(25 جماد الثاني عرس مبارڪ جي حوالي سان لکيل) حضرت خليفه فقير محمد رحيم المعروف استاد الحق غلام حسين جلباڻي لاڙڪاڻو (1942-2008) حضرت خليفه فقير محمد رحيم المعروف استاد الحق رحمة الله عليھ فقير غلام حسين المعروف فقير سائين رحمة الله عليھ القادري صوفي باني حق جماعت جا پوٽا ۽ حضرت خليفه فقير استاد خان محمد رحمة الله عليھ جا فرزند هئا، پاڻ هڪ گهٽ ڳالهائڪ ۽ سادا مزاج جا مالڪ هئا. هو پنھنجي ڏاڏا حضرت فقير سائين تحمت الله عليھ جي فرقي ٽولي جي يارن سان محرم اسرار (صحبت) ڪندا هئا ۽ زماني جي عام ماڻهن جي ملڻ جلڻ کان گهڻو پاسيرو هوندا هئا ۽ عام ماڻهو هُن جي علم وَ فھم کان بي خبر هئا. ان ڪري زماني جي عام ماڻهن جي نظر ۾ هڪ ادنى سمجهيا ويندا هئا. هن کي پنھنجي ڏاڏا حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ ننڍپڻ ۾ ئي حضرت شيخ پير عبدالرحمان ڀورل سائين رحمة الله عليھ آف ڀرچونڊي شريف ناهر تحريڪ پاڪستان، فاتح مسجد منزل گاهه سکر وارن جا دستِ بيعت (طالب مريد) ڪرايا، هن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڏاڏا حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ ضلعي شڪارپور تعلقه ڳڙهي ياسين جي هڪ نامور جيد عالم استاد محمد ابراهيم سومرو صاحب جن وٽ ڇڏيو، جتي قرآن مجيد، سنڌي، عربي، فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين۽ طالبِ علمي دوران حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ وقت بوقت سار سنڀار لهڻ لاءِ ويندا هئا. ان کان علاوه هاءِ اسڪول رتوديرو ۾ نسابي فائينل تائين پڙهيا، پنھنجي ڏاڏا حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ پنھنجي آخري وقت ۾ پنھنجي فقيرن فرقي ٽولي جي يارن جي موجودگي ۾ ست جريب زرعي زمين ۽ ڪتب خانو (لئبريري) جيڪو ٽاريءَ جي ڪاٺ جو ٺھيل ڪٻٽ حوالي ڪيو، سندن والد حضرت استاد خان محمد رحمة الله عليھ جي وصال کان بعد تاجدار وقت حضرت شيخ پير طريقت سائين عبدالحليم گل شھيد رحمة الله عليھ ڀرچونڊي شريف وارن حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ جي سلسلي جي دستار بندي ڪرائي، جنھن کانپوءِ استاد الحق رحمة الله عليھ تصوف جي تعليم ڏيئي ڪافي تعداد ۾ طالب تيار ڪري فرقي ٽولي ۾ شامل ڪيا. استاد الحق رحمة الله عليھ تي پوري زندگي پنھنجي مرشد مربي ۽ ڏاڏا حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ جي ان ڪيميائي نظر جو اثر رهيو، پاڻ پھريان ايريگيشن کاتي ۾ داروغو ۽ بعد ۾ اسڪارپ کاتي ۾ سائونگ مستري طور گريڊ-8 ۾ سرڪاري نوڪري ڪري ٻچن لاءِ گذرسفر ڪيو ۽ 1998ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. حضرت گل شھيد رحمة الله عليھ صاحبزادگي دؤران استاد الحق رحمة الله عليھ کي دوست سڏيندا هئا، جڏهن حضرت گل شھيد رحمة الله عليھ سجادگي تي فائض ٿيا ته استاد الحق رحمة الله عليھ عرض ڪيو ته، ”سائين هاڻي توهان منھنجا دوست نه پر منھنجا مرشد آهيو....!“ حضرت استاد الحق رحمة الله عليھ جي صحبت ۾ رهڻ وارن باعلم يارن ۾ فقير محمد مراد سھرياڻي (گُڊو) فقير بيگ محمد بروهي (رتوديرو)، فقير محمد يونس بنگلاڻي (اُردن)، فقير رستم سھرياڻي (گڊو)، صوفي شاعر غمدل فقير (رتوديرو)، فقير سائينڏنو پتافي (يارو لنڊ)، سيد لعل شاهه (ٺل)، فقير عبدالمجيد کوکر (لاڙڪاڻو)، فقير محمد اعظم بروهي (ڳڙهي خيرو)، فقير ميول ميراڻي (گُڊو)، فقير عبدالحق عرف ٽوٽر (ڀرچونڊي شريف)، فقير الھڏنو ڇڄڻ (ڏهرڪي)، فقير ساماڻو بنگلاڻي (ڳاهيجا)، فقير ارباب بنگلاڻي (ڳاهيجا)، حضرت استاد الحق رحمة الله عليه 30- جون 2008ع مطابق 25 جماد الثاني 1429 هجري بروز سومر بوقت 10 بجه صبح جو وصال ڪيو. سندن مزار ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مھيسر جي ويجهو تعلقه سجاول ضلع قمبر- شھدادڪوٽ ۾ پنھنجي ڏاڏا حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ جي مزار جي ڪڇَ ۾ آهي.