• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ، نواز شريف ۽ سنڌ نون ليگ جا سنڌي اڳواڻ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نوازشريف، حيدرآباد ۾، سنڌ لاءِ جيڪي اعلان ڪندو، سي ايندڙ اليڪشن لاءِ، ناٽڪ هوندا
*زرداري، سنڌ لاءِ ڪينسرآهي ته نواز شريف مها ڪينسر، ويچارا سنڌ نون ليگ جا سنڌي اڳواڻ بي خبر
* سنڌ نون ليگ جا سنڌي اڳواڻ، ٻيو نه ته سنڌ جي پاڻيءَ تي، پنجاب جون زيادتيون ختم ڪرائين
*هاڻ ڏسجو ته سنڌ نون ليگ جا سنڌي اڳواڻ ڪيئن ٿا، سنڌ مخالف نواز شريف جي چمچاگيريءَ ڪن
* سنڌ نون ليگ جا سنڌي اڳواڻ، ڪهڙي منهن سان نواز شريف جي، سنڌ مخالف پاليسيءَ تي واکاڻ ڪن ٿا؟
* نوازشريف پاڪستان جي وزيراعظم بدران، پاڻ کي پنجاب جو وزيراعظم ثابت ڪيو آهي
* سنڌ نون ليگ جي سنڌي اڳواڻن کي سنڌ لاءِ پيارآهي ته هو نوازشريف کي سنڌ دشمني ڇڏڻ لاءِ چون
* نواز شريف 4 ورهين ۾ اڄ يعني 27 مارچ 2017 تي پهريون ڀيرو حيدرآباد اچي رهيو آهي ـ ويچاري کي سنڌين جي ڪيڏي نه ڳڻتي آهي...!!
 
آخري ترميم:
Back
Top