• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائل تي رڪارڊ ڪيل وڊيو جي سائز گھٽ ڪرڻ

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڪثر اسان ڪنھن شيءِ جي وڊيو سمارٽ فون سان رڪارڊ ڪندا آھيون جيڪا ڀلي ھڪ ٻہ منٽ جي ڇو نہ ھجي پر ان جي سائز ڪافي وڏي (50 کان 100 ايم بي) ٿيو پوي. اھا وڊيو ڪنھن کي موڪلڻي ھجي تہ وقت ۽ ڊيٽا ضايع ٿئي ٿي. جنھن کي ملي ٿي ان کي ڊائون لوڊ ڪري ڏسڻ سان بہ ساڳي ڏکيائي ٿئي ٿي.
اڄ ھتي ھڪ ائنڊرائڊ ايپليڪيشن تجويز ڪجي ٿي جيڪا اھڙي وڊيو جي سائز مناسب ڪوالٽيءَ سان گھٽ ڪري ٿي. ھن ايپليڪيشن جا ڪجھہ نمايان مثبت پھلو؛

  • ايپليڪيشن جي پنھنجي ننڍي سائز، آسانيءَ سان ڊائونلوڊ ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿي.
  • وڊيو جي سائز گھٽائڻ لاءِ 10 کان 90 فيصد گھٽ ڪرڻ جو اختيار.
  • صفا گھٽ ٽائم ۾ ڪنورجن مڪمل.
  • نہ رڳو سائز پر ان مان آواز ڪڍڻ، رنگ ڪڍڻ جھڙا اختيار پڻ موجود.

uPVq381.jpg



SNweYZ.jpg



33729830846_144d12fd50_o.jpg

 
Back
Top