهن جيڪي اڻ کٽ آهن ڇو جو جيترو لکندو ايترو گهٽ آهي چار موسمون ۔۔۔ ڏکن پٺيان سک جي باري ۾ توهان اهڙيون تحريون موڪليندا رهو۔
تمام بهترين ونڊ ڪئي اٿئو محترم نثار ابڙا صاحب ، هڪ جڳهه جو چار تصويرون سي به چيئن موسمن کي ظاهر ڪري رهيون آهن ، خوب پسند آيون