• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواز شريف سرڪار سينيٽ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ جي مخالف ڇو ڪئي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
وزيراعظم نواز شريف سنڌ جي دوري دوران، سنڌ جي ڏک ۾ واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو جڏهن ته نواز ليگ سنڌ جي سينيئر نائب صدر شاهه محمد شاهه ته سندس خوشامد ۾ اُڀ ڦاڙي ڇڏيو. منهنجو سوال آهي جنهن جو ضمير جي روشنيءَ ۾ جواب ڏنو وڃي:ـ

نواز شريف سرڪار، سنڌ جي ايڏي خيرخواهه آهي ته ٻڌائي تازو سينيٽ ۾ سنڌي ۽ ٻين مادري ٻولين کي قومي ٻوليون بڻائڻ جو بل، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پيش ڪيو ته نواز ليگ ( ايم ڪيو ايم به) ان جي مخالفت ڇو ڪئي؟ بهرحال، پ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ عوامي نيشنل پارٽي انهيءَ جي پٺڀرائي ڪئي؟ 3يا 4 ووٽن جي گھٽتائيءَ ڪارڻ بل سينيٽ ۾ ويچار هيٺ اچي نه سگھيو ۽ رد ٿي ويو ـ

نواز شريف سرڪار جي سنڌي ٻولي سميت مادري ٻولين سان نفرت جو نيٺ ڪهڙو ڪارڻ هو؟
 
Back
Top