خبر ۡ؛ مزاحمتي شاعر احمد خان مدهوش لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جي ادبي حلقن جو سرواڻ، ڀلوڙ ۽ مزاحمتي شاعر احمد خان مدهوش لاڏاڻو ڪري ويو، دل جي مرض ۽ ڪينسر سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا احمد خان مدهوش کي هفتو اڳ اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ڪراچي جي ايس آءِ يو ٽي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪينسر سندس هڏين ۾ پکڙجي وئي هئي، ڪالهه صبح جو هن 80 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو مرحوم شگر، ساهه کڻڻ جي تڪليف، هيپاٽائيٽس ۽ گڙدن سميت ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو، مرحوم جو مڙهه ثقافت کاتي پاران موڪليل ايمبولينس ذريعي سيڪريٽري احمد خان ناريجو جي نگراني ۾ جوهي روانو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪو به سياسي سماجي اڳواڻ نه پهتو، احمد خان مدهوش 2 پٽ شاعر خليل عارف سومرو ۽ شڪيل احمد سومرو ۽ 5 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن، احمد خان بيت، وائي، گيت، ربائي ۽ چوسٽا لکي علمي ادب کي عروج تي پهچايو، هو استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، محسن ڪڪڙائي، احمد خان آصف مصراڻي جو همعصر شاعر هو، هن شاعري ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، احمد خان مدهوش جي وڏي پٽ ۽ شاعر خليل عرف سومرو ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ثقافت کاتي پاران سندس پيءُ جي علاج لاءِ ٻه سال اڳ ٻه لک رپيا ڏنا هئا، جنهن کانپوءِ ڪا به علاج لاءِ مدد نه ڪئي وئي هئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ احمد خان مدهوش جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، احمد خان مدهوش جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، زيب نظاماڻي ۽ ٻين جاري ڪيل پڌرائي ۾ اهڙو اعلان ڪندي ڏک جو اظهارڪيو آهي، صوبائي وزير پير مظهر الحق، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو، شمس جعفراڻي، ڊي جي ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين، نامياري ڏاهي محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، شوڪت حسين شورو، اياز گل، ايم پي اي سجيلا لغاري، ڪلثوم چانڊيو، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي ۽ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي تعزيت ڪندي چيو آهي ته احمد خان مدهوش جو وڇوڙو سنڌ جي شاعري جي ميدان ۾ وڏو خال آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان، سيڪريٽري پروفيسر سيد زوار نقوي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، اسحاق راهي، تاثير جبار سومرو، شاعرعبدالغفار تبسم، ادل سومرو، ممتاز بخاري، ڪي ٽي اين جي پروگرام مئنيجر نور جوکيو، مهر سيمي، منظور سخيراڻي، برڪت علي، نجف علي، ڪي ٽي اين ميوزڪ سيڪشن جي انچارج غلام علي سمون، شهريار علي نقوي، رياض سومرو، تعمير حسين، طفيل احمد سنجراڻي، ديبا سحر، ارشد محمود، شهنيلا علي، عامر شاهه، واحد لاشاري، حنيف لاشاري، عاشق نظاماڻي، انور حسين وسطڙو، سڄڻ سنڌي، مظهر حسين، ذوالفقار علي، غلام علي سنديلو، بيدل مسرور، سليم سومرو، نديم سومرو، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي طرف احمد خان مدهوش جي لاڏاڻي تي خيرپور جي مختلف شاعرن ۽ اديبن مختيار ملڪ، استاد عبدالغفور سومرو، شاهه لطيف فائونڊيشن جي اڳواڻ صاحب خان شيخ، قربان منگي، انور پرديسي، ابراهيم کرل ۽ ٻين چيو آهي ته احمد خان پنهنجي فن وسيلي صدين تائين زندهه رهندو، ميهڙ ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال ۽ لکي غلام شاهه ۾ هارون چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون، جاتي ۾ رسول بخش تميمي، گجو ۾ صحافي اقبال ميمڻ، حنيف ميمڻ، سجاول ۾ سورج سجاولي جي اڳواڻي ۾ تعزيتي ميڙاڪا ٿيا، پنگريو ۾ پڻ تعزيتي گڏجاڻي ٿي.
جواب: ڪاوش ۾ مدهوش جي مرتئي متعلق ڇپيل مختلف آرٽيڪل، ليٽر
مدهوش جا 2 ڪتاب ”دل جون ڳالهيون“ ۽ ”نظر ۾ نظر بند“ ڇپيا، 4 اڻڇپيل، عابده به سندس شاعري ڳائي
حيدرآباد: مرحوم احمد خان مدهوش سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر هوندي به سندس ڪتاب ”اکين جا سنيها“ سال 2008ع ۾ ڇپرائڻ لاءِ ڏنو هو پر اڄ تائين اهو ڪتاب مرڻ گهري تائين شايع ٿي نه سگهيو. جنهن جي مرحوم کي خواهش هئي ته اهو جيئري ئي شايع ٿئي پر شايع ڪونه ٿي سگهيو، مرحوم شاعر احمد خان مدهوش جي شاعري جا 2 ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ ”دل جون ڳالهيون“ ۽ ”نظر ۾ نظر بند“ شامل آهن. جڏهن ته 4 اڻ ڇپيل ڪتاب جن ۾ اکين جا سنيها، ديس ڌرتي لاءِ، مقالا تي مدهوش، وطن خاطر پيل آهن. سندس وفات کان هڪ ڏينهن پهريان مرحوم شاعر احمد خان مدهوش جي نالي سان جوهي ۾ هڪ روڊ هن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، مرحوم احمد خان مدهوش جي شاعري عابده پروين کان وٺي ڪري ممتاز لاشاري تائين فنڪارن ڳائي آهي. اڄ به هن جا مشهور گيت ڪي ٽي اين ۽ ڪشش چينل تان مختلف راڳين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل نشر ٿي رهيا آهن. انهن ۾ سامهون سڄڻ هجي نظر ۾ نظر هجي (راڳي وحيد علي)، مان پکي هان پيار جو (ممتاز لاشاري)، سر لڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي (تعمير حسين)، نهاري ناز مان نازڪ نماڻي دل نهوڙي وئين (عابده پروين)، جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان (برڪت علي) شامل آهن.
جواب: ڪاوش ۾ مدهوش جي مرتئي متعلق ڇپيل مختلف آرٽيڪل، ليٽر
ڪاڇي جي مست شاعر جو وڇوڙو
79 سالن جو جهور پوڙهو، عوام پاران”ڪاڇي جو مست شاعر“ جو لقب ماڻيندڙ احمد خان مدهوش ڪالهه منجهند جو اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. ڪينسر سميت ڪيترين ئي بيمارين کي منهن ڏيندڙ مرحوم احمد خان مدهوش جوهي کان هر مهيني ڪراچي جي اسپتال ايس آئي يو ٽي ۾ چيڪ اپ لاءِ ايندو رهيو، پر جڏهن گذريل مهيني مئي جي چيڪ اپ لاءِ آيو ته ڊاڪٽرن واپس جوهي وڃڻ کان منع ڪري کيس اسپتال ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو. جڏهن مون اسپتال پهچي هن کان طبيعت پڇي ته ڌيمي آواز ۾ اکين ۽ پيرن تي سوڄ چڙهيل هوندي ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ جي باوجود هن ڳالهيو، ”ڀائو هاڻي چڙهڻ مشڪل آهي، منهنجو جوهي زنده واپس وڃڻ ڪونه ٿو لڳي“. ڀرسان ويٺل سندس وڏو پٽ شاعر خليل عارف هن کي ڳالهائڻ کان منع ڪندو رهيو پر پوءِ به هو مون سان ڳالهائيندو رهيو. احمد خان مدهوش جي پيدائش ڳوٺ کان اسپتال ويندي ڊليوري ڏاند گاڏي ۾ ٿي هئي. هن تي احمد خان نالو جوهي جي بزرگ پير ميان محمود رکيو هو. جڏهن ته مدهوش تخلص سندس هڪ دوست رکيو هو. هن پنهنجي شروعاتي شاعري ”نئين زندگي“ رسالي کي ڏني هئي ۽ موٽ ۾ هن کي 75 روپين جو معاوضو ڏنو ويو هو. جڏهن ته پهرين شاعري ڪيسٽي راڳي محمد اسماعيل رند کي ڏني ۽ هن ڳائي هئي، جنهن جا ٻول هئا؛ ”جاني آ تون جوهي“. هن سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ۾ پڻ شاعري ڪئي. دادو ضلعي جي ٻن مشهور شاعرن استاد بخاري ۽ احمد خان مدهوش جي جوڙي مشهور هوندي هئي. پوري پاڪستان جي مشاعرن ۾ هي ٻئي گڏ شامل ٿيندا هئا. مرحوم مدهوش سان اسپتال ۾ علاج دوران ڪيترائي ڀيرا ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو، ان دوران هن ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايو ته، ”جنهن جي ڪري شاعري ڪئي اهو اڄ سوڌو نه ملي سگهيو“. غريب هئڻ ڪري هن سماج سان بغاوت شروع ڪئي ۽ اهڙي طرح هڪ باغي شاعر ٿيو. هڪ ڏينهن پاڻ اڪيلائي ۾ گن گنائي رهيو هو ته هڪ دوست هن کي چيو ته، ”مدهوش“ لڳو پيو آهين ۽ اهڙي طرح هن کي شاعري لاءِ لقب ملي ويو ۽ تخلص رکي ڇڏيائين. مرحوم مدهوش پ پ جو پراڻو ڪارڪن ۽ شهيد ڀٽي جو سچو سپاهي هو ۽ شهيد ڀٽي تي پڻ پاڻ شاعري ڪري چڪو آهي.
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
جواب: ڪاوش ۾ مدهوش جي مرتئي متعلق ڇپيل مختلف آرٽيڪل، ليٽر
مدهوش جي موڪلاڻي...
”موت توکان ڪو آهي پڇاڻو ڪري، ڇو پٽيا زندگانين جا موتيا اٿئي“. پنهنجو هي شعر منهنجي ذهن تي ان وقت تري آيو، جڏهن مون کي اديب دوستن کان اهو ميسيج مليو ته، ”سنڌي ٻوليءَ جو عوامي شاعر ۽ هر ٽهيءَ جو شاعر احمد خان مدهوش اسان ۾ نه رهيو آهي“. مرحوم احمد خان مدهوش سان منهنجي پهرين ملاقات 1997ع ڌاري قلندر شهباز ادبي ڪانفرنس ۾ ٿي هئي. انهيءَ کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ به ساڻس ڪيتريون ملاقاتون رهيون. مرحوم مدهوش جي شاعريءَ کي تمام خوبصورت آوازن ڳايو آهي، سندس پهريون شعري مجموعو 1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ”دل جون ڳالهيون“ جي نالي سان ڇپرايو ويو، ان کانپوءِ سندس شعري مجموعو ”نظر ۾ نظربند“ اعليٰ پائي جي شاعريءَ جو مثال آهي. مدهوش پنهنجي شاعري جي سکيا فيض بخشاپوريءَ کان ورتي، ان کان سواءِ مدهوش تعليم جي پيشي سان به سلهاڙيل رهيو، هزارن جي تعداد ۾ سندس شاگرد آهن. احمد خان مدهوش جو شمار استاد بخاريءَ جي همعصر شاعرن ۾ ٿيندو هو. هن جي وڇوڙي تي دل رت جا ڳوڙها هاري ٿي. ڪي ماڻهو موت کي مات ڏئي ويندا آهن، ڇو جو هو پاڻ لاءِ نه پر قوم لاءِ جيئندا آهن.
”ڀٽائيءَ جي بيتن جيان ڳائباسين
هٿن تي حنائن جيان لائباسين
جتي سنڌ ڌرتي اسان کي سڏيندي
اتي پاڻ ورڪر جيان پائباسين“.
اهڙن ماڻهن کي موت ڪڏهن به ماري نه سگهندو آهي. هو تاريخ جي ورقن ۽ ماڻهن جي سينن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندا آهن.
خطائي ٿيٻو
سنڌ سرڪار کي نظر نه ايندڙ ڏتڙيل سنڌ!
”سنڌ بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقيءَ لاءِ 16-ارب رپيا نه پر مجموعي طور 85-ارب خرچ ڪيا ويندا، مون کي اندرين سنڌ جي ماڻهن کي جواب ڏيڻو آهي، پر ڪا ڳالهه ناهي، ڪراچي اهم شهر آهي، سڀئي هن شهر مان فائدو وٺن ٿا“. مٿيون بيان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو آهي. مڃون ٿا ته ڪراچي واقعي اهم شهر آهي، پر وڏي وزير جي ان ڳالهه سان ڪيئن متفق ٿجي ته ڪراچي مان هر ڪو فائدو وٺي ٿو... ڪراچي مان اتان جا شهري ۽ ٻين صوبن جي عوام سان گڏ افغاني ۽ بنگالي پناهگير ته فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، پر جيڪي هن ڌرتي جا اصلوڪا رهواسي آهن، انهن لاءِ ڪراچي ۾ روزگار توڙي تعليم لاءِ دروازا بند آهن! پوءِ ڪيئن چئجي ته ڪراچيءَ مان هرڪو فائدو کڻي ٿو؟ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هن بجيٽ ۾ وڌ کان وڌ رقم سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ رکي وڃي ها، ۽ جواز اهو ئي ڏنو وڃي ها ته ڪراچي اهڙو ميگا سٽي آهي، جتي ٻين صوبن جي عوام سان گڏ افغان ۽ بنگالي پناهگير روزگار سان لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري وفاق خود ڪراچيءَ لاءِ الڳ فنڊ رکي ۽ سنڌ سرڪار پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو سنڌ جي ٻهراڙين جي ترقي تي خرچ ڪري ها. موجوده سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين جو اڃا سوڌو تدارڪ ناهي ڪري سگهي، سنڌين لاءِ روزگار توڙي تعليم جي حوالي سان ڪراچي جا دروازا اڃا به بند آهن. اسان سنڌ جي عوامي سرڪار کان پڇڻ ٿا چاهيون ته پ پ سرڪار پنهنجي اڍائي سالن جي اقتدار ۾ سنڌي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي؟ پاڻي کوٽ ٿئي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته، ”دعائون گهرو ته مينهن وسي“، اٽي جي کوٽ ٿئي ٿي ته چانور کائڻ جا مشورا ڏنا وڃن ٿا ۽ هاڻي وري سنڌ جي پوئتي پيل علائقن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود نمائنده چونڊيا ئي ڪراچي مان ويا آهن...! ٻين علائقن جا ماڻهو ته سندس ليکي ۾ ئي ناهن! سنڌ جا سوين ننڍا وڏا شهر سرڪار پاران نظرانداز هئڻ سبب تباهه لڳا پيا آهن، ڪنهن به قسم جي سهولت نظر نٿي اچي. ائين جيڪڏهن مجموعي طور سنڌ جي ٻهراڙين جي صورتحال ڏٺي وڃي، ته اتي ماڻهو بنيادي سهولتن کان ئي محروم آهن. هاڻ ته اتي پيئڻ جو صاف سٿرو ۽ مٺو پاڻي به اڻلڀ ٿيندو وڃي، پر سنڌ جي عوامي سرڪار کي شايد اهي مسئلا نظر نٿا اچن، سندن نظر ۾ ”ڪائي ڳالهه ناهي!!“، پر ڳالهه صفا چوٽ چڙهندي وڃي!
امتياز جوڻيجو/سنڌڙي
جواب: ڪاوش ۾ مدهوش جي مرتئي متعلق ڇپيل مختلف آرٽيڪل، ليٽر
خـــــواب نـــــگـــــر
دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري...
محمود مغل
ڇنڇر 26 جون بمطابق 13 رجب المرجب 1431هجريءَ تي ڏينهن جو هڪ لڳي ٽيهن منٽن تي، سنڌ جي عوامي رنگ جي عوامي شاعر محترم احمد خان ”مدهوش“، هوش جي دنيا ۾ پير رکي ڇڏيو. انا لله و انا اِليه راجعون. هڪ دور پنهنجي پڄاڻي کي پهتو، هڪ ڪتاب جا ورق وري ويا، مرڪندڙ، ڀلائي ڪندڙ محبتي چهرو ماٺ ٿي ويو.
اها ماٺ گذريل ڪيترن ڏينهن کان سندس وجود تي حاوي هئي، siut ۾ علاج دوران، حياتيءَ جي جنگ ۾ هار جو احساس ته کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان هيو، ”مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀالجو“، چوندڙ احمد خان سومرو، سڀ سمجهندو هيو آخر ايڏو وڏو عوامي شاعر هو ”ٺلهي“ ۾ ته ڪو نه ٿيو هو نه... احساس، سوچ، لوچ، سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، جيڪو ٻئي جي پيڙا کي قلم وسيلي ڪاغذ تي لاهي سگهيو پئي، ان کي ڇا پاڻ ڪنهن شيءِ جو اندازو نه هوندو...؟
”ادا بس... ڏيڍ وڳي لاڏاڻو ٿيو آهي بابا جو“ فون تي خليل عارف سڏڪي ٿو.”هاڻي ايمبولينس جي انتظار ۾ هون... ادو ويو آهي ڪَرڻ... شام ڌاري گهر پهچنداسين...جوهيءَ ۾... اتي اباڻو قبرستان آهي.. واصل شاهه جو... اتي دفنائبس... ڇورو ڇنو ڪري ويو يار... اسان کي“... آواز ۾ پاڻياٺ جون لهرون بلند ٿين ٿيون ۽ فون جي لائين به ڄڻ ان ۾ ٻڏي وڃي ٿي. ساهه ڀرجي آيو آهي، معزز خواتين و حضرات... عجيب ماٺ محسوس ٿئي پئي ٿي... محبتن ۽ سڪ جي لهجي جي ماٺ، روح رولي وئي آهي... اهو مرڪندڙ، مهڪندڙ چهرو ياد اچي ٿو، جيڪو سنڌي ساروپن جو ڪمال هوندو هو... سادو سودو، نرم خُو، ڪشاده دل، حياتي ۾ جتي به ڪي گهڙيون ملاقات ٿي، پهريون تاثر ئي ”پنهنجائپ“ جو ڏيندو هو، ائين ٿيندو آهي عزيزانِ مَن... الاءِ ڪيترا وجود اوهان کي هر هر ملندا آهن... گهڙيءَ گهڙيءَ جي ميلي ۾ به، روح رلجي نه سگهندو آهي ۽ الاءِ ڪيترا روح اهڙا هوندا آهن، جن سان ڀلي ڪيترو به عرصو ترسي ڇو نه ملاقات ڪجي... سڪَ سدائين ساڳي ملندي آهي...
”اسان تي ڀي ڪڏهن قلم کڻو...“ هُجَ سان هنن گلستانِ سجاد ۾ زيب ۽ تاج جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ۾، منهنجي پروفائيلز لکڻ تي چيو هو...” اسان ڀي اوهان جا هون...“ منهنجي ڪم ڪرڻ جو انداز سادو هوندو هيو... مهمانِ محترم وٽ پاڻ حاضر ٿيندو هئس ۽ ڳالهه ٻولهه قلم بند ڪندو هئس... هنن سان اتي ئي ويهي رهيس... ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻئي واري هنن پاڻ، سڀ ڪجهه پوسٽ ذريعي موڪلي ڇڏيو. اتفاق ڪجهه اهڙو ٿي ويو جو اوچتو اهو رسالو بند ٿي ويو، مان مٿن لکي نه سگهيس... پر سندن وجود جي مَهِر ڏسو... ان کان پوءِ به جڏهن به ڪٿي ملاقات ٿي، ته هنن ڪڏهن به ڪم نه ورجايو ته انهن ڪاغذن جو ڇاٿيو...! بس هڪ مرڪ هوندي هئي جيڪا پاڻ ئي سوال ڪندي هئي ۽ پاڻ وٽ ئي سندس جواب به هوندو هو. 1965ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪندڙ، حاجي فقير شغلي سومرو جي فرزند احمد خان کي قدرت خوب نوازيو... هڪ استاد جي حيثيت سان هن پنهنجي عملي زندگي گذاري ۽ وقت اهو به اسان کي ڏيکاريو آهي ته ”ڪيفِ عشق“ نالي ڳٽڪي جي شاعر، عام حياتيءَ ۾ عام لفظن، تشبيهن، استعارن ۽ بيهڪن کي ڪيئن استعمال ڪيو آهي...
دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلربا، دلڪش
سٽ ته ڏسو، تجنيس حرفيءَ ۽ پراڻن شاعرن جي سِڪُن کي لاهيندڙ مدهوش، ڪهڙي نه ڪيف سان، جهومندو جهومائيندو وڃي ٿو...
دلِ دل گير کان هر نام تنهنجي کي وٿي ناهي...
يا وري:
ڪرين ٿو وار کولي وار، سئو سئو وار او سهڻا...
لڳاٿم ڏنگ، انگ انگ ونگَ، جنهن جو دنگ ئي ناهي...
هي لب و لهجو، ڪو خاص ناهي.. اندر جي سرڪشي، روح جي رولاڪي، درد جو آلاپ ۽ محبت جي رمز، مدهوش جي عام حالت ۾ ساڻس گڏ هوندي هئي، هن پنهنجو تخلص چونڊي رکيو هيو، کيس عشق و محبت ۾ مدهوش رهڻ ۾ ئي سدا عافيت محسوس ٿي هئي.
وڏا احسان مولا جا او شڪرانا او شڪرانا
پسائِي پاڪ پيشاني، پرين پڳدار بسم الله
اڱڻ منهنجي تي اڄ آيو مٺو منٺار بسم الله
ڪريان کيڪار، بسم الله، چوان صد بار بسم الله
پنهنجي دور جي هن سدا رنگ شاعر کي جهڙوڪر، ٽڪساٽن جي جهان جي ڪا ڪَلَ ڪا نه هئي... هو پنهنجي سادگيءَ ۾ خوش هيو ۽ يقينن اها ئي سندس وڏ ماڻپائي هئي، هو سادو هو، تڏهن ته برملا، ٻارڙن وانگر فرمائش ڪندو هو ته ”جهان مان رخصت ٿيڻ کان پهرين، هن سان ملڻو ٿو گهران، هن کي ڏسڻ ٿو گهران...“ ڄاڻندو به هيو ته هتي ڪنهن وٽ وقت ناهي... وٽس پاڻ وٽ ئي وقت نه هيو... هتي ته صاحبِ ثروت ازل ابد کان مصروف آهن...
اجگر جيڏي شهر ۾، هن حياتيءَ جو آخري مهينو گذاريو، اسڪرين تي جڏهن سندس ميت جا فليشز پيا اچن ته الائي ڇو پهريون خيال اڪيلائپ جو اچي پيو... اڪيلو ته ماڻهوءَ کي ٿيڻو ئي آهي.. هيٺ ماٺار ۾ اڪيلائي ئي ته ملڻي آهي... هونئن، هنن سٽن لکڻ مهل سندس جسدِ خاڪي يقينن اڪيلو نه هوندو، روڊن رستن تي ڊوڙندڙ ايمبولينسن ۾ موجود سندس فرزند خليل ۽ شڪيل سان، ماڻهن جا ميل هوندا، هڪ عوامي شاعر رخصت ٿيو آهي، سندس گهر تي به رش ٿي وئي هوندي، پر الاءِ ڇو پاڻ کان پاڻ ئي سوال ڪرڻ تي دل چوي ٿي... اسان هن کي اڪيلو ڇڏيو نه...؟
ٽِڪر هلي پيو ٿو ته سڄي مهيني، ڪو بالا عملدار لڙي نه آيو، چڱو ٿيو ته ڪو نه آيو... نه ته ازل اجل جي راهه تي هلندڙ، عوامي رنگ جي عوامي شاعر کي وڃڻو ته هونئن ئي هو... جي ڪنهن، گلدستي، ڪنهن لفافي جي بار هيٺ هليو وڃي ها... ته شايد سندس قدآور شخصيت، پنهنجي قد ۾ اضافي کي ڏسي نه سگهي ها... ۽ هونئن به احمد خان مدهوش، عام شاعر هيو، ڪو خواص جو دوست ته نه هيو، جو کين سندس وڇوڙي يا حالت جي خبر هجي ها.
دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري، ڪنهن کي هي غم عطا خدا نه ڪري
توکي سامهون ويهاري مدهوش، ڇا ڪري جي خدا خدا نه ڪري
بهرحال، سانحو ته ٿيو آهي... سنڌي شاعريءَ ۾ عام لب و لهجي جو دوست جدا ٿي ويو آهي.. وڇوڙي جو غم عطا ٿي ويو آهي... اجل جو تير خطا نه ٿيو آهي... دعا اها آهي ته احمد خان مدهوش پنهنجي پڇاڻي ۾ به سرخرو ٿئي...آمين