تعارف (7) پيشڪش احساس ميرل شاعر. ڪهاڻيڪار. مضمونگار اصل نالو : محمد مٺل جسڪاڻي ادبي نالو ; مٺل جسڪاڻي والد جو نالو: محمد عمر جسڪاڻي ذات : جسڪاڻي جنم 15 جنوري 1961ع، ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽنئور خان جسڪاڻي ۾. ٿيو رهائش: ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ ٽئونر خان جسڪاڻي تعليم : ايم ايس سي ايگريڪلچر (ٻوٽن جي بيمارين جو شعبو، پلانٽ پيٿالاجي) ڪرت: استاد، محقق لکڻ جي شروعات: 1975ع ڇپيل مواد : ھلال پاڪستان، جاڳو،ن عوامي آواز، برسات، عبرت، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس، مھراڻ، تعمير سنڌ، سرواڻ آفتاب، سنڌو، خادم وطن، وغيرہ صنفون : آزاد نظم، نثري نظم، غزل، وائي، ٽيڙو (ھڪيٽو، ھڪ نئين صنف متعارف ڪرائي، جنھن ۾ ٻيا بہ ڪيترا ئي شاعر لکي رھيا آھن) نثر ۾ مضمون ۽ تجزيا تمام گھڻا لکيا آھن، ٽيھارو کن پروفائيل انٽرويو، ٽيھارو کن ڪتابن تي تبصرا، مختلف ڪتابن ۾ مھاڳ نما تفصيلي رايا، ڪھاڻيون وغيرہ ڇپيل ڪتاب زرعي معلوماتي ڪتاب ويھارو کن ڇپيا آھن. ھڪ انگريزي ۾ آھي. ھڪ سنڌي ۾ سفرنامو آھي. ۽ 2 انگريزي ڪتاب 1 ڪھاڻين جو مجموعو 1 سفرنامو 1 شاعري جو مجموعو ڇپجڻ جي انتظار ۾ آھي سنڌي ۾، سؤ سوا لکڻيون انگريزي ۾، پنجاھي کن اردو ۾، سڀ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آھن. زرعي تحقيقي مقالا بہ 700 کان وڌيڪ بين الاقوامي معيار جي تحقيقي جرنلس ۾ شايع ٿيل آھن. سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ غزل ڪهڙو ٻڌايان حال دل جو؟ تمام گهڻي بي قرار آهي! جنهن جو ڪيو ناهي ڪڏهن، صرف اُن جو انتظار آهي! موت تہ بر حق آهي جاني، ڪڏهن ڪيو انڪار آهي! انتظار بہ ڇو ۽ ڇا لاءِ، اهو تہ خاص اسرار آهي! جهڙو آهيان تهڙو رهندس، اهو ئي منهنجو اقرار آهي! نٽري نظم اوھان کي جيئن وڻي، ڪري گُذرو! ھونئن بہ، ماڻھُو ايترو، ڄاڻن ڪٿي ٿا، جيترو اوھان، ڄاڻو ٿا! اوھان ئي مڪمل، اوھان ڄاڻو سڀ ڪُجھہ، ماڻھُن کي، مڃڻو بہ پوندو، قبولڻو بہ پوندو، جيئن بہ چئو اوھان، جيئن بہ ڪريو اوھان، ٻيو آھي بہ ڪٿي، جھڙا آھيو اوھان! نثري نظم ياد ڪر! سيارو موڪلائي ويو ھو، انبن ۾ ٻُور ھو، ٻيرون ڇانگيل ھيون، ٻٻرن ۾ پلڙا پئي لڙڪيا، برسيم ڀلو ٿيو ھو، گاھہ جو پاڻ کي، ڪو فڪر نہ ھو، ڪچھري ڪندي، ھر ھر لؤڻا ھڻندي، تو چيو ھو: "ڪو ڏسي نہ وٺي"، مون وراڻيو ھو: "ٻيو ڪير ڏسي نہ ڏسي، مون سڀ ڪجھہ ڏسي ورتو"! ياد ڪر،. اُھي ڏينھن، ھي ڏينھن، ويا سال گُذري، تون آھين ڪٿي؟ نثري نظم تون چوين جتي... تون نه ئي اچ، مون کي ٻُڌاءِ، ڪڻڪ واري اٺاس ۾، جتي برسيم پوکيل آهي، تُورئي واري پاسي، ٻٻرن جي هُڙيءَ ڏانهن، ٻيرن جي ڀر ۾، انبن جي باغ وٽ، هوڏانهن ڀڏَي تي، ڪيلي واري پاسي، ڄمون آهن جتي، واٽر جي گهيڙ تي، ڪٿي هوندين تون، ٻه گل هٿَ ڪيا اٿم، هڪ آءٌ ڏيان توکي، هڪ تون ڏجانءِ مون کي، ٻُڌاءِ ته سهي، تون هوندين ڪٿي، آءٌ اچان ڪٿي، پاڻ ملون ڪٿي؟ ھڪيٽو مکڻ ھڻڻ ۽ مڃتا ڏيڻ ۾ فرق آھي ھڪيٽو ڄمڻ وقت ڄمڻ جون مبارڪون اردو نظم آج میں لکھتا، بہت کچھہ لکھتا، اگر کسی سے زیادتی ہوتی، کسی کی دل آزاری ہوتی، کسی کی تذلیل ہوتی، تو میں لکھتا، ہر پل کی خبر، مگر کیا کروں؟ جو کچھہ ہوا، کسی کے ساتھہ نہ ہوا، کسی کی وجہ سے یا بلا وجہ، نہ میری نہ کسی اور کی، کسی کی بے عزتی نہیں ہوئی، کوئی خوار نہیں ہوا، کوئی رسوا نہیں ہوا۔۔۔ دل تو کہتا ہے کہ لکھوں، مگر میں کیا کروں!؟ کہوں تو زباں کٹ جائے، لکھوں تو ہاتھہ نہ ہوں، قبول کر لیتا یہ بھی سزا، مگر کاش کسی کے ساتھہ کچھہ ہوتا!۔۔ ہاں، میں لکھوں تو کیا لکھوں؟ کچھہ ہوا ہی نہیں!؟ تو کیا لکھوں! لکھوں تو کس کے لیئے لکھوں! یہاں کوئی پڑھہ نہیں سکتا، یہاں کسی کو سمجھہ نہیں، سو، میں نہیں لکھوں گا، بس میری دعا ہے: قبول فرمائے میرے رب، اندھوں کو آنکھیں مل جائیں، بہروں کو کان مل جائیں، بے دماغوں کو دماغ مل جائے، نا سمجھہ کو سمجھہ مل جائے، بے رحموں کو رحمدلی مل جائے۔ آمین، ثم آمین۔ (مختصر ڪھاڻي) سوچن ۾ گم ساوڻ .. موبائيل جي گھنٽي وڳي، تہ ساوڻ ٻيا سڀ ڪم ڇڏي، موبائيل جي وڄندڙ گھنٽي بند ڪري، چيائين "اسلام عليڪم"... ھُن طرف کان ڪنھن پئي ڳالھايو ۽ ڇا پئي ڳالھايو، سا خبر ساوڻ کي ۽ ڳالھائيندڙ کي، البت ھتان ساوڻ ساھين سان ڳالھائيندو رھيو. سلام کان پوءِ ھن چيو "ڪھڙا حال آھن؟".... وري وراڻيائين "خير مبارڪ، اوھان کي بہ عيد مبارڪ ھجي". ساوڻ ڪجھہ دير موبائيل ڪن تي رکيو، ماٺ ڪيو ويٺو ھو، پڪ سان کيس فون ڪندڙ ڳالھايو پئي، ھن ٻڌو پئي، ان ڪري ئي ساوڻ ان کي ورندي ڏني "خير سان عيد جو ڏينھن پورو ٿيو آھي. ھر ڪنھن پنھنجي حال آھر عيد ڪئي آھي"... ٿوري ساھي کان پوءِ وري چيائين "قرباني؟ قرباني جي عيد آھي، ان ڪري سڀني قرباني ڏني آھي"... ساوڻ چيو "مڙئي جھان ھلي پيو. ڪن جانورن جي قرباني ڪئي آھي، ڪن خواھشون قربان ڪيون آھن. اسان بہ پنھنجي حال آھر، دنيا سوان، ضرور ڪجھہ تہ ڪيو ھوندوسين"... ڪجھہ دير ماٺ کان پوءِ وري ساوڻ چيو "ادا خوش ھجو. اوھان اسان کي دعائن ۾ ياد آھيو، اوھان اسان کي دعائن ۾ ياد ڪجو". ۽ پوءِ ساوڻ موبائيل کي اڳيان رکي، ٻئي ھٿ ڳلن تي ڏئي، خبر نہ آھي تہ ڪھڙين سوچن ۾ پئجي ويو؟ --