ڄورون لڳرايو آرام حاصل ڪيو. ڄور هڪ غير ڪرنگهي وارو جانور آهي. پاڻيءَ جو هي ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جو ڪيڙو جنهن به جسم سان چنبڙي ته ان جو رت چوسيندو آهي. هي انسان ۽ ٻين جانورن جي رت تي پلبو آهي. رت هن جي خوراڪ آهي. ڄور ڪيتري ڪار آمد آهي؟ صدين کان مختلف علاجن ۾ ڄور جو استعمال. ڪجهه نئين تحقيق ڪجهه پراڻيون روايتون...... زیادہ عرصہ گذريو ڪونهي پنهنجي سانڀر ۾ چڱي طرح ياد آهي هڪ عورت گهٽي مان آواز ڪندي لنگهندي هئي "ڄورون لڳايو ڄورون لڳايو ". ان عورت وٽ ٺڪر جي هڪ دکي هوندي هئي، جنهن ۾ پاڻي هوندو هئو ۽ دکيءَ ۾ ٿلهيون ٿلهيون ڄورون پيون ترنديون هيون. اسان جي شهر بوبڪ ۾ مسلمان ٻاليشاهي اُهي ڄورون رکندا هئا لڳائيندا به هئا، ان سان گڏ سنڱيون به هڻندا هئا. سنڱيون لڳائڻ هڪ الڳ طبي فن آهي جنهن تي ڌار مضمون لکندس. ڄور پاڻيءَ جو ڪيڙو آهي. ماڻهوءَ جي آڱوٺي جيترو ڊگهو ۽ اوترو ئي ٿلهو هوندو آهي. هي گول شڪل جو اڳيان پويان نوڪدار. ڳوٺن ۾ تلائن ۾ جڏهن ماهيو مال ويهندو آهي ته نڪرڻ وقت ڪا نه ڪا ڄور سندس جسم سان چنبڙيل هوندي آهي ۽ مزي سان رت پئي چوسيندي آهي. ان کي الڳ ڪرڻ وڏو مشڪل آهي، هٿ سان ڇڪي ته نه البته جڏهن سندس پيٽ ڀرجي ته خود بخود الڳ ٿي ويندي آهي يا وري ٻرندڙ ماچيس جي تيلي ان جي جسم سان لڳايو ته هيٺ اچي ڦهڪو ڪري۔ اڄ کان 40-50 سال اڳ تائين ماڻهو هي ڄورون پنهنجي جسم تي علاج طور لڳرائيندا هئا يعني پنهنجو رت چوسرائيندا هئا. ڄورون لڳائڻ هڪ ڌنڌو هئو جينئن ته گهريلو عورتون به اهو علاج ڪرائينديون ۔ان ڪري هي ڌنڌو عورتن حوالي هئو. جيڪي گهٽي گهٽي ڳوٺ ڳوٺ پيون ڦرنديون هيون. مريض يا مريضه جي رڳ تي ڄور جو منهن لڳائبو هو، جتان رت چوسڻ شروع ڪنديون هيون ۽ ڪافي دير تائين رت پيو چوسيندو هيون جيستائين ڀرجي ٿلهيون ٿي الڳ نه ٿين. زیادہ تر اهي ماڻهو ڄورون لڳرائيندا هئا جن جي جسم تي خارش هوندي هئي. يا ڦڙڙيون نڪتل هونديون هيون. چون ٿا ته ڄورون فاسد مادا رت مان چوسي ڪڍن ٿيون، ان ڪري مٿي جي سور، ڳراڙا، سنڌن جي سور ۾ سنڌن وٽ، يا سڄيل ڳل وٽ ڏاٺ جي سور ۾ ٻه چار ٻين مرضن ۾ ڄورن کي ان تي رکي رت چوسائڻ انتهائي فائدي مند آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ ڪنهن زماني ۾ اهو بلڊ پريشر جو مستند علاج هئو. ، بعد ۾ ميڊيڪل سائنس ترقي ڪئي هتي به رواج ختم ٿي ويو. هاڻي ٻيهر ميڊيڪل سائنس معجزا پئي ڏيکاري. ڄورون وري واپس اچن پيون. اسان جهڙي پوئتي پيل ملڪ ۾ نه پر برطانيه، آمريڪا ۽ فرانس ۾. ان کي ميڊيڪل سائنس ۾ واپس آڻڻ وارو هڪ آمريڪا جو بائلاجسٽ رائي سائر آهي. هن ڄورن جي افزائش نسل جو پنهنجو هڪ فارم بنايو آهي. جتان ٻين ملڪن جي ليبارٽرين ۽ اسپتالن کي ڄورون سپلائي ڪري ٿو. ۔ هن بائلاجسٽ ۽ ٻين ڊاڪٽرن گذريل ٽن سالن کان ڄورن سان قديم دور وانگر علاج معالجي جو ڪم شروع ڪيو آهي. ۔ هن دنيا کي تحقیقات ۽ تجربات بعد ٻڌايو ته ڄور ڪيتري ڪارآمد چیز آهي. هٿ پير جي آڱر ڪٽجي پئي ٿي ته آپريشن ڪري ملائڻ مائڪرو سرجري جو ڪم آهي. ان جي باريڪ نسن ۾ رت جمع ٿي وڃي ٿو جنهن سبب آپريشن فيل ٿيو وڃي، هن ڊاڪٽر ان فاضل رت کي ڪڍڻ لاءِ جوڙ وٽ ٻه ڄورون لڳائيون جنهن فالتو رت چوسي ڪڍيو ۔ رت جو وهڪرو نارمل ٿيو مريض ٺيڪ ٿي ويو. Blood Clotting هڪ بیماری آهي. جنهن ۾ جسم جي ڪنهن حصي ۾ رت ڄمي وڃي ٿو۔ ان کي آپریشن ذريعي ڪڍي، رت جي دوري کي رستو ڏنو وڃي ٿو. هاڻي ڊاڪٽر اتي آپریشن بجاءِ ڄورن جو استعمال ڪن ٿا. ڄميل رت چوسي رڪاوٽ مڪمل طور ختم ڪن ٿا. عجیب ڳالھ اها ته هن پروسيجر دوران انسان ٿورو به درد محسوس نہ ٿو ڪري. ۔ ڊاڪٽرن جي تحقيقات مطابق ڄور جي وات مان اهڙو مواد نڪري ٿو جيڪو ان جاء کي سُن ڪيو ڇڏي ۔ دل جي بغض مرضن ۾ به مفيد آهي ڄور جي وات مان جيڪو مادو نڪري ٿو سو رت جي رواني برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. رائے سائر جو چوڻ آهي ته Cardiovascular مرض ۾ ڄور ايتري ئي مفيد آهي جيتري اينٽي بائيوٽڪ. ۔ رائے سائر ٻڌائي ٿو ته دنیا ۾ ڄورن جا گهڻائي قسم آهن. ۔ هڪ ڄور هڪ وقت ۾ 150 ٻچا پيدا ڪري ٿي 6 مهينن ۾ ڄور مڪمل ٺهي ٿي. ۔۔ هڪ ڄور 20 منٽن تائين رت چوسيندي رهي ٿي. 20 منٽن ۾ هڪ اونس رت چوسي ٿي يعني پنهنجي وزن کان پنج دفعا وڌيڪ رت پنهنجي جسم ۾ وجهي ٿي. پوء پورو سال نه خون چوسي ٿي نه ٻي خوراڪ کائي ٿي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هڪ دفعو پيٽ ڀرجڻ بعد هڪ سال لاءِ بيڪار ٿي وڃي ٿي. ان کي الڳ پاڻيءَ ۾ رکبو ۽ بکايل ڄورن جو استعمال ڪيو ويندو آهي . اڃان ڄورن تي تجربا هلن پيا. ڪيترن مرضن جي لاءِ فائده ڳولين پيا. وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن دفعي ڄورون واپس وڃڻ لاءِ نه آيون آهن.. __ فيسبڪ تي چاچا شبير جي وال تان کنيل. https://web.facebook.com/shabirq/posts/10210708972253009