چاچا ڪريم ۽ پُنهل لاکو قصو ضروع ڪرڻ مهل سليمان وساڻ سچل ڳوٺ ۾ هو ته روز شام جو ساڻس ملاقات هوندي هئي پر جڏهن کان هو سکر ويو آهي ته هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪُراڙي چاچا ڪريم سان ملاقات ٿئي ٿي. پهرين اپريل 2017 جي شام جو وٽس ويس ته سچل ڳوٺ جو ڄاتل سُڃاتل ڊکڻ پنهل لاکو پڻ ساڻس ويٺل مليو. ڳالهين مان ڳالهه نڪتي ته پنهل چيو ”ڪريم چانڊيو پڙهيو به خوب پر سندس پڙهڻ ڪنهن جي ڪم نه آيو. مطالعو ڪري جيڪو پروڙيائين سو ڪٿي لکيائين ڪونه.“ پنهل لاکي سندس وڪالت جي ڏانو جي واکاڻ به ڪئي ته گڏو گڏ ساڻس شڪايت به ڪئي ته ڪڏهن ڪڏهن قانوني طور پاڻ کي گهڻو عقلمند سمجهي اسان جهڙن کي مارائي به وڌائين ٿي. چاچا ڪريم جيسين صفائي پيش ڪري پنهل چيو ”ٿيو ايئن جو اسان سائين جي ايم سيد جي حق ۾ مظاهرو ڪيو ته مٿس ڪيس هلايو“ آءُ ڏسندو رهجي ويس ته اها ڪهڙي همدردي هئي سندن سائينءَ سان! پر ڳالهه نه ڪٽيم ۽ هن جاري رکيو ”مظاهرو به ڪورٽ جي گيٽ اڳيان ڪندڙ هجون. ڪامريڊن جو وڏو ٽولو هجي ۽ جو اچي پوليس ڪڙڪي ته ننڍا وڏا ڏنڊا اهڙين اهڙين جاين تي هنيائون جو نه ڏَسڻ جهڙا نه ڏِسڻ جهڙا رهياسين. ڪي ڀڳا ڪي پاڻ ڇڏائي ويا. پوليس ڇڪي تاڻي اسان (بشمول چاچا ڪريم) 27 ڄڻن کي سوگهو ڪيو. واڙي وڃي وڌائون سينٽرل جيل. پر اهي قبولين ئي نه ڇو ته 27 ڪامريڊ سنڀالڻ جيلر لاءِ مذاق نه هو. اتان کڻي پُهتا لانڍي جيل. انهن به جواب ڏنو ته اسان کي نه کپن. ڪوڙو جواز اهو ڏنائون ته جڳهه ناهي. نيٺ طئي ٿيو ته ٺٽي وڃو. پر ڀلو ٿئي چاچا ڪريم جو جنهن جيلر سان بحث ڪيو ۽ اسان کي اتي جاءِ ملي.“ اها اڳتي هلي خبر پئي ته چاچا ڪريم کي اڄ جيان تڏهن به بُک گهڻي ۽ زوردار لڳندي هئي. ان ڏينهن به کيس بُک اچي ورايو هو تڏهن پئي اها تڪڙي قبوليت ورتائين نه ته منگهڻ جهڙا لانڍيءَ جا تهڙا ٺٽي جي جيل جا. پنهل قصو اڳتي وڌايو ”ضمانت ڪرائي جو آجا ٿياسين ته ٻه ٽي پيشين کان پوءِ سنگت صلاح ڪئي ته هاڻي پيشي تي هلبو ئي نه. هيڏانهن ڪريم چانڊئي جي صلاح ته قانوني طور پاڻ کي پيش ٿيڻ کپي. ٻين ته نه ٻڌس پر مون کي هتان هُتان جون هڻي وڃي پيش ڪيائين. جج به جهڙو ڇريل نانگڻ هجي. ڏسندي ئي چيائين پوليس بلائو. اندر ڪرو اس ڪو. جب تشريف پي کٽمل ڪاٽين گي تو سمجهه آئي گي ڪيس ڪيا هوتا هي اور پيشي ڪسي ڪهتي هين؟ چاچا ڪريم جيڪو مون کي آسرا ڏيئي ڪيس مان جان ڇڏائڻ جي پڪ ڏيئي وٺي آيو هجي سو ڪنڌ هيٺ ڪري ايئن بيٺو هجي جهڙو مون سان ڪڏهن ڪو واسطو ئي نه هئس. جج مائي مون کان پُڇيو ڪيا ڪرتي هو؟ چيم ڪارپينٽر هون. پڇيائين بچي ڪتني هين؟ چيم 12. . . . . چئي اڇا! ڦر ڀي ڪارپينٽري ڪرني ڪا وقت مل جاتا هي؟ بچون ڪي وجه سي ڇوڙ رهي هون. آئنده پيشي پي هين آئي تو سمجهتي هو“ پنهل ٻُڌايو ته ان ڏينهن ٻارنهن ٻار ڄڻڻ جي محنت رنگ لاتو ۽ سندن صدقي ان ڇِتي جج مون کي اندر نه ڪيو. ڪريم چانڊئي ان جُٺ جو ازالو ايئن ڪيو ته پنهنجي سياسي ساٿي عبدالخالق جوڻيجو کي وڪيل ڪرائي اسان کي به پاڻ سان گڏ ڪيس مان بري ڪرايائين. پُنهل لاکي جون ڳالهيون ٻُڌي کِل به آئي ته حيرت به ٿي ۽ سوال اهو ته آخر هنن اهڙو انوکو احتجاج ڪيو ڇو؟ چاچا ڪريم ڏانهن رجوع ڪيم ته پُنهل 12 ٻارن جي هاڻي ايندڙ پيداوار مان هڪ پوٽي کي هنج ۾ کڻ ٿيو روانو. چاچا ڪريم قصو ”ش“ سان شروع ڪيو. ”پنهل جيڪا ڳالهه ڪئي سا ته 1995 جي آهي سا ته سائين جي وفات کان ڪي ڪجهه مهينا اڳ جي. اصل قصو آهي سن 1992 جو آهي. ٿيو ايئن جو پارٽي جي ڌڙن (سائين جي هوندي ئي ڌڙا ته هوندا هئا) ۾ اتفاق نه پيو ٿئي ته سائينءَ جي سالگرهه سن ۾ ڪجي يا ڪراچيءَ ۾؟ نيٺ طئي ٿيو ته ميڊيا ڪوريج توڙي ماڻهن جي شرڪت جي آساني ڪراچيءَ ۾ آهي تنهنڪري هن ڀيري سالگرهه ڪراچي ۾ ڪجي. سالگرهه تقريب لاءِ گڏيل طور ڪجهه اصول به طئي ٿيا جن مان هڪ اهو به هو اتي پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ٿيندي. هونئن به اسان جو منشور سنڌ جي خودمختياري آهي نه ڪي پاڪستان ٽوڙڻ. پر جڏهن تقريب شروع ٿي ته گل محمد جکراڻي نعرو ئي اهو هنيو ۽ هوڏانهن ايجنسيون سڄاڳ ٿيون. سائين تي رياست ڪيس داخل ڪيو. پر سائين به جيسي ڪو تيسا واري ڪار ڪندي چيو ته آءُ ڏوهه نه قبوليندي ايف آءِ آر جا تفصيل وٺي دفاع ڪرڻ بجاءِ ڏوهه قبوليندي آئين حق استعمال ڪندي ڏوهه جو سبب لکت ۾ بيان ڪندس. سائين عدالتي بيان لکڻ شروع ڪيو. جنهن جي خبر خابرو ادارن ذريعي رياست کي به پئي. هاڻي جيڪڏهن ڪيس تان هٿ پيا کڻن ته به مزو نه پيو ٿئي. سائين کي پيش پيا ڪن ته سائين وٽ مضبوط مؤقف ۽ زيادتين جو ثابتي سان بيان هجي (جيڪو اڳتي هلي سنڌ ڳالهائي ٿي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو). پوءِ ڇا ڪيائون جو سائين کي پيش نه ڪن. 3 مهينن لاءِ نظر بند ڪن. هڪ ڏينهن باقي هجي ته ڪاغذن ۾ نظر بندي ختم ڪري هڪ ڏينهن جي فرق سان وري نظر بند. سائين جو ڪيس پينڊنگ ۾ رکن. وڪيل ڪارڪنن جي چوڻ تي اڳ ۾ رکائين ته هو ڄاڻي واڻي ابتي ترتيب سان ڪيس ڪڍن. صفا سوڙها ٿين ته ڪنهن نه ڪنهن جج کي طبيعت جو بهانو ڪري ڊي بي ٽوڙي ڇڏين. نيٺ تنگ ٿي اسان ڪارڪنن اهو احتجاج ڪيو ته سائين تي ڪيس هلايو“. چاچا جي ٻُڌايل ڳالهه سان منجهيل سُٽ سُلجهيو. پر قصو دلچسپ هو پُڇيم ”اڳتي ڇا ٿيو؟“ ”ٿيو ايئن ته اسان جي ڏينهن ڪا مٿان ئي ڦِٽل هئي. اهو پي پيءَ جو دور هو، نواز شريف کي ڪراچي اچي جلسو ڪرڻو هو ۽ حڪومتِ وقت کي اهو روڪڻو هو. انهن هڪ ڏينهن اڳ ئي ڪراچي ۾ جلسي جلوس تي پابندي هڻندي قلم 144 لڳايو هو. اسان جو احتجاج به اتفاقاً ان ئي ڏينهن ٿيو. هڪ ته اسان تي هونئن ئي سڀني جي ڪاوڙ ٻيو ته کين نواز شريف کي ڊيڄارڻ جو مثال قائم ڪرڻ جو به سُٺو موقعو هٿ آيو. ايئن اسان رڳڙي ۾ آياسين. ڏاڍي مار ڏنائون. مون کي بندوق جي پُٺ تي لڳل ڪاٺ جا چَڏن ۾ ڌڪ هنيائون. ”1995 کان پوءِ ٻار ٿيا اٿؤ“ ڳالهه ڪٽيم ”نـــه“ چاچا فورن چئي ڳالهه اڳتي وڌائي (لڳي ٿو سوچڻ ۽ خاطري ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پئي چاچا کي) ”ماريائون ته ڏاڍو پر ڪامريڊ لڏو هجي سو ڪا جيل به نه پئي قبولي. وڙهي جهيڙا ڪري لانڍي جيل ۾ گهڙياسين. پر تيستائين پارٽي وارن زور بار وجهي اسان کي جيل اندر زور آزمائي کان بري ڪرائي وڌو“. پڇيم ”پوءِ گهڻا ڏينهن جيل ۾ هيؤ؟ ضمانت ڪيئن ٿي؟ پنهل لاکو پيشيءَ تي ڇو نه پئي هليو؟“ ”ها اهو ايئن ٿيو ته اسان ڪامريڊن جي ساک اهڙي هجي جو ڪو پنهنجو عزيز به ضمانت لاءِ ڪا شيءِ نه آڇي. سنگت جي آسري ته قيمتي شيون گروي ڏيئي اسان جي ضمانت ڪرائي. ان ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا. اسان سچل ڳوٺ وارن لاءِ سگا ۽ سنگم پبلڪيشن جي حوالي سان سڃاتو ويندڙ ڪرم الاهي چنه پنهنجي گاڏيءَ جي ڪاغذن جي قرباني ڏني. هڪ همراهه جو دوست ته پنهنجي بحري لانچ جا ڪاغذ کڻي اچي رکيا. پر ڪامريڊ هڪ دفعو جو ٻاهر نڪتا ته پيشي تي نه هلن. هڪ ٻئي کي ڏسي سڀ وڃن ڪنڌ ڪڍائيندا. آخر ۾ وڃي بچيس آءُ. جج جو ته پنهل کان ٻُڌئي نه ڪهڙي ڇتي مائي هجي. ڌمڪي ڏنائين ته سڀني کي وٺي آ نه ته توسان ڪاروائي ٿيندي. تنهنڪري ڏٽا ڏيئي پنهل کي وٺي ويس پر مائي صفا ڪاوڙيل هئي. دڙڪا دهمان ڏاڍا ڪيائين پر وري به آجا ته اهي ئي ٿيا نه جيڪي آخري پيشين تي هليا. ٻيا اڄ به ان رڪارڊ ۾ مفرور آهن.“ کلندو به رهيس سوچيندو به رهيس ڇا ڇا نه ٿيندو آ زندگيءَ ۾.
چاچي ڪريم جا قصا گهڻا آهن ... هن وڪالت ڪندي پهرين ڏينهن ئي همراهه کي ضمانت بجاءِ اندر ڪرايو هو ..... خير ان قصي مان به ڪجهه شيون سينسر پيون لڳن.