• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀل ڏک ڏيو ۽ درد هزار ....

ڀل ڏک ڏيو ۽ درد هزار....

ڀل ڏک ڏيو ۽ درد هزار پنهنجا ٻيڙا ٿيندا پار
نيڪ اسان جي نيت آهي ڀاڙي تون ڀل ٿي وڃ ڌار..

هيءَ مجازي موڳي موڙهي دوکو دوکو ساري دنيا
عشق عجيب رمز ۾ رولي بره ڪري ٿو سڀ بيڪار

ڪهڙا سور ٻڌايان ڪنهن کي دنيا درد ڀريل آ ساري
هر هڪ ساه آ سڏڪن سارو پيار نه ٿي شل جيئن واپار

حال حبيبان پيش پريان هو دنيا دردر دوکو ٿي پيو
ڪين اسان وٽ ڪا چمڪيلي آٿت ۽ آ ڪا آڌار

درد ئي ميڙي درد رکيا هن سورن ڪانبو ساٿ جو آهي
هجر ۾ هيڏو ڏک ڏري پيو ڄڻ مينهن وسي ٿو ڪو وسڪار

هر دم سچ جو ساٿ ئي هلبو توڙي ڪوڙ ڏئي ٿو دلبو
پنهنجا پور هي سور سڙي نيٺ ته ٿيندا ڳرندي ڳار

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top