سنڌي ادب جو سرمايو: محبوب ’مصور‘ سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ادب جو سرمايو: محبوب ’مصور‘ سومرو

    عزيز بلال بروهي

    انساني زندگيءَ ۾ سماجي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ اديبن، شاعرن ۽ ڏات وارن ماڻھن جون خدمتون ڪارگر ثابت ٿيون آهن، جن پنهنجي قلم جي نشتر سان، هر قسم جي سياسي عزائم سان دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو آهي.
    هن ڏات جي ڏيهه ۾ اهڙن ماڻھن جي هرگز ڪمي نه آهي. اهڙن سچن سخنورن ۾ اسان جي پياري محترم شاعر/اديب محبوب ’مصور‘ سومرو کي شمار ڪري سگھجي ٿو، هي هڪ سچو، کرو، خوش گفتار، تندرست و توانو تعليمي يافته، سياسي توڙي ادبي ڪاڄ ۾ دوستن کي ڪٺي کڻي هلڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اِن سان گڏوگڏ سياسي حوالي سان پنهنجي يونين ڪائونسل ڪوهري تعلقو رتوديرو ۾ وائيس چيئرمين جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. محبوب مصور پنهنجي سڀاءَ، پيار ڀري شخصيت، ڪردار جي بهترين لکڻين سان معاشري ۾ سوچ ۽ لوچ پيدا ڪئي آهي. هن ادب جي تعمير سان، احساس وارين دلين تي سچ پچ حڪمراني ڪئي آهي.
    محبوب مصور جي دل جي تختي ايتري ته وسيع آهي جو هو جرئتمنديءَ سان، علم ادب جي پياسن جي پياس اجھائڻ لاءِ منفرد کان منفرد لکڻيون لکي رهيو آهي. هي پنهنجي ثابت قدمن سان پنهنجي جيجل جي مٺڙي ٻولي تي بخوبي ڄاڻ جي کاڻ مان موتين سان سهڻا وکر ورهائي رهيو آهي. هن جي ڪيل علمي پورهئي کي سنڌي ادب جو سرمايو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌي ادب جي ذوق شوق واڌاري لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ تعريفي سندون وصول ڪري چڪو آهي.
    هي نئين نسل جي معمارن ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ذهني صلاحيت ۽ ذميداري سان فرض نڀائي رهيو آهي. مصور سومرو جي وڌ کان وڌ سنڌ سان عشق عاليشان کي سلام پيش ڪيان ٿو.

    محبوب ”مصور“ سومرو جي شاعري:

    غـزل

    من اندر ۾ محبتون رهجي ويون،
    هَئي هزارين حسرتون رهجي ويون.

    دل ۾ آيو آ جڏهن کان خوفِ خدا،
    پوءِ دنيا جون لذتون رهجي ويون.

    بي وفائيءَ جي شهر ۾ ڪيتريون،
    اڻ سڃاتل الفتون رهجي ويون.

    شاهه وارا بيت سمجھياسي ڪٿي،
    اڻپڙهيل ڄڻ آيتون رهجي ويون.

    سنڌڙي ٿي سور ۾ سڏڪا ڀري،
    هٿ مھٽي همتون رهجي ويون.

    ڪين آيو آ اڱڻ ”محبوب“ ڄڻ،
    چلوليون سڀ چاهتون رهجي ويون.

    **

    غـزل

    مٺا من مليل آهي محبوب تو سان،
    هي جيئڙو جڙيل آهي محبوب توسان.

    ڀلا ٻي طرف ڪيئن کڻا مان نگاهون،
    هي روحـڙو رکيل آهي محبوب توسان.

    ڀلا ڪيئن پٿر کي پاڻي ڪيان مان،
    سڄو حوال کليل آهي محبوب توسان.

    سوا تنهنجي مشڪل آ منهنجو گذارو،
    سڳو سڪ ڳنڍيل آهي محبوب توسان.

    مٺا محب ”محبوب“ مالڪ تون آهين،
    مقدر جڙيل آهي محبوب توسان.

    **

    غـزل

    باعمل ٿي جوش سان تقرير ڪر،
    هي غلامي جي پري زنجير ڪر.

    ڪجھه ڪين آهي خدا کانسواءِ ٻين وٽ،
    خدا کان ئي گھري تازي تقدير ڪر.

    فضول فائدا نه ڳولھه اي نادان،
    ڪجھه اڳيان لاءِ به ڪا تدبير ڪر.

    آدم جي اولاد سڀ برابر آهيون،
    ماري نياڻين کي نه رت ۾ شهمير ڪر.

    پنهنجن پراون جو همدرد ٿيءُ،
    سهي سور تن لئه پاڻ شمشير ڪر.

    مرڪي اڄ ”محبوب“ چيو اٿي اي ”مصور“،
    ڪجھه سوچ زندگي نه جھير ڪر.

    **

    غـزل

    خدائي کان پھرين تون خدا کي ڏس،
    هن فقير ڏي نه بندا بس صدا کي ڏس.

    بهانو بيحيائي لئه پيو ڳولھيندو آ شيطان،
    انسان پنهنجي عظمت ۽ عطا کي ڏس.

    بخش مون کي منھنجون خطائون اي خالقِ خدا،
    منهنجا عيب نه اوگھاڙ بس التجا کي ڏس.

    آءٌ ڪجھه ڪين آهيان تو اڳيان مٺا ”محبوب“،
    منهنجي جفا نه پنهنجي وفا کي ڏس.

    **

    غـزل

    انسان جي ابتدا آهي شاعري،
    ڪئي شاهه ۽ گدا آهي شاعري.

    ڪو سمجھي ٿي سالڪ سمجھه سان،
    ته روح جي غذا آهي شاعري.

    آهن ڪروڙين قرب جون ڳالهيون جنهن ۾،
    سا چيز ادا آهي شاعري.

    پڙهي قرآن ڏسو پاڻ اکين سان،
    ڪئي پاڻ خدا آهي شاعري.

    شاهه لطيف، سچل، ساميءَ کي ڏسو!
    جنهن جي رهي صدا آهي شاعري.

    ڪو مڃي نه مڃي پر مان مڃان ٿو،
    درد دل دوا آهي شاعري.

    ڪو سمجھي نه سمجھي ”محبوب“ مونکي،
    پر منهنجي سدا آهي شاعري.

    **

    غـزل

    سوچن ۾ سُٺي سرهاڻ پئدا ڪر،
    پنهنجو هتي يار پاڻ پئدا ڪر.

    سخت پٿر نه ٿيئي دنيا ٿُڏي نه ڇڏئي،
    ان اکين ۾ ڪجھه آلاڻ پئدا ڪر.

    قرب وارا ڪتاب هر هر پڙهه تون،
    پنهنجي ضمير ۾ سُڃاڻ پئدا ڪر.

    محبت مقصد آ ”محبوب“ جيون جو،
    زندگيءَ مان زندگي هاڻ پئدا ڪر.

    **

    ٽـيـڙو

    پيار سوا ڌرتي،
    مون کي لڳندي آ جيئن،
    سونهن سوا سرتي.

    **

    ماڻھو ٿيو شيطان،
    اڻ لڀ ٿيو آ ماڻھپو،
    ڪاٿي آ انسان.

    **

    اڄوڪو انسان،
    ڳڻتين ڳاري آ وڌو،
    پَل پَل پريشان.

    **

    بُکَ ۽ بدحالي،
    قسمت آهي غريب جي،
    در در سوالي.

    **

    کاڌ ۽ خوراڪ،
    گھُرن پيا غريب ٿا،
    هر هنڌ وڏي واڪ.

    **

    انسان جي پوشاڪ،
    اصلي آهي عجيب،
    سُٺا سهڻا اخلاق.

    **

    ڪيڏو قهر آهي،
    ڏس ڪشمير ۾ تون،
    مسلم بي گھر آهي.

    **


    وائي

    تنهائيءَ جي سفر ۾،
    مزو ڏاڍو آ.

    در در ڀٽڪان ڇو، ڀلا،
    پنهنجي ئي گھر ۾،
    مزو ڏاڍو آ.

    ٻيو ٻُڌڻ فضول آهي،
    عشق الفتي اکر ۾،
    مزو ڏاڍو آ.

    جتي رهي ”محبوب“ ٿو،
    ان جي ڇانوَ ڇپر ۾،
    مزو ڏاڍو آ.
    مزو ڏاڍو آ.

    **

    وائي

    ائين هل مونسان،
    جيئن لوڪ لکا نه پوي.

    پيار پڌرو نه ڪر تون،
    رَک دل مونسان،
    جيئن لوڪ لکا نه پوي.

    اندر جي هر ڳجھي ڳالهه،
    ۽ روح رَل مونسان،
    جيئن لوڪ لکا نه پوي.

    ڪنهن اونداهين رات ۾،
    ”محبوب“ مل مونسان،
    جيئن لوڪ لکا نه پوي.

    جيئن لوڪ لکا نه پوي.

    **

    وائي

    جي تون ٿيندين ڌار،
    مري ويندس مان پرين.

    سگھه نه آهي سهڻ جي،
    ائين نه دل آزار،
    مري ويندس مان پرين.

    کڻي نظرون نفرت مان،
    ترشي تون نه نهار،
    مري ويندس مان پرين.

    فاني هن جهان ۾،
    گھڙيون ڪي گڏ گھار،
    مري ويندس مان پرين.

    وڇوڙي جي واءُ ۾،
    ”محبوب“ نه مار،
    مري ويندس مان پرين.

    مري ويندس مان پرين.

    **

    وائي

    تو سواءِ زندگي،
    ها هاڻي هر خوشي،
    بيڪار ٿي لڳي.

    پنهون سواءِ پنڌ ۾،
    اڪيلي هڪ سَسُئي،
    بيڪار ٿي لڳي.

    آئي موسم بهار توڙي،
    آهي برسات برسي،
    بيڪار ٿي لڳي.

    تو بن تصوير تحرير،
    هاڻ هٿن جي لِکي،
    بيڪار ٿي لڳي.

    جيئان پيو تنها ”محبوب“،
    نفرت ڀري بندگي،
    بيڪار ٿي لڳي.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو