بي بي سي جي خبر موجب، بلوچستان لبريشن فرنٽ ـ بي ايل ايف، بلوچستان جي شهر خاران ۾ 5 سنڌي پورهيتن جي قتل جي ذميداري قبول ڪئي آهي ـ ياد رهي ته ساڳي گروپ 2 ورهيه اڳ، 11 اپريل 2015 تي 20 سنڌي پورهيتن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري کين تربت ويجھو گوليون هڻي قتل ڪيو هو. انهيءَ گروپ جو سربراهه ڊاڪٽر الله نذر بلوچ هو جيڪو فوجي آپريشن ۾ جهنم رسيد ٿيو ـ هن بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چٽن لفظن ۾ مڃيو ته هن سنڌين کي شهيد ڪيو آهي ۽ وڌيڪ سنڌين کي شهيد ڪندو