رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
نه ڪيو عشق ڳالهيون .....
____________________
نه ڪيو عشق ڳالهيون ادا يار مونسان
اهو عشق آڙاه ، بره بار مونسان
جڏهن عشق ٿي ٿو وڃائي ٿو چيتو
رکي ياد هڪڙي صورت سار مونسان
بره جون هي باهيون الانڀاجليا هون
ڪيا ڪيس قربن انهيءَ پيار مونسان
رهيو روح روڳي ائين بره بي چين
رولاڪيون رلائي سدان عار مونسان
خوابن کان اڳتي جهان ڀي ٿو جوڙي
فلڪ کان زمين تائين جنسار مونسان
زهر جو ڪو ڍڪ آ پيئڻ ۾ آ ڪوڙو
وجودن ۾ ور ور وندر وار مونسان
لبستم دائودپوٽه
____________________
نه ڪيو عشق ڳالهيون ادا يار مونسان
اهو عشق آڙاه ، بره بار مونسان
جڏهن عشق ٿي ٿو وڃائي ٿو چيتو
رکي ياد هڪڙي صورت سار مونسان
بره جون هي باهيون الانڀاجليا هون
ڪيا ڪيس قربن انهيءَ پيار مونسان
رهيو روح روڳي ائين بره بي چين
رولاڪيون رلائي سدان عار مونسان
خوابن کان اڳتي جهان ڀي ٿو جوڙي
فلڪ کان زمين تائين جنسار مونسان
زهر جو ڪو ڍڪ آ پيئڻ ۾ آ ڪوڙو
وجودن ۾ ور ور وندر وار مونسان
لبستم دائودپوٽه