الف-بي/ آئيويٽا ڇا کي ٿو چئجي؟ ڊاڪٽر الطاف جوکيو سنڌي ٻوليءَ ۾ آئيويٽا، الف- بي، الفباءِ، پٽي، ورڻ- مالا، حروف تـﮬـجي حروف المُعجم وغيره جا اصطلاح اکرن جي ترتيب لاءِ ڪم آندا ويندا آهن. لفظ ’آئيويٽا‘، يوناني (Greek) ٻوليءَ جي ’الفا- بيِٽا‘ ۽ انگريزي Alphabet جي سنڌي صورت آهي؛ خود انگريزي لفظ ’Alphabet‘ پڻ يوناني اکرن جي اچارalpha ۽ beta جي جوڙ مان ٺــﮬـيو آهي؛ جنـﮬـن جو بنياد وري عبراني اکرن جي اچار ’الف‘ (ڍڳي جو سڱ) ۽ ’بيت‘ (گهر) مان آهي. Alphabet: “A writing system in which a set of symbols (letters) represents the phonemes of a language.” (David Crystal, 1996: 421) The word ‘alphabet’ came into Middle English from the Late Latin word Alphabetum, which in turn originated in the Ancient Greek Alphabetos, from alpha and beta, the first two letters of the Greek alphabet. Alpha and beta in turn came from the first two letters of the Phoenician alphabet, and meant ox and house respectively. (http://www.britannica.com/dictionary?book=Dictionary&va=alphabet&query=alphabet) لغتن ۽ عالمن جي روشنيءَ ۾ لفظ آئيويٽا جو جيڪو مفـﮬــوم آڏو آيو آهي تنـﮬــن جي مراد جو اهم مرڪز ’ترتيب‘ تي آهي؛ يعني: ڪنـﮬـن ٻوليءَ لاءِ لکجندڙ صورتخطيءَ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جي اها ترتيب جيڪا متعلقه ٻوليءَ وارن لاءِ قبوليت جو درجو رکندي هجي. الف-بي جي حوالي سان مختلف ٻولين ۾ ڪم ايندڙ رسم الخط جون مختلف ترتيبون رهيون آهي؛ جيئن: مخرجوار ترتيب ديوناگري ۽ عربي، شمسي- قمري آئيويٽا مخرجوار ترتيب جا نمونا آهن. مخرجوار ترتيبن ۾ به اهي ٻئي ترتيبون اهم رهيون آهن؛ ليڪن مخرجن جي ترتيب ۾ به ٻنهي جو فرق آهي. هيٺ مختصر ٻنهي جي مخرجن جي ترتيب رکجي ٿي: ديوناگري: 1. نرم تارونءَ وارا آواز، 2. سخت تارونءَ وارا آواز 33. مورڌني 4. ڏندن وارا 5. ٻن چپن وارا 6. گـﮬـڪي وارا 7. نيم سُر، روان ۽ ڦڙ ڦڙ وارا. عربي: 1. سِنيـه (ڏندن تي زبان رکڻ سان)، 22. اَسليه (زبان جي چوٽيءَ وارا)، 3. شَفويـه (چپن وارا)، 4. لَـﮬويه (سخت تارونءَ وارا)، 5. حَلقيه (نڙيءَ وارا). (هيءَ عربي آئيويٽا کي 14 شمسي ۽ 14 قمري اکرن ۾ ورهايل آهي.) شڪل وار ترتيب عربي- ابتث، عربي- سنڌي 19355ع واري (ا،ب،ٻ،پ،ڀ)، موجوده اردو آئيويٽا وغيره شڪل وار ترتيب جا نمونا آهن. عربي رسم الخط جي عام ٿيڻ بعد خطاطيءَ جو فن ترقيءَ جا مرحلا طئه ڪندي وڌيو ويجهيو آهي؛ خطاطيءَ جي بنياد تي حرفن جي ترتيب جو رواج ابن مقلـه ؓ وڌو ۽ اهڙي ترتيب اڄ سوڌو جاري آهي. موجوده فارسي توڻي اردو رسم الخط ۽ 1935ع وارو عربي- سنڌي رسم الخط به اهڙي پوئواريءَ جون ڪڙيون آهن. مذڪوره اکري ترتيب ۾ به ڪي فرق رکيا ويا آهن، انتـﮬـائي مختصر اهڙا اشارا ڏجن ٿا: عربي اکري ترتيب: ا ب ت ث، ج ح خ، د ذ، ر ز، س ش، ص ض، ط ظ، ع غ، ف ق ڪ، ل م ن، و هه ي. فارسي اکري ترتيب: ا ب پ ت ث ج چ ح خ د ذ ر ز ژ س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ک گ ل م ن و ہ ئ ی اردو اکري ترتيب: ا ب پ ت ٹ ث ج چ ح خ د ڈ ذ ر ڑ ز ژ س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ک گ ل م ن و ہ ء ی ے سنڌي اکري ترتيب: ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ث ٿ ف ڦ گ ڳ ڱ ک ي د ذ ڌ ڏ ڊ ڍ ح ج ڄ ڃ چ ڇ خ ع غ ر ز ڙ م ن ل س ش و ق ص ض ڻ ط ظ هه جهہ گهہ ڪ ء. انگي ڪارج واري ترتيب عربي ابجد، جنـﮬـن مان انگن جو ڪارج پڻ ورتو ويندو آهي. هونئن ته عام ترتيب جو استعمال عام طور لغتن وغيره ۾ ورتو ويندو آهي، ليڪن عربيءَ جي مڙني ترتيبن کي، موجوده دؤر ۾، ڪنـﮬـن نه ڪنـﮬـن استعمال ۾ ضرور ورتو ويندو آهي. ابجد واري ترتيب به بيڪار نه ڄاتي وئي، بلڪ ان کان انگن يا شمار جو به ڪم ورتو ويو. سنڌي ۾ پڻ ڪنهن نقطي جي حصن کي هن ترتيب سان ورهائي بيان ڪيو ويندو آهي: ا- ب-ج-د-هه-و-ز-ح-ط-ي-ڪ-ل-م-ن-س-ع-ف-ص-ق-ر-ش-ت-ث-خ-ذ-ض-ظ-غ سرڪاري طور تي سنڌي آئيويٽا جون اسان وٽ ٽي اهم ترتيبون رهيون آهن: ايلس واري آئيويٽا /پٽي 1853ع: هيءَ انگريزن ترتيب ڏياري هئي. ا - ب - ٻ - ڀ - ت - ٿ - ٽ - ٺ - ث - پ - ڦ -ج- ڄ - جهہ -ڃ - چ - ڇ - ح -خ - د - ڌ - ڏ - ڊ - ڍ - ذ - ر- ڙ - ز - س- ش - ص - ض -ط -ظ -ع -غ -ف - ق - ڪ - ک - گ - ڳ - گهہ - ڱ - ل - م - ن - ڻ - و - هہ - ء - ي . 19355ع ۾ ترتيب ڏنل آئيويٽا / پٽي: هيءَ پٽي اکرن ۽ ٽٻڪن وار رکيل هئي، جيڪا تصور ن جي بنياد تي پڙهائي ويندي هئي. ا - ب - ٻ - پ - ڀ - ت -ٺ - ٽ - ث - ٿ - ف - ڦ - گ - ڳ - ڱ - ک - ي - د - ذ - ڌ - ڏ - ڊ - ڍ - ح - ج - ڄ - ڃ - چ - ڇ - خ -ع -غ - ر - ز - ڙ - م - ن - ل - س - ش - و - ق - ص- ض - ڻ- ط - ظ - هہ - جهہ - گهہ - ڪ -ء. 19600ع ۾ ترتيب ڏنل آئيويٽا / پٽي: هيءَ هاڻي تصويرن سان پڙهائي ويندي آهي. ا -ب -ٻ - ڀ - ت - ٿ - ٽ - ٺ -ث - پ - ج - ڄ - جهہ -ڃ - چ - ڇ - ح - خ - د - ڌ -ڏ -ڊ -ڍ -ذ - ر -ڙ -ز - س - ش - ص - ض -ط - ظ -ع -غ - ف- ڦ -ق -ڪ - ک - گ - ڳ - گهہ - ڱ - ل- م - ن - ڻ - و -هہ - ء - ي. ايلس جي پٽيءَ بعد آوازن ۽ اکرن جي ترتيب جو به مسئلو رهيو آهي. ايلس واري آئيويٽا/ پٽيءَ جي ترتيب 1935ع ڌاري ڪتابن ذريعي مٽائي وئي؛ ان وقت آئيويٽا/ پٽي گهڻي قدر تصويرن بجاءِ تصوراتي نموني پڙهائي ويندي هئي؛ انجو اهم مقصد ٻارن کي اکرن جي گهر ۽ ٽٻڪن ذريعي آوازن جي واقفيت ڏيڻ هئي. اهو قدم صوتياتي اعتبار کان ڪابه حيثيت نه پيو رکي، البته علم نفسيات جي روسي ماهر پافلوف (1849- 1936) جي conditioned reflex theory of learning جي مشروط سکيا واري نظرئي (ساجد، 1986: 237) تحت اکر جي گهر ۽ ٽٻڪن جي استعمال سان تصوراتي نموني سيکاريو ويندو هو، جيئن: الف-- انبُ: انبُ اڀو ۽ گولائيءَ مائل هجڻ سبب کيس ڪوبه ٽٻڪي جو تصور ناهي. ب-- بَلا: بلا کي هڪ پڇڙيءَ سبب هڪ ٽٻڪو ڏبو. ٻ-- ٻڪري: ٻڪريءَکي ٻن ٿڻن سبب ٽٻڪا به ٻه ايندا. پ-- پلو: پلي کي ٽن ڪنڊن ڪري، ٽي ٽٻڪا ڏبا. ڀ-- ڀولو: ڀولي کي چار ٽنگون، ته ٽٻڪا به چار رکبا. ت -- تارو: اکين جا تارا به مٿي ٻه ٿيندا آهن، ان ڪري ٽٻڪا رکبا، وغيره. مقصد ته شروعات اهڙي انداز سان ڪرائي ويندي هئي ته جيئن ٻار کي ٽٻڪن ۽ اکرن جي گهر تي پختگي ٿئي. اهڙي نموني اڳتي به اکر جي ساڳي گهر کي انجي شڪلي گروه سان رکندي، ٽٻڪن ۾ هيٺان يا مٿان ترتيب جو خيال رکندي، پــﮬـرين خالي پوءِ هڪ، ٻه، ٽي ۽ چار ڏانـﮬـن هلبو هو. نتيجو: آئيويٽا، الف- بي، پٽيءَ مان مراد اکرن جي ترتيب آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هونئن ته ڪافي عالمن پنهنجون ترتيبون جوڙيون، ليڪن سرڪاري طور ٽي اهم ليکيو وينديون آهن: ايلس آئيويٽا، اکري شڪل وار آئيويٽا ۽ بلوچ آئيويٽا. عام طور اکر جي ٽٻڪن ۽ شڪل وار آئيويٽا کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو آهي، اڄ سوڌو ضلعي نوشهري فيروز جي ڪافي ڳوٺن ۾ اها آئيويٽا پڙهائي ويندي آهي.
سنڌ جي مُختلف علائقن بابت الڳ الڳ رايا آهن، ڪِٿي ته ايلس واري پڙهائي وڃي ته ڪٿي تصوراتي، سرڪاري طور تي “سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ” پاران ايلس واري آئيوٽيا کي شروعاتي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.