ننڍپڻ ۾ سائيڪل تي سواري ڪندي هميشه لطف ملندو هو۔۔۔ پر بابا سائين جي نصيحتن کان ۽ امڙ جي دڙڪن جو ڊپ به رهندو ئي هو۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو سواري ڏاڍي مزيدار هوندي هئي ان ڪري لڪي ڇپي گهر وارن کان اک بچائي سائيڪل ٻاهر ڪڍي گهمڻ جو مزو وٺڻ لاءِ اڪثر مون کي وحيد کي پنهنجي جيب خرچي به ڏيڻي پئجي ويندي هئي۔۔۔۔ (ته جيئن راز راز رهي)
هاڻي جڏهن پنهنجا ٻار ان عمر کي پهچندي ٿا ڏسون ۽ سندن شوق به ساڳيا ۽ وري فرمائيش به سائيڪل جهڙي ته احساس ٿو ٿئي ته امڙ ۽ ابا کي اسان جو ايترو فڪر ڇو هيو۔۔۔
پر اڄ جي جديد دور ان جو به حل ڳولي ورتو۔۔۔ ها سائين سائيڪل کي سواري طور هلائڻ کي جتي چين جهڙي ملڪ ۾ اهميت ڏني ٿي وڃي۔۔۔ جن مطابق پيٽرول جي بچت، ماحول جي آلودگي ۾ ڪمي ۽ پئسن جي بچت صرف سائيڪل جي سواري ۾ آهي اتي ڪافي اهڙا ملڪ به آهن جتي سائيڪل سواري رِسڪي ڪم به آهي۔۔۔۔
هونڊا ڪمپني اهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي ننڍي توڙي وڏي جي هن شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ايڪسرسائيز جهڙي اضافي خوبي سان هڪ اهڙي سائيڪل تيار ڪري ورتي آهي جنهن کي انڊور سائڪلنگ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو۔۔۔۔
تصوير ڏسي تصور ۾ ئي مزو وٺو ڇو ته في الحال هي سائيڪل خريد ڪرڻ پنهنجي وس ۾ ناهي۔۔۔۔