• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

))توهان کي ڇا ڇا نه ملندو دادو ۾

Asghar Ali Jamali

سينيئر رڪن
منهنجي دادو جو حال جو ڏسندين پرين دماغ چڪر کائي ويندوئي ڇو ته اها هر شيء منهنجي دادو ۾ توهان کي ملي ويندي جيڪا توهان جي خيال ۾ ڀي نه هوندي
مثال ٿو ڏيان مگر ڪري ناراض نه ٿي وڏي مان وڏي شيء توهان کي اهيا ملندي جو ڪنهن ڀي گهٽي ۾ ويندوء توهان کي ڪچري جا ڍير ئي ڍير نظر ايندا توهان کي صفائي ٿيل نه ملندي جيڪر ملندي ڪچري تي وٺل ننڍڙي ٻارڙي ملندي جيڪا اهيا خواھش دل ۾ رکي ڪچري مان پلايسٽڪ جون خالي بوتلون پي گڏ ڪندي آ ھي ۽ سوچيندي آھي اڄ ڀي منهنجي جيجل امان بک تي نه سمهي اڄ منهنجي جيجل جي دوا جا پئسا ٿين
ٻيو توهان کي ملندو منهنجي دادو ۾ غريبن جو حق ڦٻائڻ وارن جو گروپ انهن گروپن جو اهو ڪم هوندو آھي هر رات شراب ۽ ڪباب جون محفلون رچائڻ وارا اوگهاڙيون رنون نچايڻ ۾ مصروف رهڻ وارا انهن کي ڪو اهو احساس نامي ڪنهن شيء جي ڪا ڀي خبر ئي ناهي هو پنهنجي مستي ۾ مڱن آهن انهن کي اهيا خبر ڀي ناهي ته ڪنهن جا ٻارڙا بک تي ستا ڪنهن درد و غم جي سبب وڃي ٻارڙا ويڪا خدارا ڪجه ته احساس ڪيو غريب جي ٻچن جو ۔
هتي توهان کي ملندا امير جا ڪتا ڀي پيا هوندا پلنگن تي ستا پر ڪڏھن توهان کي نه ملندا ته غريب ٻارڙن کي اسپتال ۾ ڪو بيڊ نه ڪا دوا نه ڪا عطا جيڪر ملندا ته توهان کي اميرن جي بسترن کي نوازڻ وارا گهڻا ۔
هتي منهنجي دادو ۾ توهان کي ڇا ڇا نه ملندو ها ها غريبن لاء خارو پاڻي ڪاڇي ۾ دوٻن جو پاڻي ها ها اميرن لاء توهان کي نظر اچي ويندا اهڙا هزارين جيڪي شراب جون بوتلون پهچائڻ وارا

توهان کي منهنجي دادو ۾ ڇاڇا نه ملندو
هاڻ 20 ڏينهن اڳ هڪ ننڍڙي معصوم تي 11هزار تار ڪري آھي ڪو انهي معصوم جي مدد ڪرڻ وارو ڪون هو توهان کي ڪو همدرد نظر جي ڪنهن افق تي نظر نه ايندو
توهان کي منهنجي دادو ۾ روڳو وياج جو ڪاروبار نظر ايندو
ڪريپشن جي خاتمي جون ڳالهيون ڪرڻ وارا ته گهڻا نظر جي ڌار تي ته نظر ايندا مگر انهن جي آفيس ۾ اهڙا کوڙ لفافا پيٽ جي خانن ۾ پيل محسوس ٿيندا جيڪي هنن جي حلال ڪمائي جو سبب هوندا
منهنجي دادو ۾ توهان کي ڇا نه ملندو
2مهينا اڳ هڪ صغير معصوم جو نڪا ڪيو ويو هڪ وڏي عمر جي ماڻھون سان هتي ماڻھون لکندي منهنجو اندر ۾ جير جير ٿيو ٿو وڄ دل ٿي ته چوي گڏھ لکان ته ڀلو
انهي ننڍڙي جي جڏهن روکصتي ٿي هر طرف ڪهرام متل هو پوري گوٺ کي راڪاس گهومي ويو هو ۽ ننڍڙي جي امڙ جو اهو عالم هيو جو هن کي اسپتال جا دروازا ڏسڻا پيا ۽ مون ٻڌو آھي ته هاڻ ويچاري مڪمل ننڍڙي جي صدمي ۾۔چري ٿي چوڪي آھي
توهان کي ڇاڇا نه ملندو منهنجي دادو ۾۔۔۔۔۔۔
اصغر علي جمالي
03113072726
03438396390
 
37084671832_a72da2228a_o.jpg
 
Back
Top