عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو مير علي نواز ناز عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو بزم خلوت نه رهي عيشَ جو سامان نه رهيو وڃي ڪعبي ۾ ڪجي پوڄا هاڻي ڪنهن جي يارب ڪوئي مومن نه رهيو ڪوئي مسلمان نه رهيو سڀ جي خواهش آ ملي مال عزت دولت جاهه ڪوئي دنيا ۾ تنهنجو ناز دل سان خواهان نه رهيو انتظاريءَ ۾ اکيون منهنجون رهن ٿيون هر دم هاڻي هڪ ڏينهن به هو دلبر ڪڏهن مهمان نه رهيو ڪيترا سالَ محبت کي لڪايم سڀ کئون آخر هو عشق سچو جو مون کان پنهان نه رهيو ڪنهن ۾ بوئي وفا ڪير فدائي تنهنجو ڇو ستائي هو ڪري ”ناز“ پيشيمان نه رهيو ”عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان“ ڪافي نمبر 91 ڪِتاب ”ڪُلياتِ ناز“ مرتب: مير علي نواز علي خان ناز ٽالپر ـــ خيرپور وڊيو