هڪڙو تجربو ڪري ٿا ڏسون. ؛ هڪ ڏيڏر کي، پاڻيءَ جي ٿالھ ۾ وجهي، پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ شروع ٿا ڪريون. پاڻيءَ جو گرمي پد جيترو وڌي ٿو، ڏيڏر اوتري ئي ڪوشش ڪري ٿو تہ پنهنجي جسم جي گرمي پد کي سندس برابريءَ ۾ آڻي ؛ وڌندڙ گرمي پد سان هُو لاڳيتو پنهنجي جسم جي گرمي پد کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ؛ جنهن مهل پاڻي اُٻرڻ شروع ٿئي ٿو تہ هاڻي ڏيڏر ان جي برابري نٿو ڪري سگهي ۽ پوءِ ٻاهر ٽپ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿو، پر هزار ڪوششن جي باوجود هو ٻاهر ٽپ نٿو ڏيئي سگهي، ڇاڪاڻ تہ سندس سڄي طاقت پاڻيءَ جي گرمي پد جي برابري ڪرڻ ۾ ختم ٿي چڪي آهي. سُتت ئي ڏيڏر مري وڃي ٿو، تہ کيس ڪنهن ماريو؟ اسان مان ڪيترن جي ورندي اها ئي هوندي آ تہ کيس اُٻرندڙ پاڻيءَ ماريو، پر سچ اهو آهي تہ کيس سندس فيصلي ڪرڻ جي ناڪاميءَ ماريو تہ ڪنهن مهل کيس پاڻيءَ مان ٽپ ڏيڻ گهرجي ها. اسان کي ماڻهن ۽ حالتن ساڻ برابري رکڻ جي صورتحال پيش ايندي رهي ٿي، پر گڏو گڏ اسان کي اها بہ پڪ ڪرڻ گهرجي تہ ڪنهن مهل جُهڪڻو آهي ۽ ڪٿي مُنهن ڏيڻو آهي. الاءِ ڪيترا موقعا اچن ٿا، جڏهن صورتحال کي مُنهن ڏيندي، اسان کي مناسب قدم کڻڻ جي ضرورت هوندي آهي، جي اسين ماڻهن کي ان ڳالھ جي اجازت ڏيون تہ هُو اسان سان جسماني، ذهني، جذباتي ۽ مالي حوالي سان پنهنجي مرضيءَ مطابق سلوڪ ڪن ٿا تہ پوءِ هُو سدائين ائين ڪندا رهندا. اهو اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي تہ اسان کي ان سلوڪ جي گرم ٿيندڙ پاڻيءَ مان ڪنهن مهل ٽپ ڏيڻو آهي. ڪوشش ڪجي تہ جي طاقت بچيل آهي تہ ٽپ ڏيئي ڇڏجي.