• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا نواز شريف پئسن تي سنڌ خريد ڪري سگھي ٿو؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
پنهنجي پراڻي ۽ ذاتي دوست شاهه محمد شاهه، سينيئر نائب صدر سنڌ نون ليگ جي بيان تي، معذرت سان، تبصرو:ـ
بيان: آصف زرداري پئسن تي سنڌ نه ٿو خريد ڪري سگھي
تبصرو: سچ آهي..ڀلا، نواز شريف، ”سنڌ سان نفرت“ جي بنياد تي ساري سنڌ خريد ڪري سگھي ٿو؟
بيان: سنڌ به نواز شريف سان وڏو پيار ڪري ٿي
تبصرو: مون سچ لکيو هو: سنڌ نون ليگ جا ليڊرچمچاگيريءَ ۾ حدون ٽپي ويندا
بيان: ايندڙ اليڪشن ۾ اسان وٽ اليڪشن جي ٽڪيٽن لاءِ قطارون لڳل هونديون
تبصرو: سنڌيءَ ۾ چوڻي: ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا
بيان: هاڻي نواز شريف کي سڄي سنڌ گھمائينداسون
تبصرو: پهريان ٻڌايو ته 4 ورهين جي اقتدار ۾ وزيراعظم کي پهريون ڀيرو حيدرآباد ڇو ياد آيو؟
بيان: سنڌي ايڏا اٻوجھه ناهن جو آصف زرداريءَ کي چونڊين
تبصرو: زرداريءَ کي ته کڻي ڇڏيو. ڀلا! سنڌي ايڏا اٻوجھه آهن ڇا جو سنڌ سان نفرت ڪندڙ نواز شريف کي چونڊين؟
 
Back
Top