جوچپ رہا تو مار دے گا مجھے ضمیر گواہی دی تو عدالت میں مارا جاؤں گا اڄ جي ڳالھ هڪ وڏي ڏوهاري لاء آهي، اتفاق سان ٿر مان ٻہ ڏينهن هڪ ٻي وڏي ڏوهاري نوجوان کي دهشتگرد قرار ڏنو اهو ثابت ڪيو ويو آهي تہ ڪالوني کي ڪالوني رهڻو، آقا کي آقا رهڻو آهي . هاڻي وري هن کي قاتل قرار ڏئي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي . جو جو بہ هٿ کڻي علم سو هٿ ئي ڪيو قلم جا زبان چئي ظلم سا پاڙ کان ڪيو ختم ھي ھڪڙو ڪولھي آهي جيڪو سماج جي هڪ حصي کي ڪُکي ٿو، هو هزارين الزامن هيٺ ايندي اڳتي هلندو رهي ٿو، هن جو خاندان بانڊيڊ ليبر جي پيڙا هيٺ رهيو هن کي برجنس غلامي جو تجربو آهي. ، هن اڃان پنهنجي آتم ڪٿا ناهي لکي هن کي جيڪڏهن ڪو ليکڪ ملي تہ ھن جي زندگي جو بائيو گرافڪ ناول سماج جي پيڙهيل طبقن لاءِ اتساھ بڻجي وڃي، هن سان، هن جي خاندان سان، هن جي ننڍن، ٻارن، والد، والدہ، چاچن، مامن سان منهنجون رهاڻيون رهيون آهن وقت گذريو آهي، هن جي ڪيترين ڳالهين سان مونکي اختلاف رهيو آهي، هن جي ڪجھ سياسي فيصلن کي مون ڏينهن جو رد ڪيو رات جو هن کي پيگ پيئندي دڙڪا ڏنا، هن جي ڪجھ سياسي فيصلن جي گهڻن ماڻهن مخالفت ڪئي پر مون درست سمجهيو، هن جو اين جي برانڊيڊ ورڪ تمام ٿورو ئي آهي باقي ھن جو رضاڪاراڻو ڪم گهڻو آهي،، مون هن کي پاڻ تان اين جي او ٺپو لاهڻ لاءِ مٿاڪٽ ڪئي هوندي، هن خاموشي سان ٻڌو هوندو. هو مسڪين جهان خان کوسي جي رستي تي ھجي نہ ھجي ان سان منهنجو بحث ناهي پر هو ڪيترن جي ڏکن دردن جو درمان ۽ دلاسو آهي، هو چاهي ها تہ ڪڏهوڪو يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ نيشنلٽي وٺي چڪو هجي ها پر هن جي ڪتاب جي ڪنهن باب ۾ ڌرتي ڇڏڻ عيب آهي. هن سان ڇا نہ ٿيو؟ ڇا بچيو؟ اسان جي سماج ۾ اڪثر ماڻهو انهن اذيتن مان گذري انتقامي مزاج جا ٿي ويندا آهن، ٻيو ڪجهه ٿئي نہ ٿئي، ڪنهن چيٿڙا اخبار جا نمائندا ٿي "دٻ درخاش دينو تي "جي چوڻي جي هوبهو شڪل ٿي ادارن، فردن جي دشمني کي پاڻي ڏيڻ تي لهي ايندا آهن. پر هن ڪارونجهر جي ڪولهي جي دفتر ۾ اهڙو ڪو فائيل نہ هو جنهن تي عنوان "انتقام وٺبو،" لکيل هجي. هو جنهن رفتار سان وڌيو پئي مونکي هميشہ کٽڪو هوندو هو، هو رياستي ادارن هٿان کنڀي کنيو ويو، ٽارچر سهي لاش بڻجي گهر پهتو، هن تي حملا ٿيا، سندس گهر تي حملا ٿيا، فائرنگون ٿيون ، ڪيس ٿيا، هو بچندو رهيو، ٿر جي ٿوهر کان هر ڪونڀٽ جو ھي ڪانگ تڙو، ڪارونجهر جبل تان رت چوس، ڪمپنين ڪارپوريشنز جي جهار هڪليندڙ، ٿر ننگر جي جھنگلي جيوت تي شاه ڏيندڙ ڪولهي جنهن جي تربيت سنڌ جي پروگريسو ڪيڊر ۾ ٿي هئي، جنهن تي حسب روايت الزام هڻي پارٽي مان بہ انهن ڪڍيو جيڪي خود پارٽي تي وعده معاف گواہ ٿيا پر ايستائين هو سماجي سطح تي ايترو اڳتي نڪري ويو هو جو هن پارٽي تي ڪنهن الزام هڻڻ کي هيچ ڄاڻي چپ چاپ ڪم ڪندو رهيو، هن جي سماجي ڪم جو اسٽائيل جدا هو ۽ آهي، هو هر هنڌ تي پهتو. جتي مندر تي حملو ٿئي يا ڪنهن ھارياڻي جو قتل ٿي. ڪنهن بک ۾ خودڪشي ڪئي هجي . ڪنهن هن کي ڪوڪ ڪري سڏ ڪيو هجي ۽ ويرجي نہ پهچي ويو هجي تہ ڪانئر ليکجي. هو ٿر نہ پر سنڌ جي سڄي پورهيت، زمين جي بستري تي زندگي گذاريندڙ ڪولھين، ڀيلن، باگڙي، هندو، مسلم، عيسائين جو ڀرجهلو ٿيندڙ ڪالھ بہ ھو اڄ بہ آهي، هن تڙپندڙ ٻارن کي ڪلهن تي کڻي اسپتالن پهچايو هوندو، هن پنهنجي گاڏي ٿر، ننگر ۽ برينچ جي روڊن تي ڪنهن جي زندگي بچائڻ لاءِ ڊوڙائي هوندي ، هن لاش ڪلهن کنيا هوندا، هن جي هٿن ۾ ٿر جي بکين ٻارڙن دم بہ ڏنو هوندو هن جو تعلق ٿر ۽ پارڪر جي اهڙي علائقي سان آهي جتي ڪي خاندان ماڻهو پاور ۾ اچي ماسترن جي بدلين کان انتقامي ڪارواين جي شروعات ڪندا آهن پر هن هر ان ماڻهوءَ کي معاف ڪيو پئي جيڪو هن جي ڌنا گام جي چونئري واري گهر يا نسيم ننگر جي گهر لڙي ٿي آيو. يا معافي تلافي لاءِ رڳو نياپو ٿي موڪليو. هن جڏهن بلدياتي اليڪشن آزاد اميدوار طور وڙهي پئي تہ مونکي پڪ هئي تہ ھو کٽيندو ڇو تہ سندس ڪولهي برادري سميت ٻين ڪميونٽيز ۾ هن جي لاءِ مون حد درجي جي عزت ڏٺي هئي.بي انتها محبت ڏٺي هئي،.. هو تہ سماج جي بنياد پرست ٽولن جو مختلف جاين تان نشانو ٿيندي ٿيندي بچيو هو پر بقول حيدرآباد جي هڪ مسلم عالم دين( جيڪو هن ڪيس ۾ ويرجي ڪولهي جي حق ۾ گواه بہ ھو )تہ "ويرجي هن ڀيري ڪنهن عدالت ۾ ويٺل صاحبِ عدالت جي ان تعصبي سوچ جو شڪار ٿي عمر ڀر قيد جي سزا کائي ويو آهي" اها ئي سوچ اسلام آباد جي عدالت ۾ اڄ بہ موجود آهي جيڪا سوچ ويلنٽائن ڊي، بسنت، هولي، رقص جو نالو ٻڌي پگھرجي ٿي وڃي، عدالت ۾ ويٺل اها سوچ ان ھائي ڪورٽ جي جسٽس ملان مشتاق جي سوچ جو تسلسل آهي جنهن ڀٽي صاحب کان مقدمو هلندي ڪٽهڙي ۾ بيٺل "ملزم" کان ٽوڪن، طعنن، ميهڻن ۾ سندس عقيدن متعلق سوال ٿي ڪيا، ۽ هو تاريخ ۾ جج مان ڦري "قاتل" بڻجي ويو. ويرجي نيٺ ان ئي" مشتاقي "سوچ جو شڪار ٿيو. هڪ ٻيو سچ اهو بہ آھي تہ ھن کي ان ساڳي ڪورٽ مان عمر قيد جي سزا ملي آهي جنهن جو هڪ جج قتل جي سازش ۾ ملوث هجڻ جي ڏوه ۾ قيد اندر رهيو آهي.. ھن ملڪ ۾ مقدس ڳئون جو تعداد تمام گهڻو آهي، هر اهو ادارو مقدس آهي جنهن ظالم طبقن کي تحفظ ڏنو آهي،، ۽ انهن سان اختلاف راءِ رکڻ "توهين" جي دائري ۾اچي ٿو، خبر ناهي تہ ھن ملڪ ۾" توهين ِِ عوام " جو بہ ڪو قانون ايندو يا نہ.؟ يقينن اهڙو قانون نہ ايندو نہ اچڻ گهرجي. بلڪ شڪ اهو آهي تہ ايوانن مان ڪو " توهینِ امراء " جي نالي سان ڪو قانون ڪٿي نہ اچي وڃي ۽ عدالتون ان کي نہ تحفظ ڏيڻ. عدالتون بہ ائين آهن، اهو عدالتي گهٽ ٻوسٽ جو ماحول آهي جنهن ۾ حاضر سروس وڏا جج بہ مڃي چڪا آهن تہ عدالتي نظام ۾ ڪرپشن آهي، اهو رڪارڊ تي موجود آهي. اوهان جيڪڏهن مظلوم طبقي جي فرد طور اها ساڳي ڳالهه ڪندا تہ "توهين عدالت" جي دائري ۾ اچي سزا کائي ويندا. پر جيڪڏهن پرويز مشرف آھيو تہ عدالت تي مشڪري ڪندا ملڪ مان باعزت روانا ٿي ويندا.. دنيا جون عدالتون فڪري ڪرپشن جو شڪار بہ ٿي سگهن ٿيون. جماعت اسلامي جا سابق وڪيل رڪن ڪنهن لبرل، سوشل ڊيموڪريٽ سان ڪهڙو انصاف ڪندا.؟ اهو ئي سبب آهي جو عاصمہ جهانگير چوي ٿي تہ "جنهن کي ڪنهن مدرسي جو مهتمم ٿيڻ گهرجي سو تہ جج ٿيو ويٺو آهي" محترمہ بينظير ڀٽو خبر ناهي تہ اھو سوال درست ڪيو هو يا نہ تہ "اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي تہ حڪومت پ پ پ جي ۽ جج جماعت اسلامي جا هجن"؟ ان سوال جي گهرائي ۾ وڃي سوچيو تہ اوھان کي عدالتن جي اندر پرورش پائيندڙ سالن، ڏهاڪن جي سوچ جي پروڙ پئجي ويندي. مون تہ ننڍين ڪورٽن جي ججن جا اھي ي ريمارڪس بہ پڙهيا آهن جن ۾ ججن سڀني ڪولهي ڪميونٽي کي زميندارن جا قرض کائي ڪوٽن ۾ قيد هجڻ جو ڊرامو قرار ڏنو آهي، پوري جي پوري ڪميونٽي کي انصاف جي عجب قانون هيٺ "ڏوهي قرار" ڏيڻ هتان جي عدالتن جو ئي رنگ ڍنگ آهي. جو چند اہلِ جنوں تیرے نام لیوا ہیں بنے ہیں اہلِ ہوس مدعی بھی منصف بھی ھن ملڪ جون عدالتون جيڪي ایڪهين صدي ۾ سوشل ميڊيا کان خوفزده ٿي چڪيون آهن سي تہ سوشل ميڊيا کي بہ پابند سلاسل ڪرڻ جهڙي انهن حرڪت تي سوچن پيون . جيڪڏهن سورهين صدي ۾ ترڪي جي عدالتن جا قاضي پرنٽنگ پريس تي پابندي هڻڻ جي حرڪت ڪري چڪا هئا. ڀلي کڻي ويرجي ڪولهي جي ڪيس جو تعلق ان ڳالھ سان نہ بہ هجي پر اهو هڪ عڪس اسان جي ان عدالتي، جسٽس جي نظام جو آهي جيڪو انٽرنيشنل انصاف جي رسائي جي معيارن جي انڊيڪس ۾ هيٺين ڇيڙي تي بيٺل آهي. عدالت جي هن انصاف کان پوءِ ننگر ۽ ٿر جي ماڻهن کي ڪھڙي آٿت يا تسلي ڏجي؟ ۽ عدالت جي فيصلن تي ڪهڙا وهي سهرا ڳائجن جن مان آواز اٿن ٿا تہ عدالتن جا فيصلا جذبات نہ قانون تي ٻڌل هوندا آهن، عدالتن کي اھا خبر ناهي تہ هتي قانون تہ هر، ضیاءالحق، پرويز مشرف، يا ڪنهن بہ طاقتور جي تحفظ لاءِ ئي ٺهندو آهي، يا عدالت کي اھا خبر ناهي تہ عدالتن جا نہ ججن جا ٻہ جذبات هجڻ ٿا. جيڪي دنيا ۾ عام جام بحث هيٺ ايندا آهن، آمريڪي ڪارا جج گورن ملزمن کي ، گورا جج ڪارڻ ملزمن کي انهن ئي تفريقي جذباتن تحت سزائون ڏيندا رهيا آهن ۽ اهي ڪيس تاريخ ۾ موجود آهن. هن وقت ويرجي جو ھي ڪيس بہ ملڪ سميت سنڌ جي ان سماج لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس بہ آهي تہ وارننگ يا چتاءُ بہ آهي. گر آج زد پہ میں ہوں تو بدگماں تو بھی نہ ہو چراغ سبھی کے بجھیں گے ہوا کسی کی نہیں