وائِي اچوڙي سُورن واريون، ڪرِيون سُور پَچار، ڪِن گھڻا ڪِن ٿورڙا، ڪانهي سُورن ڌار، مونکي ڏنا جي ڏاتار، ته مُون جھولِي پائي جھَليا. _________________ آهي ارمان عجيبن جو، مونکي نال نه نِيائون، نال نه نيائون، الئه ڇاکان ڇنائون... نازڪ ڌاڳا نِينهن جا، ويٺي وٽيائون، نال نه نيائون. ڀنڀا وار ڪُلهن تي، ڇَتا ڇوڙي ڇڏيائون، نال نه نيائون.. اديون شاھ لطيف چئي، وڇڙيا گڏيائون، نالو نه نيائون... وائي : شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه آواز : عاشق نظاماڻِي