تُنهنجي رمز سُهڻا مان ڇا سمجھان، آسان به آ، دشوار به آ. مير علي نواز ناز تُنهنجي رمز سُهڻا مان ڇا سمجھان، آسان به آ، دشوار به آ. تنهنجي وعدي تي اعتبار ڪهڙو، انڪار به آ اِقرار به آ.. تُون دُور رهِين بي_نياز مولا، سُڻ فرياديءَ جو آواز مولا، هن بيگناھ جي مارڻ لئه تک تير به آ تلوار به آ. حُسن ڪجلا نُور چَوان، شمس و قمر مخمور چَوان، سُڻ فرياده بلبل جي صدا جاٿي گُل به آ تاٿي خار به آ، دولت زر جي نه خواهش مونکي، مِهر و وفا جو آهيان غُلام، هن ساري جهانَ ۾ ”ناز“ غريب نادار به آ سردار به آ