رول روائينڊ “زنده هي ڀٽو زنده هي”

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    رول روائينڊ
    پُراني وي.سي.آر ۾ ڪيسٽ لڳي ٿِي، بليڪ اينڊ وائٽ فلم هلي ٿِي جنهن ۾ نعرن جي گُونج هُجي ٿِي ”زنده هي ڀٽو زنده هي“، اکيون آليون آهن، وڏي انگ ۾ ماڻهون، تابُوت، رول روائينڊ ٿئي پيو، ڦاسيءَ گھاٽ تان هڪ ڪلين شيو شخص هڪ سپاهين سان واپس ڪنهن ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي پيو، جلاد جون اکيون شرم وچان جھُڪيل آهن، شخص کي جيل جي ڪنهن ڪوٺڙيءَ ۾ واڙيو وڃي ٿو، رول اڃا به روائينڊ ٿئي پيو، سڀ ڪُجھ روائينڊ پيو ٿئي، سگار جي دونهين سان جيل جي ڪوٺيءَ جو ماحول ٻوساٽيل لڳي ٿو، شخص کنگھي ٿو، ڪُجھ لکڻ چاهي ٿو، پين واپس رکيو ڇڏي، هڪ ڦاٽل پنو سڌو ۽ اصلي حالت ۾ ٿئي ٿو، رول روائينڊ گھڻو ئي روائينڊ ٿئي ٿو، ساڳيو شخص وزارتِ عُظميٰ جي ڪُرسيءَ جي تي ويٺل هُجي ٿو، هڪ وڏين مُڇين وارو نوجوان وٽس اچي ٿو، ڪن ۾ ڪُجھ سڙٻاٽ ڪري ٿو، شخص پريشان ٿي وڃي ٿو، رول روائينڊ ٿئي پيو، ساڳيو ئي وڏين مُڇين وارو همراه وٽس ٻيهر اچي ٿو ۽ پاڻ ۾ هڪ معاهدو طئه ٿا ڪَن. اچانڪ رول روائينڊ ٿيڻ بند ٿئي ٿو ۽ رول تي 2017 جي رنگ برنگي فلم هلي ٿِي،ڪوبه چهرو ساڳيو نه هُجي ٿو جيڪو بليڪ اينڊ وائٽ ۾ هو، هڪ شخص جو صرف ڪُجھ مهانڊو ملي ٿو، ها! اهو ته وڏين مڇين وارو شخص هو جنهن ڪن ۾ سڙٻاٽ پئي ڪيا، واپس بليڪ اينڊ وائٽ رول ۾ اُن جاءِ تي پهچي ٿو جتي ڪن ۾ سڙٻاٽ ٿا ڪَن، واليوم وڌائي ٿو رول روائينڊ ڪري پلي ڪري ٿو، آواز اچي ٿو ، مُڇين وارو ڳالهائي ٿو”میاں! آپ تو مروگے ہی، ہمیں بھی مروائو گے“
    ڪلين شيو شخص چويس ٿو: ”نہیں بیٹا! میں اگر مر جائوں تو میرا بدلہ لینا!“
    ”میں کس سے بدلہ لوں؟“
    ”قوم سے۔۔۔“
    فلم ڏسندڙ 50 سالن جي پوڙهي تي سڪتو تاري ٿيو وڃي، ڳالھ سمجھ اچي وڃيس ٿِي.. هُو اُٿي ٿو ۽ دريءَ ٻاهران جُلوس ٿو نِڪري، نعرا ٿا لڳن، ”زنده هي ڀٽو زنده هي“، پوڙهو دريءَ مان بيهي جوش ۾ نعرو هڻي ٿو ”نعرائي ڀٽو“ دريءَ ٻاهران جلوس مان يڪ آواز جواب ملي ٿو ”جئي ڀٽو“ ۽ پوڙهو خوش ٿئي ٿو...
    وقت اُن پوڙهي جي قسمت تي روئي ٿو ....

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو