ضراب حيدر انت بحر دي ڪل نه ڪائي...

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    انت بحر دي ڪل نه ڪائي...




    شايد هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو تجسس هوندو آهي، ڪي ماڻهو دنيا لاءِ تجسس رکندا آهن ته ڪي وري روحانيت ۾ ويساھ رکندا آهن. ماڻهوءَ جي انت بحر جي ڪا به خبر ڪونهي، اُهو هر وقت عجب اسرارن سان ڀريل آهي.

    منهنجو ويساھ جيتوڻيڪ روحانيت ۾ ئي رهيو آهي جو منهنجي نظر ۾ روحانيت ئي هڪ اهڙي طاقت اهڙي شڪتي آهي جيڪا ماڻهو کي اعتدال ۽ سڪون ميسر ڪري ٿي. ماڻهو روحانيت ڪارڻ جتي دنيا جي دولاب کان آجو رهي ٿو اُتي هو دنيا جا رنگ ۽ رمزون به پروڙي وٺي ٿو. ها بلڪل جڏهن روح سگھارو ٿي ويندو ته نفس آڏو ماڻهو ڀاڙي ڪڏهن به نه ٿيندو.

    ماڻهو جيڪو سدائين پنهنجي ذات ۽ نفس پويان ڊوڙندو رهي ٿو اُن کي اِها سُڌ ئي نٿي رهي ته روح جيڪو باقي رهڻو آهي سو هڪ ڏينهن جسم کان الڳ به ٿئڻو آهي ۽ هي مِٽي جو پُتلو هميشـ لاءِ ڀسم ٿي وڃڻو آهي. جيڪي خوراڪون ۽ پوشاڪون جسم کي اوڍايون وڃن ٿيون اهڙو ئي ڪجھ بندوبست اگر روح لاءِ به ڪجي ته هوند روح به ڪجھ سوڀارو ٿي سگهي ٿو ۽ شايد رخصت ٿيڻ کانپوءِ ڪي معنائون جسم ۽ نانءُ کي ڏئي وڃي.

    آئون فرصت جي لمحن ۾ اڪثر روح بابت سوچيندو آهيان جيڪو بنا ڪنهن وزن جي منهنجي ذات ۾ وڏو ڳرُ رکندڙ آهي روح جيڪو منهنجي وجود هستي ۽ سڃاڻپ جي درميان هڪ اهڙو معمو بڻيل آهي جنهن کي سمجهڻ واري سگھ اڃان مون ۾ پيدا ناهي ٿي. آئون روح جي صرف ڳالھ ڪري سگهان ٿو آئون روح جو صرف نالو کڻي سگهان ٿو پر اُن جي حقيقت کي ڇُهي صرف اِنڪري به نٿو سگهان جو نفس ۽ دنيا جون ميخون مون ۾ ڪنهن ڀالي وانگي کُپيل آهن. باوجود وڏي ايڪسرسائيز (مشق) جي آئون روح جي ڪيميا ۽ حقيقت کي سمجهي ناهيان سگهيو. روح جيڪو بنا ڪنهن وزن ۽ شڪل جي وڏيون معنائون رکي ٿو تنهن کي اسان سدائين بي معنى ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندا آهيون.

    اڪثر ڪري مون ۾ اِهو تجسس پيدا ٿيندو رهندو آهي ته آئون پنهنجي روح کي هن قفس (جسم) واري پنڃري مان آزاد ٿيندي ڏسان اُن باڪمال لمحي کي پروڙيان. مون بارها اُن لمحي لاءِ سوچيو به آهي اهڙي لمحي جو تصور به ڪيو اٿم. ڪيئي ساعتون مون اُن پل لاءِ سوچيو ۽ تصور ڪيو به آهي جنهن لمحي منهنجي بي معنى وجود جي سانچي کي منهنجو روح ڇڏي نڪرندو!!؟

    خبرناهي ته اُن لمحي منهنجو روح پنهنجي اُن چند سالن واري جاءِ کان موڪلائيندو به الائي نه؟ کيس خداحافظ به ڪندو الائي نه؟ ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آهي جو اُها پراڻي جاءِ (جسم) جيڪا سندس موجودگي سبب سوين هزارين رنگن ۽ مؤجِن سان ٽمٽار هوندي هئي، خوشين ۽ غمن جو ڀنڊار هوندي هئي، زندگيءَ جي احساس سان ڀريل هوندي هئي، سا سندس موڪلائڻ سان لحضي ۾ هڪ لاش بنجي پوندي، هڪ ڪريل ڊهيل مڪان بنجي ويندي، هر احساس ۽ زندگيءَ کان وانجھيل ٿي پوندي. ڪيڏو نه باڪمال ۽ عظيم لمحو هوندو اُهو به جڏهن روح جسم کان رُخصت ٿيندو؟!! سو به بنا ٻڌائڻ ۽ موڪلائڻ جي.

    آئون اُن جاءِ (جسم) لاءِ ئي اڪثر سوچيندو آهيان جيڪا جڏهن جُڙيل هوندي آهي ته واھ واھ ڪيڏا نه رنگ هوندا آهن، حسرتن جون ڪيڏيون دريون ۽ روشندان منجهس کُليل هوندا آهن، ضرورتن جا ڪيڏا در ۽ دروازا منجهس لڳل هوندا آهن آهن، خوشين سان ڀريل سندس ڇِتون ڪيئن ڇانورا بڻيل هونديون آهن، اميدن ڀريل سندس پڌر سدائين ورسيا پيا هوندا آهن هوڏ غرور ۽ وڏائي جون مظبوط ديوارون بُلند کان بُلند تر ٿينديون رهنديون آهن. اُهو گهر اُها جاءِ جڏهن وسيل هوندي آهي ته هر ڪُنڊ پاسي ۾ رڳو جيوت پئي جَرڪندي آهي مُرڪندي آهي ۽ پساھ کڻندي آهي ۽ جنهن لمحي ڊهيو پوي اُن وقت جهڙي مڙھ جي ماٺ. اهڙي خالي خالي اهڙي ويران ويران ڄڻ ته سالن کان ڪنهن کيس وسايو ئي نه هو. ڄڻ ته منجهس ڪنهن جو بسيرو ئي نه ٿيو هو.

    هاءِ! روح جي رُخصت ٿيڻ سان ڪيڏي نه عاليشان عمارت هڪ کنڊر جو ڏيک ڏيندي. اُها عمارت جيڪا پنهنجي وقت ۾ هڪ هستي هڪ سنسار هڪ ڪائنات هئي سا روح جي موڪلائڻ سان ڄڻ ٽڪي جي ٿي پوندي، اُن وقت ساڳئي عمارت جا سمورا شائق ۽ چاهيندڙ ڪيئن کن پل ۾ خفي ٿيڻ لڳندا. جيڪي ماڻهو اُن عمارت سان ڀانت ڀانت جا تعلق ۽ واسطا جوڙيندا هئا سي بنھ لاتعلق ٿي بيهي رهندا. مُحبتون ڪرڻ ۽ جتائڻ وارا سڀ جا سڀ ڪيڏي نه بيوسي وچان ڊِس اون (disown) ڪرڻ لڳندا. ڀلا هڪ مُردي هڪ لاش کي ڪيستائين پنهنجو ڪري سگهجي ٿو؟!

    آئون جڏهن به اُن لمحي لاءِ سوچيان ٿو ته خوفزده هرگز نٿو ٿيان، موت ماڻهن لاءِ ڪيڏو به خوفناڪ يا ڀيانڪ ڇو نه هُجي پر مون لاءِ ڏاڍو دلچسپ هئڻ سان گڏوگڏ محبوب پڻ آهي. اهڙو محبوب جنهنکي ڏسڻ جنهن سان مِلڻ جي حسرت ۾ هي زندگي گُذري رهي آهي ، کوڙن سارين معنائن هوندي به بي معنى!

    غالب جي هنن سِٽن جيان ته،

    ” غمِ هستي ڪا اسد جُز مرگ هوعلاج

    شمع هر رنگ ۾ جلتي هي سحر هوني تڪ.“

    آئون پنهنجي موت وِصال يعني روح جي رُخصت ٿيڻ واري لمحي کي هڪ پَزل گيم جيان جوڙيندو ٽوڙيندو رهندو آهيان، ان لمحي مون کي خوشي جو احساس پڻ ٿيندو آهي جيڪا هڪ اهڙي مُلاقات متعلق هوندي آهي جيڪا انمول ۽ ناياب ئي هوندي، اهڙي پرين اهڙي محبوب سان هوندي جيڪو شھ رڳ کان به ويجهو هوندي حسيات جي حِس کان وانجھيل رهيو، واضع هوندي به سدائين بينائي کان اوجھل رهيو شايد اُن جو ڪارڻ به اُها شيءِ آهي جيڪا ذات ۽ هستي جي لبادي ۾ سدائين مُنجھائيندي رهي ٿي.

    مون کي ڪڏهن ڪڏهن اِهو گُمان به ٿيندو آهي ته منهنجي روح ۽ جسم جي وچ۾ جيڪا شيءِ ڀٽڪندي رهي آهي ڪنهن پينڊوليم وانگي ٻنهي جي وچ ۾ لٽڪندي ڦِرندي رهي آهي، اُها ڪيڏانهن ويندي اُن جو ڇا ٿيندو؟

    سوچيان ٿو جڏهن منهنجو جسم مُردو (لاش) بنجي قبر جو کاڄُ ٿيندو، روح به بنا ڪنهن سُڃاڻپ جي وڃي لولاڪ يا عالمِ ارواح وسائيندو، تڏهن منهنجو نالو ڪيڏانهن ويندو؟ شايد تڏهن اُهو صرف منهنجي قبر جي ڪَتبي تي لکيل رهجي ويندو يا وري مون تان لاٿل منهنجي اُنهن ڪپڙن جي کيسي ۾ رهجي ويل شناختي ڪارڊ ۾ ئي باقي هوندو جنهن جي بهرحال ويليڊِٽي ختم ٿيل هوندي. منهنجو روح جنهن جو اڃان تائين ڪو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي نه سگهيو آهي سو خبرناهي پُراڻي خستا جاءِ مان لڏڻ کانپوءِ به خبرناهي ڪيترو ڀٽڪندو رهندو، خبرناهي ڪيستائين گمنام رهندو؟ ڏاڍو دلفريب لمحو هوندو اُهو به جڏهن منهنجو روح سموريون سُڃاڻپون وساري منهنجي نانءُ واري سڃاڻپ کان الڳ ٿي پرواز ڪندو ۽ منهنجو وجود منهنجو جسم سمورا رشتا ميساري لحد جي پاتال ۾ گم ٿي ويندو. منهنجو نالو جيڪو پنهنجي ٻنهي دلبرن کان صفا الڳ ۽ هيڪلو ٿي ويندو سو هڪ ساڪن پَلَ جيان هوائن ۽ فِضائن ۾ اِهو ئي جھونگاريندو رهندو،

    ” سرحدِ غم قريب آهي دوست،

    ساٿ ڪيسين محبتون رهنديون؟“

    ها سڀ محبتون سڀ رشتا اُن لمحي ڪيڏا بي معنى بڻجي ويندا جڏهن منهنجو روح، منهنجو جسم ۽ منهنجو نالو اجنبي ٿي پنهنجي پنهنجي الڳ رستن تي گُمنام ٿيڻ لڳندا.

    هڪ لمحي لاءِ اها سوچ پڻ اچي ٿي ته ،

    مار! هن هيڏي ساري فريب واري دنيا ۽ زندگي کي آئون ڀلا ڇو ايڏيون معنائون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان جنهن جو بهرحال انت اُهو آهي جيڪو مٿي بيان ڪري چُڪو آهيان. اُهي ٽئي شيون جن جي وچ ۾ سدائين جنگ ئي جاري رهي ٿي ڪٿي کن پل لاءِ هڪٻئي سان سُهمت به ٿيو وڃن پر وري به روح، جسم ۽ نانءُ پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ رنگجي هڪ ٻئي جا متضاد رهن ٿا، اُهي ڪڏهن به ملي هڪ ناهن ٿيڻا، اُهي جتي به مِلندا صرف ردعمل ئي ڏيکاريندا، ڇو ته اُنهن ٽنهي جي ڪيميا ئي الڳ الڳ آهي.

    الائي ڇو مونکي جسم ۽ نانءُ پاڻيءَ تي ڦوٽي جيان محسوس ٿيندا آهن جيڪي بس رڳو هن دنيا جو کاڄُ ئي بڻجندا رهيا آهن، دنيا کان رخصت ٿيڻ کان پوءِ اُنهن جو ڪو نانءُ نشان باقي ناهي رهندو( آئون اڪثرتي ماڻهن جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان )

    اِهو به ويساھ اٿم ته هڪ طويل تر طويل عرصي کانپوءِ اُهي ٽئي شيون (روح جسم ۽ شايد منهنجو نالو) پاڻ ۾ گڏبيون ضرور ۽ وري هڪ نئين انداز سان صفايون پيش ڪنديون، هڪٻئي جو بچاءُ به ڪنديون ته هڪ ٻئي تي الزام تراشيون به ڪنديون. ڪٿي هڪ ٻئي لاءِ اکيون ٻوٽينديون ته ڪٿي وري هڪٻئي لاءِ گواهيون به ڏينديون، پوءِ جيڪڏهن پاڻ ۾ ٺهي ويون ته ٺيڪ آ نه ته وري ڪنهن آڙاھ ۾ جلنديون کامنديون رهنديون، جيئن هِن دنيا هِن سنسار ۾ هڪٻئي جون متضاد هوندي سدائين جلنديون کامنديون رهيون هُيون.

    اها ڳالھ الائي ڇو سمجھ ۾ اچي به نه سگهي آهي ته هي دنيا دوزخ تڏهن ئي بڻجندي رهي آهي جو اسانجو روح جيئن چاهيندو آهي تيئن کيس جسم (نفس) ڪرڻ نه ڏيندو آهي ۽ اسانجو نانءُ پنهنجي ڌاڪي لاءِ پيو پينڊوليم وانگي روح ۽ نفس جي وچ ۾ ڀٽڪندو آهي. اسين پنهنجو پاڻ سان به ڪڏهن سُهمت (agree) ٿي نه سگهندا آهيون نه ئي وري پنهنجي انت بحر کي لهي سگهندا آهيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو