حسن سرڪار کي آهي سدا سينگار جي ڳڻتي سدائين پيار وارن کي وصالِ يار جي ڳڻتي پڪا ٿي ويا پرين ڏاڍا، خبر ناهي ته ڇا ٿيندو نه ٿي تيماردارن کي، اگر بيمار جي ڳڻتي. مريضِ عشق جي حالت وڌندي ٿي وڃي جاني نه جهوريندي پڇاڙيءَ جو، ديدار جي ڳڻتي نه گهٽ گهيڙ جو کٽڪو، نه درياءَ تار جو اُلڪو، رڳو سهڻيءَ جي من ۾ آ، مٺي ميهار جي ڳڻتي. محبت ڪئي اٿم سوچي، نڀائڻي لازمي آهي، رهي ٿي روز و شب ”راشد“ برهه جي بار جي ڳڻتي. _____ مرشد جلال چانڊيو / راشد مورائي