نوابشاهه جو سير سنڌ هڪ سهڻو ۽ ستابو علائقو آهي، جنهنڪري سنڌ جا شهر به ٻين علائقن جي شهرن کان هڪ قسم جي علحدگي ڏيکارين ٿا. لڏپلاڻ کان پوءِ ڪن شهرن تي به اُن جو اثر پيو، جنهنڪري اُهي شهر پنهنجي اصلوڪي رونق وڃائي برباد ٿي ويا آهن، ته ڪي وري نئين سر آباد ٿيا آهن. هيءُ شهر به انهن مان هڪ آهي. نوابشاهه شهر ۾ اڳي اڪثريت رڳو هندن جي هئي، پر لڏپلاڻ کان پوءِ هتي گهڻا غير سنڌي اچي آباد ٿيا آهن، ۽ هاڻي اڳي کان هيءُ شهر گهڻو وڌي ويو آهي. هي ضلعي جو پهريون نمبر شهر هجڻ سان گڏ ضلعي جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي ۽ منجهس اٽڪل لک کن آدم رهي ٿو. هتي جي اصلوڪي رهاڪن ۾ محبت ۽ جانثاري جو جذبو گهڻو آهي. نالو: هي شهر اصل ۾ هڪ ڳوٺ هو جو نوابشاهه نالي هڪ سيد اَڏايو هو. 1901ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کان پوءِ، هيءُ شهر وڌيو ۽ سُڌريو آهي. ريلوي اسٽيشن: مين لائين تي هيءَ هڪ مکيه ريلوي جنڪشن آهي. هتان هڪڙي لائين سڪرنڊ ڏانهن وڃي ٿي، ۽ ٻي ميرپورخاص ڏانهن. هتي سڄو ڏينهن گاڏين جي اچ وڃ لڳي پيئي آهي. مکيه رستا: نوابشاهه جي اسٽيشن تان لهي سڌو اولهه طرف اچبو ته هڪ وڏو گول چڪرو ڏسڻ ۾ ايندو، جتي چار رستا اچي ملندا آهن. هڪ اهو رستو جيڪو اسٽيشن کان انهيءَ چڪري تائين اچي ٿو، اهو اسٽيشن روڊ سڏجي ٿو. ٻيو رستو مسجد روڊ سڏجي ٿو، جو جامع مسجد وٽ ختم ٿئي ٿو. ٽيون رستو ڏکڻ طرف مارڪيٽ ڏي وڃي ٿو، جنهن کي مارڪيٽ روڊ سڏبو آهي. اهو رستو شهر کان ٻاهر وڃي ختم ٿئي ٿو. چوٿون رستو چڪري کان اُتر طرف وڃي ٿو جو سڌو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس جي بلڊنگ وٽ وڃي ختم ٿئي ٿو، ان کي ”مُني بزار“ ڪري چوندا آهن، جو دراصل ”موهني بزار“ جو بگڙيل نالو آهي. موهني بزار وارو ٽڪر صفائي، سٺائي ۽ سهڻائيءَ جي لحاظ کان سڄي شهر ۾ پهريون نمبر آهي. هن ٽڪري ۾ خاص ڪري وڏا وڏا دڪان، آفيسون ۽ ڪپڙي جي هڪ مارڪيٽ پڻ آهي. شهر ۾ ٻيا به ڪي مکيه رستا آهن، جهڙوڪ سڪرنڊ روڊ وغيره. ازانسواءِ، شهر جي وچ مان لائين لنگهي ٿي، جنهنڪري شهر ڄڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. مٿيون احوال اولهه واري حصي جو آهي. شهر جي اوڀر واري حصي کي ”لائين پار“ سڏبو آهي. نقشو: هن شهر جو نقشو لاجواب آهي. هتي جا رستا ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙا ڪشادا ۽ ويڪرا آهن: چَپي چَپي تي، چار رستا اچي پاڻ ۾ ملندا آهن. اُتي جاين جون ڪُنڊون به گولائيءَ تي مُڙيل آهن ۽ انهي ڪري اُهي وڏا گول چوڪ جلسن ۽ تقريرن ڪرڻ لاءِ بلڪل موزون آهن. ميونسپالٽيءَ وارن، اهڙن ڪن چوڪن تي بئنچون وغيره رکائي ڇڏيون آهن. ڪن جاين تي پارڪ، جهڙوڪ چڪري ۾ رکيل آهي. هيءُ پارڪ انهيءَ لاءِ آهي ته ماڻهو شام جو اُتي ويهي تازي ۽ کليل هوا کائين. شهر جون مکيه جايون جامع مسجد: چڪري کان اولهه ڏانهن رستو جتي وڃي ختم ٿئي ٿو، اُتي جامع مسجد آهي. هن عمارت جي صدر دروازي کان اندر هڪ وڏو ميدان آهي ۽ پوءِ مسجد جي اصل عمارت آهي. عمارت قديم آهي ۽ سنڌ ۾ اَڏاوت جي ڪاريگريءَ جو سٺو مثال آهي. ڪاشيءَ جو ڪم هن مسجد ۾ گهڻو آهي، ۽ منجهس ديني تعليم لاءِ پڻ مدرسو آهي. عيدگاهه: جامع مسجد سان لڳ پٺئين پاسي اولهه طرف عيدگاهه جو وڏو ميدان آهي، جنهن کي چوڌاري ديوار ڏنل آهي، ۽ اندر وڻ قطارن ۾ آهن، جنهنڪري اُس کان بچاءُ آهي. واپار: هن ضلعي جي آبادي زرعي لحاظ سان سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. اُهوئي سبب آهي جو هتي واپار گهڻو هلي ٿو. واپاري لحاظ کان هي شهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سان ڳنڍيل آهي. هتي جي ڪپهه ۽ سَرنهن مشهور آهن. شهر ۾ به ڦٽين ٽاڻڻ جا ست- اٺ ڪارخانا آهن ۽ هڪ کنڊ جو ڪارخانو به زير تعمير آهي. تعليم: هن شهر ۾ شاگردن جي تعليم جو خاطرخواه انتظام آهي. ٽي ڇوڪرن جا هاءِ اسڪول آهن ۽ تنهن کان سواءِ هڪ ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول پڻ آهي. هڪ آرٽس ڪاليج، هڪ سائنس ڪاليج ۽ هڪ لا ڪاليج پڻ آهي. انهيءَ کان سواءِ هڪ اورينٽل ڪاليج ۽ ڪيترا پرائمري اسڪول به آهن. ٽئ يونيورسٽيو آهن شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي قائدعوام يونيورسٽي پيپلس ميديڪل يونيورسٽي هاءِ اسڪول جو باغيچو تفريحگاهه: هن شهر ۾ پبلڪ جي تفريح لاءِ باغ باغيچا وغيره گهڻا ڪونه آهن، ڪي چند پارڪ آهن جهڙوڪ: چڪري وارو پارڪ، جتي ماڻهو اڪثر ڏسڻ ۾ ايندا آهن. چڪري وٽ هڪ ميونسپل لائبرري پڻ آهي، جتي عام ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ اخبارون، رسالا وغيره موجود هوندا آهن. ٻين تفريحگاهن ۾ ٻه سئنيمائون ڳڻي سگهجن ٿيون: هڪ نشاط، ۽ ٻي ريگل. نشاط سئنيما ريل جي اوڀر طرف يعني لائين پار آهي. شهر ۾ ڪي خانگي باغ يا پارڪ آهن، پر عام ماڻهن کي انهن جي اندر اچڻ جي اجازت ڪانهي، جيئن ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول جو باغ. ڪجهه عرصو اڳ اهو ٽڪرو بلڪل جهنگ هو، مگر اسڪول جي لائق ۽ قابل هيڊ ماستر صاحب انهيءَ کي باغ بڻائي ڇڏيو. ڊي. سي. هاءِ اسڪول هاسٽل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪول ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، هيٺين ڪلاسن جي پڙهائڻ لاءِ جدا برانچ آهي. اسڪول جي اڳيان ٽي وڏا پارڪ آهن، جن جي چوڌاري گُلاب، موتيو ۽ ٻيا قسمين قسمين گلن جا ٻوٽا پوکيل آهن. مٿين درجن لاءِ اڳوڻي ولس هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ جو انتظام آهي. هن بلڊنگ جي اڳيان ۽ پاسن کان عاليشان پارڪ ۽ گلن جا قسمين قسمين ٻوٽا آهن. هتي هڪ ننڍو باغيچو به آهي، جنهن ۾ قسمين قسمين ۽ رنگارنگي گل تمام سهڻي نموني ٻارين ۾ ڊرائنگ جي نقشن سان رکيل آهن، جي ڏسندي حيرت وٺيو وڃي. واقعي هن ٽُڪري کي جيڪڏهن بهشت چئجي ته انهيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هتي صبح جو سوير شهر جا ڪيترا ئي ماڻهو باغ جي نظاري ڏسڻ ۽ هواخوريءَ لاءِ ايندا آهن. ان وقت باغ جو نظارو بيحد وڻندڙ هوندو آهي ۽ گلن جي چؤطرف هُٻڪار هوندي آهي. هي باغيچو جنهن ڏٺو هوندو اُهو ساراهه مان ڍاپندو ئي ڪونه. شايد گُلن جو ههڙو وڻندڙ نظارو لاهور جي شالامار باغ ۾ به نه آهي. تنهن کان سواءِ، هِن اسڪول کي هڪ عاليشان ٻه- ماڙ هاسٽل ۽ هڪ عاليشان مسجد ۽ شاهوڪار شاگردن جي جدا هاسٽل پڻ آهي. هنن سڀني جاين جي اڳيان وڏا عاليشان پارڪ آهن ۽ اُنهن ۾ ويهڻ لاءِ بئنچون رکيل آهن. اسڪول جي استادن جي لاءِ خاص ڪوارٽر پڻ ٺهيل آهن. راندين ۾ جيمخاني سان گڏ، ڪرڪيٽ والي بال، فوٽ بال ۽ هاڪي لاءِ جدا جدا وڏا گرائونڊ پڻ آهن. اسڪول کي ٻه لائبرريون آهن، جن مان هڪ اسڪول جي ۽ ٻي هاسٽل جي آهي. اسڪول ۾ اٽڪل ڏيڍ لک روپين جي خرچ سان ”لطيف هال“ نالي هڪ اهڙو عاليشان هال بنايو ويو آهي، جو هرقسم جي جلسن لاءِ موزون آهي: منجهس ڊراما، فلمون ۽ تقريرون به ڪيون وينديون آهن. ههڙو هال نوابشاهه شهر ۾ اڳي ڪوبه ڪونه هو. هي هال به ڊي. سي. هاءِ اسڪول طرفان ٺهرايو ويو آهي. راندين لاءِ اسٽيڊيم: تازو هن شهر ۾ راندين لاءِ اسٽيڊيم پڻ ٺهرايو ويو آهي. اسپتال: هتي سرڪاري اسپتال سان گڏ هڪ زناني اسپتال پڻ آهي، ۽ تنهن کان سواءِ ريل جي اوڀر واري حصي ۾ عيسائين جي ”مريم اسپتال“ آهي جا به هڪ وڏي ۽ سٺي اسپتال آهي. مريم اسپتال ۾ فقط عورتن جو علاج ڪيو ويندو آهي. مال جي پِڙي: هتي روزانو چوپائي مال جو وڪرو ٿيندو آهي، جنهن لاءِ ٻهراڙي جا ۽ شهر جا ماڻهو هتي اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ چوپائي مال جي خريد فروخت ڪندا آهن. هوائي اڏو: نوابشاهه جو هوائي اڏو مهاڀاري لڙائيءَ وقت انگريزن ٺهرايو هو. اهو تمام وڏيءَ ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. تازو حڪومت پاڪستان هن اڏي کي جديد طريقي سان سڌارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت جي پڌرائيءَ مطابق ڪراچيءَ کان پوءِ صوبي ۾ هي ٻيو نمبر وڏو هوائي اڏو آهي. موسم: هي شهر موسم جي لحاظ سان عجيب قسم جو آهي، سياري ۾ گهڻو سيءُ پوي ۽ اونهاري ۾ گهڻي گرمي ٿئي ۽ اُنهيءَ ساڳئي اونهاري ۾ هِن شهر جون راتيون ڪڏهين به وسرڻ جهڙيون نه آهن. اونهاري ۾ سڄو ڏينهن تمام گهڻي گرمي هوندي آهي، مگر قدرت رات اهڙي بنائي آهي جو انهي جي ڪري هتي جي رهاڪن کي ڏينهن واري گرمي وسريو وڃي. رات جو اهڙي ته ٿڌي هير لڳندي آهي جو سڄي رات ماڻهو اک ئي ڪونه پٽيندو آهي، ههڙي ٿڌي رات ڏينهن جي گرميءَ جي سٿايلن کان ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي. شهر ۽ پسگردائي: هن شهر جي چوڌاري سٺو ساوڪ وارو ماحول آهي: چئني طرفن کان باغات رکيل آهي ۽ شهر ۾ به تمام گهڻا وڻ رستن جي ٻنهي پاسن تي رکيل آهن، جنهنڪري هن شهر کي باغن جو شهر (Garden Town of Sind) ڪري چوندا آهن. شهر جي کليل ماحول هئڻ ڪري هتي جي آبهوا ڏاڍي سٺي آهي، شهر ۾ هوادار ويڪريون ۽ ڪشاديون جايون آهن. شهر جي چوڌاري آبادي هئڻ ڪري ساوڪ ئي ساوڪ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. شهر جو ڏاکڻيون حصو، جيڪو ايسرپور جي نالي سان مشهور آهي، سو دراصل ڪنب ليما جا هندو لڏي اتي اچي ويٺا هئا. ۽ انهن جو ئي اڏايل آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنب ليما جو شهر جنهن کي ڌاڙيلن پاڪستان بنجڻ کان ڪي ٿورا سال اڳ ڦُريو هو، سو اتي جا باشندا، ڊپ کان خالي ڪري نوابشاهه لڏي آيا ۽ اتي ايسرپور محلي جو بنياد وڌائون. ڪن پنهنجون جايون اڏائي مڪمل ڪيون ۽ ڪن جو ڪم اڃا هلي رهيو ته لڏ پلاڻ شروع ٿي. جنهنڪري ويچارا پنهنجون جايون اڌ ۾ ئي ڇڏي هليا ويا. افسوس آهي ته بعد ۾ جيڪي انهن جاين ۾ اچي آباد ٿيا تن اهو رهيل ڪم پورو نه ڪرايو، ۽ اهي جايون اڄ اُنهيءَ حالت ۾ پنهنجي ويرانيءَ تي ماتم ڪري رهيون آهن.